اسلام آباد-07 مئي (اي پي پي) غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري وفاقي وزير سيد عمران احمد شاهه چيو آهي ته ڀارت جو حملو امن کي چيڀاٽڻ جي ناپاڪ ڪوشش آهي، پاڪستان جو عوام دشمن جي هر سازش سامهون شيهي جي ديوار آهي. پنهنجي بيان ۾ وفاقي وزير چيو ته ڪمزور نه پر باشعور ۽ عظيم قوم آهيون، غريب جون دعائون ۽ قوم جو عزم دشمن جي شڪست جي شروعات آهي. پاڪستان جو هر ماڻهو ملڪ جي دفاع ۾ پاڪ فوج سان هڪ صف ۾ بيٺل آهي. ڀارت جيڪو ٻج پوکيو آهي، ان جو نتيجو ڀوڳڻو پيس. هن چيو ته هي ملڪ صرف جاگرافيائي ناهي، قربانين جي سڃاڻپ آهي، جارحيت جو جواب قومي اتحاد ۽ فوج جي قوت سان ڏنو ويندو. وفاقي وزير چيو ته امن اسان جي ترجيح، پر خودداري اسان جو ڪردار آهي، پاڪستاني قوم فوج سان گڏ بيٺل آهي. پاڪ فوج جي جوابي ڪارروائي تي اسان کين خراج تحسين پيش ڪريون ٿا، ڪو به دشمن اسان جي حوصلن کي شڪست نٿو ڏئي سگهي. ظلم جو جواب تدبر ۽ تياري سان ڏنو ويندو.