ڪاڪول-26 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهبازشريف پاڪستان طرفان
هر طرح جي دهشتگردي جي شديد مذمت کي ورجائيندي چيو آهي ته پاڪستان
هڪ ذميوار ملڪ هجڻ جي حيثيت سان پهلگام واقعي جي ڪنهن به غيرجانبدار
۽ اعتماد جوڳي جانچ ۾ شرڪت لاءِ تيار آهي، پاڻي اسان جي لائيف لائين آهي،
پاڪستان جي پاڻي کي روڪڻ جي ڪنهن به ڪوشش جو پوري طاقت سان
جواب ڏنو ويندو، امن اسان جي ترجيح آهي پر ان کي اسان جي ڪمزوري نه
سمجهيو وڃي، اسان پنهنجي ملڪ جي وقار ۽ سلامتي تي ڪنهن به قسم جو
ٺاهه نه ڪنداسين. گذريل ڏينهن پاڪستان ملٽري اڪيڊمي جي ڪيڊٽس جي
پاسنگ آئوٽ پريڊ کي خطاب ڪندي وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته اوڀر
سرحد تي اسان جي پاڙيسري ملڪ پهلگام جي تازي سانحي ۾ ڀروسي جوڳي
جاچ يا تصديق ٿيل ثبوتن کانسواءِ استحصال ۽ بي بنياد ۽ڪوڙا الزام لڳائڻ جو
پنهنجو رويو جاري رکيو آهي جيڪو ان جي دائمي الزام تراشي جو هڪ ٻيو
مثال آهي، جنهن کي روڪڻ ضروري آهي. سنڌ طاس معاهدي کي معطل ڪرڻ
جي ڀارت جي اعلان جي حوالي سان وزيراعظم چيو ته پاڻي پاڪستان جو هڪ
اهم قومي مفاد آهي ۽ اسان جي 240 ملين عوام لاءِ لائف لائين به آهي. هن چيو
ته ان ۾ ڪو به شق ناهي ته پاڻي جي دستيابي کي هر قيمت ۽ هر حالت ۾ محفوظ
رکيو ويندو. سنڌ طاس معاهدي تحت پاڪستان جي پاڻي کي روڪڻ، گهٽ ڪرڻ
۽ ان جو رخ موڙڻ جي ڪنهن به ڪوشش جو پوري طاقت سان جواب ڏنو
ويندو. ان حوالي سان ڪنهن کي به ڪنهن به قسم جي غلط تاثر ۽ ٻُڏتر ۾ نه رهڻ
گهرجي. وزيراعظم چيو ته اسان جي بهادر هٿياربند فوج ڪنهن به اڳرائي خلاف
ملڪ جي سلامتي ۽ خودمختياري جي دفاع لاءِ پوري طرح سان اهل ۽ تيار
آهي، جنهن جو واضح ثبوت فيبروري 2019ع تي ڀارتي مداخلت تي ان جي
پرعزم رد عمل سان ٿئي ٿو، ان لاءِ ڪنهن کي به ان حوالي سان ڪا غلط فهمي
۾ نه هئڻ گهرجي.هن چيو ته پاڪستاني قوم پنهنجي هٿياربند فوج سان گڏ ۽ متحد
آهي ۽ پنهنجي مادر وطن جي هڪ هڪ انچ جي حفاظت لاءِ پرعزم آهي، هي
پيغام سڀني لاءِ واضح هجڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته امن اسان جي ترجيح آهي
پر ان کي اسان جي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي. اسان پنهنجي پياري پاڪستان
جي وقار ۽ سلامتي تي ڪنهن به قسم جو سمجهوتو نه ڪنداسين. هن چيو ته
پاڪستان امن ۽ سلامتي لاءِ عالمي سطح تي ذميواراڻو ۽ تعميري ڪردار ادا
ڪرڻ لاءِ پنهنجي پختي عزم کي جاري رکندو، ڇاڪاڻ ته اسان انساني بقا جي
اتحاد کي يقين رکون ٿا. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي باني قائداعظم محمد
علي جناح، ڪشمير کي پاڪستان جي شهه رڳ قرار ڏنو هو. هن چيو ته عالمي
سطح تي تسليم ٿيل تڪراري علائقو گڏيل قومن جي ڪيترن ئي ٺهرائن باوجود
حل نه ٿيو. هن چيو ته جيستائين ڪشميري پنهنجي جدوجهد ۾ ڪامياب نٿا ٿين ان
وقت تائين پاڪستان ڪشميرين جي خوداراديت واري حق لاءِ جاري جدوجهد ۽
عظيم قربانين جي حمايت جاري رکڻ لاءِ پرعزم آهي. وزيراعظم چيو ته
افغانستان اسان جو پاڙيسري ملڪ آهي ۽ اسان جي دلي خواهش آهي ته مستقبل
۾ ان سان پرامن رهون پر بدقسمتي سان اسان جي مخلصاڻي ڪوششن باوجود
افغانستان سرزمين تان دهشتگردي جون ڪارروايون جاري آهن. هن وڌيڪ
چيو ته نائب وزيراعظم ويجهڙ ۾ ئي ڪابل جو دورو ڪيو ۽ پنهنجي پاڙيسري
ملڪ افغانستان سان بهتر لاڳاپن ۽ افهام و تفهيم لاءِ پنهنجي ڪوششن جي عزم
