لاهور-08 مئي (اي پي پي) پنجاب جي گورنر سردار سليم حيدر خان ڀارت طرفان شهري آباديءَ تي ڊرون حملن جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. هن چيو ته پاڪستان جي فوج وقت سر ڊرون ڪيرائڻ تي کيرون لهڻي. هن چيو ته پاڪ فوج سمورا ڊرونز ڪيرائي دشمن جا ارادا مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيا. پاڪستان ڀارت جي بزدلاڻن ڊرون حملن جو اهڙو جواب ڏيندو جو ڀارت قيامت تائين ياد رکندو. گورنر چيو ته معصوم ٻارن ۽ عورتن تي رات جي اونداهيءَ ۾ ڊرون حملن جي شديد مذمت ڪريان ٿو. هن چيو ته پاڪستان جي فوج دنيا جي بهترين فوج آهي جيڪا موجوده حالتن ۾ هر مشڪل جو مقابلو ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي. سردار سليم حيدر چيو ته پاڪ فوج جي هر سپاهي سان گڏ بيٺل آهي. پنجاب جي گورنر چيو ته ڀارت جي بزدلاڻن حملن سان قوم جا حوصلا ڪمزور نٿا ٿي سگهن. هن ڊرون حملي ۾ فتح جنگ جي علائقي جبي ۾ شهري جي شهادت تي گهري ڏُک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. گورنر ڊرون حملن ۾ زخمي ماڻهن جي جلد صحتيابيءَ لاءِ دُعا ڪئي.