واشنگٽن-22 اپريل (اي پي پي)ناڻي ۽ محصول واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان ايڪسپورٽ تي ٻڌل جٽادار اوثر 7 اهم شعبن ۾ ملڪ ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ واڌ لاءِ جامع قدم کڻي رهيو آهي. سرڪاري ادارن جي بهتري لاءِ ڍانچيوار سڌارن جو عمل ڪاميابي سان اڳيان وڌي رهيو آهي. معيشت درست رخ تي گامزن آهي ۽ اهم معاشي اهڃاڻن سان معيشت جي بهتري جي عڪاسي ٿي رهي آهي. هن اها ڳالهه گذريل ڏينهن عالمي بينڪ ۽ عالمي مالياتي فنڊ جي بهار جي موسم جي سالياني اجلاس جي موقعي تي ملاقات ۾ ڳالهائيندي ڪيو. برطانوي فرم ڊيلوئٽ جي وفد سان ملاقات ۾ ناڻي واري وزير وفد کي پاڪستان جي معاشي حالتن ۽ شعبن جي ترقي لاءِ حڪموتي ايجندا ۽ ايڪسپورٽ تي ٻڌل ترقياتي ترڄيحات کان آگاهه ڪيو. ڌرين توانائي جي شعبي ۾ سڌارن، اهم معدنيات جي ڳولا 7 مارڪيٽنگ، نجڪاري، تيڪنالاجي، ڪرپٽو پاليسي ۽ ملڪي شراڪتداري فريم ورڪ تي عمل جي امڪانن تي ڳالهيون ڪيون. ناڻي واري وزير مئي 2025ع ۾ ڊيلوئٽ جي پاڪستان جي تجويز هيٺ دوري جي آجيان ڪئي. هن انٽرنيشنل فنانس ڪارپوريشن جي ريجنل نائب صدر سان به ملاقات ڪئي ۽ نجي شعبي جي سڌارن، توانائي جي منتقلي ، بلدياتي مالياتي نظام جي بهتري ۽ مڪمل روزگار جي قدمن تي ڳالهيون ڪيون. هن ان موقعي تي ڊي پي آر تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ۽ بلوچستان ۾ ريڪوڊڪ ڪاپر اينڊ گولڊ مائين منصوبي لاءِ عالمي مالياتي ڪارپوريشن ذريعي 2.5 ارب ڊالرن جي قرض جي فنانسنگ جي اهم ڪردار جي واکاڻ ڪئي. ناڻي واري وزير ان ڳالهه تي زور ڀريو ته مقامي برادري کي منصوبي جي معاشي فائدن مان لاڀ کڻڻ گهرجي. ناڻي واري وزير آءِ ايم ايف جي ايم ڊي ڪرسٽاليناجارجيوا سان به ملاقات ڪئي. ناڻي واري وزير استاف ليول معاهدو طعي ٿيڻ ۽ آر ايس ايف تحت نئين سهولت شروع ڪرڻ تي آءِ ايم ايف جا ٿورا مڃيا. هن پاڪستان ۾ سڌارن جو تسلسل برارار رکڻ جي حڪومتي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ ڪرسٽاليناجارجيوا کي وزير اعظم محمد شهباز شريف پاران پاڪستان جي دوري جي دعوت به ڏني. ناڻي واري وزير آمريڪي ناڻي کاتي جي اسسٽنٽ سيڪريٽري رابرٽ ڪيپروٿ سان به ملاقات ڪئي ۽ کيس پاڪستان جي معاشي اهڃاڻن ۾ بهتري کان آگاهه ڪيو. هن ٽيڪس نظام، توانائي، نجڪاري، سرڪاري ادارن، پينشن ۽ قرضن جي انتظام بابت جاري سڌارن کي اجاگر ڪيو. ناڻي واري وزير پاڪستان کي درپيش آبادي ۾ اضافي ۽ موسمياتي چئلينجز کي منهن ڏيڻ ۾ عالمي بئنڪ جي ڪردار کي اهم قرار ڏنو. عالمي بئنڪ جي صدر راجي بانگا سان ملاقات دوران ناڻي واري وزير پاڪستان لاءِ عالمي بئنڪ جي تاريخي معاونت تي ٿورو مڃيو ۽ ڪنٽري پارٽنرشپ تحت هڪ ڏهاڪي تي ٻڌل جامع حڪمت عملي تيار ڪرڻ ۾ اداري جي قيادت کي ساراهيو. ناڻي واري وزير ڪنٽري پارٽنرشپ فريم ورڪ جي لاڳو ڪرڻ لاءِ جامع حڪمت عملي ۽ عملي منصوبا تيار ڪرڻ ۾ عالمي بئنڪ جي مسلسل معاونت کي به ساراهيو ۽ معيشت ۾ استحڪام جي حڪومت جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ناڻي واري وزير يو ايس پاڪستان بزنس ڪائونسل طرفان آمريڪي چيمبر آف ڪامرس ۾ ڏنل دعوت ۾ آمريڪي ڪاروباري اڳواڻن سان به ملاقات ڪئي. هن ٽيڪس سڌارن، توانائي، سرڪاري ملڪيتي ادارن ۽ نجڪاري جي شعبن ۾ اڳڀرائي کان به آگاهه ڪيو ۽ علائقائي واپار، ۽ شعبه جاتي وسعت جي اهميت تي زور ڀريو. هن پاڪستان منرل انويسٽمينٽ فورم 2025ع ۾ شرڪت تي آمريڪا جي وفد جو ٿورو مڃيو ۽ معدنيات جي شعبي ۾ سهڪار جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. ناڻي واري وزير ڪلائيميٽ ولنرايبل فورم ۽ وي-20 جي سيڪريٽري جنرل محمد نشيد سان ملاقات ڪئي. ناڻي واري وزير پاڪستان ۾ سي وي ايف سيڪريٽريٽ جي تازي دوري ۽ ڪلائيميٽ پراسپريٽي پلان جي تياري ۾ گڏيل ڪوششن کي ساراهيو جيڪو موسمياتي تبديلي سان هم آهنگ رکندڙ منصوبن لاءِ مالياتي ذريعن جي نشاندهي ڪري ٿو. هن سي پي ايف جي 6 مان 4 اهم نتيجن کي پاڪستان جي موسمياتي ۽ آبادياتي چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ فيصلائتو قرار ڏنو. ناڻي واري وزير آر ايس ايف تحت اڳڀرائي کان به آگاهه ڪيو ۽ مرحليوار مالي معاونت ذريعي سي پي پي منصوبن کي مڪمل ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.