اسلام آباد-26 اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم/پرڏيهي وزير سينيٽر محمد
اسحاق ڊار سان برطانوي هاءِ ڪمشنر ملاقات ڪئي آهي. ان موقعي تي
علائقائي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان
طرفان ڪالهه جاري ڪيل بيان موجب ملاقات دوران ڌرين هاڻوڪي علائقائي
اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. محمد اسحاق ڊار برطانوي هاءِ ڪمشنر
سان ڳالهين دوران علائقائي امن ۽ سلامتي کي يقيني بڻائيندي قومي مفادن جي
تحفظ لاءِ پاڪستان جي عزم کي ورجايو.