اسلام آباد-26 اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم / پرڏيهي وزير سينيٽر محمد
اسحاق ڊار سان آذربائيجان جي پرڏيهي وزير جيهون بيراموف ڪالهه ٽيليفون
تي رابطو ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان طرفان جاري بيان موجب ڳالهين
دوران اسحاق ڊار کيس غير قانوني ڀارتي والاريل ڪشمير ۾ هاڻوڪي اڳڀرائي
کان آگاهه ڪيو. ڀارت جي بي بنياد الزامن کي رد ڪندي نائب وزيراعظم ۽
پرڏيهي وزير پاڪستان خلاف ڀارت جي ڪوڙي پروپيگنڊا کان خبردار ڪيو ۽
ڄمون ڪشمير جي تڪراري علائقي جي معاملي تي پاڪستان جي موقف جي
مسلسل حمايت تي آذربائيجان جو ٿورو مڃيو، ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽
آذربائيجان وچ ۾ خاص ڪري واپار ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ جاري ٻطرفي
تعاون تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.