اسلام آباد-07 مئي (اي پي پي) سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ فوجي عدالتن ۾ عام ماڻهن جي ٽرائل کي ڪالعدم قرار ڏيڻ خلاف اپيلون منظور ڪندي فوجي عدالتن ۾ عام ماڻهن جو ٽرائل درست قرار ڏئي ڇڏيو ۽ ڪيس جو لکت ۾ فيصلو به جاري ڪري ڇڏيو. سپريم ڪورٽ جي جسٽس امين الدين خان جي سربراهيءَ ۾ 7 رڪني آئيني بينچ فوجي عدالتن ۾ عام ماڻهن جي ٽرائل کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جي خلاف فيصلي اپيلن تي گذريل ڏينهن محفوظ ٿيل مختصر فيصلو ٻُڌايو. آئيني بينچ جي سربراهه جسٽس امين الدين خان فيصلو ٻُڌائيندي چيو ته فوجي عدالتن ۾ عام ماڻهن جي ٽرائل جي حوالي سان انٽرا ڪورٽ اپيلون 2-5 جي اڪثريت سان منظور ڪيون وڃن ٿيون. اڪثريتي فيصلي سان ٻن ججن جسٽس جمال خان مندوخيل ۽ جسٽس نعيم اختر افغان اختلاف ڪيو آهي. بعد ۾ عدالت طرفان 10 صفحن تي ٻَڌل مختصر لکت وارو فيصلو به جاري ڪيو ويو. لکت واري فيصلي ۾ چيو ويو ته آئين جي روشنيءَ ۾ ٽو ڊي ون ۽ ٽو کي ڪالعدم نٿو ڪري سگهجي، آئين جي آرٽيڪل 233 تحت بنيادي حقن جي معطلي جو ڪو به سوال ناهي. اٽارني جنرل موجب 9 مئي تي ٿيل حملا تاريخ جا خراب ترين حملا هئا. 9 مئي جي نتيجي ۾ مختلف ڪيس داخل ڪيا ويا، 9 مئي تي مختلف آفيسرن خلاف به سخت ڪارروائي ڪئي وئي آهي. فيصلي ۾ چيو ويو ته سمورن بنيادي آئيني حقن تي ڪجهه قانوني پابنديون به آهن. پُرامن احتجاج تي ڪابه پابندي ناهي، ڌُرين جي وڪيلن 9 مئي واقعن کان انڪار ناهي ڪيو ۽ ڌُرين جي وڪيلن طرفان ڪيسن کي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ هلائڻ جو مؤقف اختيار ڪيو ويو. شرپسند، قانون ٽوڙيندڙن کي ڏوهه ثابت ڪرڻ تي سزا ملڻ گهرجي. فيصلي ۾ اهو چيو ويو ته ڌار فورم تي اپيل جو حق ملڻ آزاد ۽ منصفاڻي ٽرائل جو بنيادي حصو آهي. اٽارني جنرل مطابق 10 اي تحت فري ٽرائل سمورن جوابدارن کي حاصل هو. فوجي عدالتن جي فيصلن خلاف هاءِ ڪورٽ ۾ اپيل جو حق ڏنو وڃي. پاڪستان آرمي ايڪٽ ۾ 45 ڏينهن اندر ترميم ڪئي وڃي. فيصلي مطابق فوجي عدالتن مان سزا ملندڙ ماڻهن جي اپيل جو مدو ترميمي نوٽيفڪيشن کانپوءِ شروع ٿيندو. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته دهشتگردي ٽوڙ عدالتن جي فوجي عدالتن کي ڪيس منتقل ڪرڻ جي حڪمن کي هاءِ ڪورٽس ۾ چئلينج ڪري سگهجي ٿو. هاءِ ڪورٽس اهڙن ڪيسن کي پنهنجي ميرٽ تي اُڪلائي. فيصلو اٽارني جنرل، سيڪريٽري نيشنل اسيمبلي، قانون، دفاع ۽ لا ڪميشن کي موڪليو وڃي. فوجي عدالتن ۾ عام ماڻهن جي ٽرائل جي فيصلي خلاف اپيلن تي ٻن ججن جو اختلافي نوٽ به جاري ڪيو ويو آهي. اختلافي نوٽ جسٽس جمال خان مندوخيل ۽ جسٽس نعيم اختر افغان طرفان لکيو ويو آهي.