کي ورجايو آهي جڏهن ته هن عارضي افغان حڪومت کي هڪ واضح پيغام به
ڏنو ته اسان ڪابل سان پرامن پاڙيسري لاڳاپن جا خواهشمند آهيون پر ان وقت
ائين ممڪن نٿو ٿي سگهي جيستائين فتنه الخوارج پاڪستان ۾ بي گناهه ماڻهن کي
مارڻ لاءِ افغان سرزمين استعمال ڪري رهيا هجن. وزيراعظم چيو ته ڀارت ۾
پنهنجي اقليتن خاص طور مسلمانن ۽ سکن خلاف منظم طريقي سان باقاعده مهم
هلائڻ جو سلسلو گذريل سالن ۾ وڌي ويو آهي. هن زور ڀريو ته ڀارت کي
پنهنجي مظلوم اقليتن جي حقن جي تحفظ لاءِ عالمي قانونن تحت پوري ذميواري
قبول ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ٻئي طرف پاڪستان هميشه دهشتگردي جي هر
شڪل ۾ مذمت ڪئي آهي. هن چيو ته دهشتگردي خلاف دنيا جي فرنٽ لائن
رياست طور پاڪستان 90 هزار انساني جانين جي نقصان ۽ 600 بلين ڊالرن
کان وڌيڪ جو معاشي نقصان برداشت ڪيو آهي. هن چيو ته هن درد کي اسان
پاڪستانين کان وڌيڪ ڪير سمجهي سگهي ٿو جن دهشتگردي خلاف جنگ ۾
تمام گهڻيون قربانيون ڏنيون هجن. هن سوال ڪيو ته ڇا پاڪستان کان وڌيڪ
ڪنهن ملڪ کي دهشتگردي سان ايڏو وڏو نقصان ٿيو آهي؟ وزيراعظم چيو ته
اسان جو عزم پختو آهي ۽ اسان ڪنهن به قسم جي دهشتگردي کي ڪنهن به
صورت ۾ برداشت نه ڪنداسين ۽ اسان هميشه ان جو ثبوت پڻ ڏنو آهي. هن چيو
ته معاشي ماٺار جي دور کانپوءِ پاڪستان معاشي بحالي طرف جرئتمنداڻي
اڳڀرائي ڪري رهيو آهي، جيتوڻيڪ هي چئلينجز سان ڀريل هڪ ڊگهو سفر
آهي پر اوهان جي دعائن ۽ الله تعاليٰ جي مدد سان اسان پرعزم جذبي سان اڳتي
وڌڻ لاءِ ڳالهيون ڪنداسين. هن چيو ته حڪومت جا قدم اهم سنگ ميل عبور
ڪري رهيا آهن، کاڻين جي کوٽائي، زراعت، لائيو اسٽاڪ، آءِ ٽي ۽ دفاعي
پيداوار جهڙن اهم شعبن ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري کي راغب ڪري رهيا آهيون.
وزيراعظم چيو ته سفارتي محاذ تي به اسان عالمي سطح تي پهچ کي هٿي وٺرائڻ
لاءِ نوان لاڳاپا هموار ڪري ڪندي پراڻي ۽ وقتي دوستي کي ٻيهر هٿي ڏني
آهي. هن چيو ته 26-2025ع جي مُدي لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل
جي غير مستقل ميمبر طور پاڪستان عالمي امن ۽ سلامتي کي هٿي وٺرائڻ ۽
گڏيل قومن جي چارٽر کي برقرار رکڻ لاءِ پوري طرح پرعزم آهي. وزيراعظم
چيو ته مون هميشه مختلف موقعن ۽ پليٽ فارمن تي فلسطين جي معصوم ماڻهن
لاءِ آواز اٿاريو ۽ فلسطين جي آزاد ۽ خودمختيار رياست جي مطالبي کي گڏيل
قومن جي ڪيترن ئي ٺهرائن ۾ تقدس بخشيو آهي. وزيراعظم ڪيڊٽس کي
مبارڪون ڏيندي چيو ته هو پنهنجي بهادري، نظم ۽ ضبط ۽ قوم لاءِ پختي عزم
لاءِ مشهور دنيا جي بهترين فوج ۾ شامل ٿيا آهن. هن ڀائر ملڪن جي ڪيڊٽس کي
ڪورسز جي پڄاڻي تي مبارڪون پيش ڪيون ۽ چيو ته هي اسان جي صديون
پراڻي روايت آهي ته اسان مهمانن کي پنهنجي خاندان جي هڪ حصي طور
هميشه کليل ٻانهن سان آڌرڀاءُ ڪندا رهنداسين. هن ان اعتماد جو اظهار پڻ ڪيو
ته اسان پاڻ کي عظيم قائد جي ويزن ۽ ان جي ايمان، اتحاد ۽ نظم و ضبط جي
سنهري اصولن جي محافظن طور تبديل ڪنداسين. ان کان اڳ وزيراعظم پريڊ
جو معائنو ڪيو ۽ بهترين ڪيڊٽس ۾ انعام پڻ ورهايا. تقريب ۾ بچاءُ واري وفاقي
وزير خواجه آصف، سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، چيف آف آرمي
اسٽاف جنرل سيد عاصم منير، هٿياربند قيادت، سفارتي ڪور جي ميمبرن ۽
ڪيڊٽ جي والدين پڻ شرڪت ڪئي.