اسلام آباد – 01 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اسان پنهنجي پورهيتن جي لاءِ روزگار حاصل ڪرڻ دوران محفوظ، صحتمند ۽ باوقار حالتن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پنهنجي پختي عزم جو ورجاءُ ڪريون ٿا، پاڪستان مزدورن ۽ افرادي قوت جي تحفظ کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ اهم قانونسازي ۽ انتظامي سڌارا ڪيا آهن، پيشيواراڻي تربيت جي ذريعي ترجيحي بنيادن تي نوجوانن ۽ عورتن کي بااختيار بڻائڻ تي خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب مزدورن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته اڄ جڏهن پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ مزدورن جو ڏينهن ملهايو پيو وڃي، پاڪستان پنهنجي پورهيتن جي لاءِ روزگار حاصل ڪرڻ دوران محفوظ، صحتمند ۽ باوقار حالتن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پنهنجي پختي عزم جو ورجاءُ ڪري ٿو، اسان جي پورهيت افرادي قوت اسان جي قوم جي ترقي ۽ حالتن کي منهن ڏيڻ جي اسان جي صلاحيت جي پٺيال اصل محرڪ آهي. هن چيو ته مزدورن جي بنيادي حقن جو تحفظ پاڪستان جي آئين ۾ لکيل آهي ۽ اهو انٽرنيشنل ليبر آرگنائيزيشن (آءِ ايل او) جي بنيادي ڪنوينشنز سان مڪمل طور تي هم آهنگ آهي جنهن جو پاڪستان بطور هڪ ذميوار صحيحون ڪندڙ ملڪ آهي. شهباز شريف چيو ته انهن نظرين جي پيروي ۾ پاڪستان مزدورن ۽ افرادي قوت جي تحفظ کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ اهم قانونسازي ۽ انتظامي سڌارا ڪيا آهن، پيشيواراڻي ذميواريون سرانجام ڏيڻ دوران حفاظت ۽ صحت بابت نئين واعدن جي تڪميل ڪندي اسان اهم عالمي ليبر ڪنوينشنز بشمول جبري مزدوري ڪنوينشن ۽ ميري ٽائيم ليبر ڪنوينشن جي 2014ع جي پروٽوڪول جي توثيق ڪئي آهي. هن چيو ته پهريون ڀيرو پاڪستان ۾ هر مزدور قومي پيشيواراڻي حفاظت ۽ صحت جي سهولتن مان فائدو کڻي رهيو آهي جيڪو پوري ملڪ ۾ روزگار حاصل ڪرڻ جي ماحول کي محفوظ ۽ صحتمند جاين ۾ تبديل ڪرڻ کي يقيني بڻائي رهيو آهي. وزيراعظم چيو ته اسان جي حڪومت ايمپلائيز اولڊ ايج بينيفٽ انسٽيٽيوشن (اي او بي آءِ) ۽ ورڪرز ويلفيئر فنڊ (ڊبليو ڊبليو ايف) جهڙن ادارن ۾ شموليت کي وسيع ۽ انهن کي موثر بڻائڻ جي لاءِ اهم قدم کنيا آهن، ان ڳالهه کي يقيني بڻائيندي ته اسان جي مزدورن جي تحفظ جا ثمر افرادي قوت جي سمورن طبقن ۾و ڌيڪ برابر طور تي ورهايا وڃن. هن چيو ته ڊيجيٽائيزيشن ۽ ليبر لاء ريفارمز جي ذريعي اسان هڪ اهڙي مستقبل جي تعمير ڪري رهيا آهيون جتي هر مزدور کي باوقار ۽ محفوظ روزگار تائين پهچ حاصل هجي، ان سان گڏوگڏ هنر ۽ پيشيواراڻي تربيت جي ترقي جي قدمن خاص طور تي نيشنل ووڪيشنل اينڊ ٽيڪنيڪل ٽريننگ ڪميشن ۽ ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن اينڊ ووڪيشنل ٽريننگ اٿارٽيز جي ذريعي ترجيحي بنيادن تي نوجوانن ۽ عورتن کي بااختيار بڻائڻ تي خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي. وزيراعظم چيو ته هن اهم ڏينهن تي آئون مزدورن، ڪارڪنن، سول سوسائٽي ۽ حڪومت سميت سمورين ڌرين کي گذارش ڪريان ٿو ته اهي هڪ اهڙي معاشري جي تعمير ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪن جيڪو مزدورن جو احترام ڪري، انهن جي حقن کي برقرار رکي ۽ سڀني جي لاءِ باوقار روزگار حاصل ڪرڻ جا موقعا پيدا ڪري.