اسلام آباد-08 مئي (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ دوران پاڪ فوج جي جرئتمنداڻي ۽ وقت سر ڪاررواين کي زبردست خراجِ تحسين پيش ڪيو. سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب هن چيو ته پاڪ فوج ڀارتي اڳرائيءَ جو مؤثر ۽ دليراڻو جواب ڏنو آهي، ان جو مثال دنيا جي هٿياربند تاريخ ۾ نٿو ملي. سينيٽ چيئرمين واضح ڪيو ته پاڪستان پنهنجي سرزمين جي حفاظت خودمختياري ۽ سالميت جي تحفظ لاءِ هر ممڪن قدم کڻندو ۽ دشمن جي جارحاڻي عمل جو ڀرپور ۽ مُنهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو. هن چيو ته پاڪ فوج فضائي حدن جي ڀڃڪڙيءَ تي جنهن پيشيوراڻي مهارت سان ڀارتي اڳرائيءَ جو جواب ڏنو آهي ان تي پوري قوم کي فخر آهي. سينيٽ چيئرمين چيو ته ڀارت کي هاڻ ڪنهن به مهم جوئي ۽ جارحاڻن قدمن کان اڳ 100 ڀيرا سوچڻو پوندو، ڇاڪاڻ ته پاڪ فوج ۽ پوري قوم متحد آهي. هن واضح لفظن ۾ چيو آهي ته دشمن کي آئينده اهڙي ڪاري ضرب لڳائينداسين جنهن جو هو تصور به نٿا ڪري سگهن. هن چيو ته پاڪستاني هٿياربند فوج مختلف علائقن ۾ ڀارتي ڊرون حملن کي نه صرف ناڪام بنايو پر کين تباهه ۽ برباد ڪري اهو ثابت ڪيو آهي ته پاڪستان جي فضائي، زميني ۽ سامونڊي فوج ڪنهن به قسم جي اڳرائيءَ جو مُنهن ٽوڙ جواب ڏيڻ جي مڪمل صلاحيت رکن ٿيون. سينيٽ چيئرمين چيو ته ڀارت جي موجوده حڪومت جي انتهاپسنداڻي ۽ جنگ جي سوچ ان کي عالمي سطح تي شرمنده ڪري ڇڏيو ۽ سفارتي محاذ تي به دنيا پاڻ تي کلائي رهيو آهي. سينيٽ چيئرمين ان ڳالهه جي به آجيان ڪئي ته عالمي برادري ۽ مختلف ملڪن پاڪستان جي مؤقف جي حمايت ڪئي ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ پاڪستان جي ڪردار کي ساراهيو آهي. هن ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته پاڪستان آئينده به پنهنجي خودمختياري، سالميت ۽ خطي جي امن لاءِ هر ممڪن ڪردار ادا ڪندو رهندو.