ڪراچي-08 مئي (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ چيو آهي ته ٿيليسيما صرف مريض لاءِ نه پر سڄي خاندان لاءِ هڪ چئلينج آهي عوام کي اپيل آهي ته ٿيليسيما جي مريضن جي زندگي بچائڻ لاءِ رت جو عطيو ڪن ۽ هن بيماري کان بچاءَ لاءِ آگاھي کي هٿي وٺرائين. اهڙو اظهار هن ٿيليسيما جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ ڪيو. هن چيو ته هن موروثي ۽ موتمار بيماري بابت آگاھي وڌائڻ جي ضرورت آهي. هن وڌيڪ چيو ته نئين نسل کي ٿيليسيما کان بچائڻ سنڌ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. مراد علي شاهه ٻڌايو ته صوبي ۾ ٿيليسيما جي علاج لاءِ جديد طبي سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن. سنڌ بلڊ ٽرانسفيوزن اٿارٽي موجب صوبي جي 26 مرڪزن ۾ 9525 مريض رجسٽرڊ آهن جن ۾ اڪثريت ٻارن جي آهي. وڏي وزير ٻڌايو ته سنڌ حڪومت نادرا جي ڪورنگي ۽ صفورا مرڪزن ۾ ٿيليسيما ۽ هيپاٽائٽس جي مفت سڃاڻپ لاءِ خاص ڊيسڪ قائم ڪيا آهن. ان کان علاوه بيماري جي پکيڙ کي روڪڻ لاءِ شادي کان اڳ اسڪريننگ کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ڪوششون جاري آهن. وڏي وزير زور ڏنو ته تعليمي ادارن، ميڊيا پليٽ فارمن ۽ ڪميونٽي پروگرامن ۾ آگاھي مهمون جاري آهن. هن چيو ته ٿيليسيميا جي روڪٿام لاءِ وڌيڪ موثر قدمن جي ضرورت آهي ۽ تجويز ڏني ته هڪ جامع اسڪريننگ پروگرام شروع ڪرڻ سان هن بيماري جي پکيڙ ۾ نمايان گهٽتائي آڻي سگهجي ٿي. مراد علي شاهه ٿيليسيما کي منهن ڏيڻ لاءِ والدين، استادن ۽ مذهبي اڳواڻن جي اهم ڪردار کي پڻ اجاڳر ڪيو ۽ اعلان ڪيو ته صوبي ۾ عوامي آگاھي کي وڌيڪ تيز ڪيو ويندو.