اسلام آباد – 01 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪ ۾ توانائي جي پيداوار ۽ پاڻي جي وڏي ذخيري جو موثر نظام قائم ڪرڻ جي لاءِ ديامر ڀاشا ڊيم جهڙن منصوبن کي ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته توانائي جي منصوبن جي تڪميل ۾ ڪنهن به قسم جي دير قابل قبول نه آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ملڪ ۾ بجلي جي اگهن ۾ گهٽتائي ۽ توانائي جي شعبي ۾ پائيدار سڌارن جي حوالي سان انٽيگريٽيڊ جنريشن ڪيپسٽي ايڪسپينشن پلان (آءِ جي سي اي پي 2024 – 2034ع) جو اجلاس ٿيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته بجلي جي اگهن ۾ تازي اٽڪل ساڍا 7 رپيا گهٽتائي کانپوءِ پاڪستان حڪومت عوام جي وڌيڪ سهولت لاءِ توانائي جي شعبي ۾ پائيدار سڌارن جي لاءِ هڪ موثر حڪمت عملي تي عمل پيرا آهي. وزيراعظم ملڪ ۾ توانائي جي پيداوار ۽ پاڻي جي وڏي ذخيري جو موثر نظام قائم ڪرڻ جي لاءِ ديامر ڀاشا ڊيم جهڙن منصوبن کي ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته توانائي جي منصوبن جي تڪميل ۾ ڪنهن به قسم جي دير قابل قبول نه آهي. وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ تمام جلد بجلي جي پيداوار جي لاءِ فري مارڪيٽ قائم ڪئي ويندي، مارڪيٽ قائم ٿيڻ سان چٽاڀيٽي جي بنياد تي بجلي جي فراهمي ممڪن ٿيندي جيڪا بجلي جي پائيدار فراهمي ۽ اگهن ۾ وڌيڪ گهٽتائي جو سبب بڻجندي. اجلاس ۾ وزيراعظم کي توانائي جي شعبي ۾ سڌارن بابت آگاهه ڪيو ويو. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته وزيراعظم جي هدايت تي جڏهن آءِ جي سي اي پي جو ٻيهر جائزو ورتو ويو ته اها ڳالهه سامهون آئي ته ان ۾ وڌيڪ بهتري جي گنجائش آهي، توانائي واري وزارت ڏينهن رات محنت ڪرڻ کانپوءِ ان کي زميني حقيقتن ۽ مستقبل جي ضرورتن موجب ٻيهر تيار ڪيو. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ايندڙ 10 سالن جي لاءِ بجلي جي پيداواري منصوبن ۾ چٽاڀيٽي ٻولي ۽ گهٽ ترين قيمت تي بجلي جي وڪري جي لاءِ راهه هموار ڪئي وئي آهي، ڪل 7976 ميگاواٽ جي مهانگي منصوبن کي بجلي جي پيداوار جي منصوبي (آءِ جي سي اي پي) مان ڪڍيو پيو وڃي، بجلي جي پيداوار جي منصوبن جي تاريخن ۾ ڦيرڦار ڪئي پئي وڃي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته مهانگي منصوبن کي پلان مان ڪڍڻ ۽ منصوبن جي تڪميل جي تاريخن ۾ ڦيرڦار سان مجموعي طور تي 17 ارب ڊالر (4743 ارب رپين) جي بچت ٿيندي، بجلي جي پيداوار جي لاءِ مقامي زخيرن ۽ شمسي، نيوڪليئر ۽ پن بجلي جهڙن متبادل ذريعن کي درآمدي ٻارڻ تي ترجيح ڏني ويندي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته حڪمت عملي سان پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن ۾ ڪيترائي ارب ڊالر جي بچت ٿيندي، حڪومت پاران بجلي جي خريداري ۽ بجلي ٺاهيندڙ ڪمپنين کي ڪيپسٽي پيمنٽ آهستي آهستي ختم ڪئي ويندي. وزيراعظم پاور واري وفاقي وزير سردار اويس لغاري ۽ سندس ٽيم کي ملڪ جي لاءِ 4743 ارب رپين جي بچت کي ساراهيو ۽ ان کي هڪ ٻي تاريخي ڪاميابي قرار ڏنو. اجلاس ۾ توانائي واري وفاقي وزير سردار اويس لغاري، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ ۽ لاڳاپيل ادارن جي اعلي آفيسرن شرڪت ڪئي.