اسلام اباد-07 مئي (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سان آمريڪا جي وقتي سفير نيٽلي بيڪر ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ڀارت جي حملي کانپوءِ پيدا ٿيندڙ صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. آمريڪا جو پوليٽيڪل قونصلر زيڪ هارڪن رائيڊر ۽ مملڪتي وزير طلال چوڌري به ان موقعي تي موجود هئا. وفاقي گهرو وزير وقتي سفير کي ڀارتي حملي سان پيدا ٿيل صورتحال بابت بريف ڪيو. هن چيو ته ڀارت ڏکڻ ايشيا جي امن کي داءُ تي لڳائي ڇڏيو آهي. ڀارت علائقائي امن کي نقصان پهچايوآهي، ڀارت شهرين کي نشانو بنائي عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي. هن چيو ته پاڪستان وطن جي دفاع لاءِ دشمن کي ڀرپور جواب ڏنو. پاڪستان انتهائي تحمل جو مظاهرو ڪيو پر اسان پنهنجي سلامتيءَ تي ڪا سوديبازي نه ڪنداسين. گهرو وزير چيو ته ڀارت جي خطرناڪ عزمن سان پهريان ئي دوست ملڪن کي آگاهه ڪري ڇڏيو هو. جڏهن ته وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سان اٽلي جي گهرو وزير ميٽيوپنٽي ڊوسي ملاقات ڪئي، جنهن ۾ هن پنهنجي اطالوي هم منصب کي گذريل رات ڀارت جي بزدلاڻي ڪارروائي ۽ اڳرائي بابت آگاهه ڪيو ۽ـ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي آڻڻ لاءِ مقصد وارين ڪوششن جي ضرورت تي زور ڀريو. اٽلي جي گهرو وزير 26 شهرين جي شهيد ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ۽ سوڳوار خاندانن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. گهرو وزير محسن نقوي چيو ته ڀارت شهري آباديءَ کي نشانو بنائي عالمي قانون جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي. ٻارن ۽ عورتن سميت 26 شهري شهيد ٿيا، پاڪستان جي هٿياربند فوج ڀارتي اڳرائيءَ جو مُنهن ٽوڙ جواب ڏنو ۽ دشمن جا 5 ويڙهاڪ جهاز تباهه ڪيا. پهرين ڏينهن کان ڀارت جي خطرناڪ عزمن بابت دنيا کي آگاهه ڪيو هو، خطي جي صورتحال کي خراب ڪرڻ جو ذميوار ڀارت آهي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ـ اٽلي وچ ۾ واپاري، سيڪيورٽي ناتن ۽ گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن تي ڳالهيون ٿيون. اٽلي سان سيڪيورٽي، منشيات ۽ انساني اسمگلنگ جي روڪٿام ۽ دهشتگردي خلاف سهڪار وڌيڪ اثرائتو بنائڻ تي اتفاق ٿيو. اٽلي جي گهرو وزير دهشتگرديءَ جي روڪٿام ۽ انساني اسمگلنگ جي منشيات جي روڪٿام ۾ سهڪار کي وڌيڪ وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. گهرو وزير چيو ته غير قانوني اميگريشن ۽ انهن جي سهولتڪارن خلاف سخت ڪارروائي اسان جو اولين هدف آهي. ٻنهي ملڪن منشيات ۽ ٻين ڏوهن خلاف گڏيل لائحه عمل لاءِ جوائنٽ ورڪنگ گروپ بنائڻ جو فيصلو ڪيو. اٽلي جي وزير چيو ته بارڊر سيڪيورٽيءَ کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ لاءِ اٽلي جي ٽيم جلد پاڪستان جو دؤرو ڪندي. گهرو وزير چيو ته پاڪستان ۽ اٽلي وچ ۾ منشيات جي روڪٿام لاءِ سهڪار کي اڳتي وڌائڻ لاءِ تيار آهيون. گذريل سال 3000 کان وڌيڪ غير قانوني انساني اسمگلنگ ۾ ملوث ماڻهن ۽ 500 سهولتڪار پڪڙيا ويا آهن. اٽلي ۽ پاڪستان وچ ۾ ٽرانز نيشنل ڏوهن جي سلسلي ۾ ڊڪليريشن، مائيگريشن ۽ ليبر موبيليٽي تي ايم او يو سائين ڪرڻ تي اتفاق ٿيو. اٽلي جي گهرو وزير انساني اسمگلنگ ۽ منشيات جي روڪٿام ۾ پاڪستاني ادارن جي پيشيوراڻي صلاحيتن کي ساراهيو.