اسلام آباد – 30 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڀارت جي وڌندڙ اشتعال انگيز رويي کي انتهائي مايوس ڪندڙ ۽ ڳڻتي جوڳو قرار ڏيندي آمريڪا تي زور ڏنو آهي ته هو ڀارت تي دٻاءُ وجهي ته هو اشتعال انگيز بيانن کان پاسو ڪري ۽ ذميواري کان ڪم وٺي، سنڌ طاس معاهدي ۾ ڪنهن به ڌر جي لاءِ هڪطرفي طور تي دستبردار ٿيڻ جي ڪا شق نه آهي، ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جو پرامن حل ئي ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن کي يقيني بڻائڻ جو واحد رستو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو ٽيليفونڪ رابطو ڪيو، آمريڪي پرڏيهي وزير سان ڳالهائيندي وزيراعظم آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ پاڪستان پاران گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن تي آمريڪي انتظاميا سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. وزيراعظم آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو کي پهلگام واقعي کانپوءِ ڏکڻ ايشيا ۾ تازي اڳڀرائي تي پاڪستان جي موقف کان آگاهه ڪيو. هر قسم جي دهشتگردي جي مذمت ڪندي وزيراعظم دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي اهم ڪردار جو ذڪر ڪيو ۽ چيو ته دهشتگردي جي خلاف عالمي جنگ ۾ پاڪستان 90000 کان وڌيڪ جانين جي قرباني ڏني ۽ پاڪستان کي 152 ارب ڊالر کان وڌيڪ جو معاشي نقصان برداشت ڪرڻو پيو. ڀارت جي وڌندڙ اشتعال انگيز رويي کي انتهائي مايوس ڪندڙ ۽ ڳڻتي جوڳو قرار ڏيندي وزيراعظم چيو ته ڀارت جي اشتعال انگيزي دهشتگردي خاص طور تي افغان سرزمين تان سرگرم آءِ ايس ڪي پي، ٽي ٽي پي ۽ بي ايل اي سميت عسڪريت پسند گروپن کي شڪست ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان جي جاري ڪوششن تان ڌيان هٽائڻ جو ڪم ڪري رهي آهي. هن پهلگام واقعي سان پاڪستان کي ڳنڍڻ جي ڀارتي ڪوششن کي واضح لفظن ۾ رد ڪيو ۽ حقيقتون سامهون آڻڻ جي لاءِ شفاف، قابل اعتماد ۽ غيرجانبداراڻي جاچ جي مطالبو جو ورجاءُ ڪيو. هن آمريڪا تي زور ڏنو ته هو ڀارت تي دٻاءُ وجهي ته هو اهڙن اشتعال انگيز بيانن کان پاسو ڪري ۽ ذميواري کان ڪم وٺي. هن چيو ته اهو انتهائي افسوسناڪ آهي ته ڀارت پاڪستان جي خلاف پاڻي جارحيت جي چونڊ ڪئي، جيڪو پاڪستان جي 240 ملين ماڻهن جي لاءِ لائيف لائين آهي. وزيراعظم ان ڳالهه تي پڻ زور ڏنو ته سنڌ طاس معاهدي ۾ ڪنهن به ڌر جي لاءِ هڪطرفي طور تي دستبردار ٿيڻ جي ڪا شق نه آهي. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جو پرامن حل ئي ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن کي يقيني بڻائڻ جو واحد رستو آهي. پاڪ – آمريڪا ٻطرفي تعاون بابت وزيراعظم ان ڳالهه تي روشني وڌي ته پاڪستان ۽ آمريڪا گذريل 70 سالن ۾ گڏجي ڪم ڪيو آهي ۽ ٻئي ڌريون وڌيڪ ڪيترن ئي شعبن بشمول دهشتگردي جي خاتمي ۽ معاشي تعاون کي وڌائڻ، معدنيات جي شعبي ۾ پڻ تعاون ڪري سگهن ٿيون. وزيراعظم چيو ته سندس حڪومت گذريل هڪ سال دوران وڏا اقتصادي سڌارا آندا آهن ۽ ان جي نتيجي ۾ پاڪستان هاڻي اقتصادي بحالي جي راهه تي گامزن آهي. آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو تفصيلي ڳالهه ٻولهه تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ ٻنهي ڌرين کي گڏجي ڪم جاري رکڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.