گڏيل قومون-16 اپريل (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته سلامتي ڪائونسل جي غير مستقل ميمبرن جي تعداد ۾ اضافي سان ان کي وڌيڪ جمهوري، نمائنده، جوابده ۽ موثر بڻائي سگهجي ٿو، اسان سمورين رياستن ۽ علائقائي گروپن جي مفادن جو خيال رکڻ چاهيون ٿا جيڪي غير مستقل سيٽن ۾ اضافي ذريعي ممڪن ۽ منصفاڻو آپشن آهي. اها ڳالهه گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي نائب مستقل نمائندي عثمان جدون بين الحڪومتي ڪائونسل (آءِ جي اين) کي خطاب دوران ڪيو. هن چيو ته اسان سلامتي ڪائونسل جي مستقل سيٽن ۾ اضافي جا شديد مخالف آهيون ڇاڪاڻ ته عالمي اداري ۾ مراعتن جا نوان مرڪز بڻائڻ جو ڪو به جواز ناهي، اسان جو مقصد ڪائونسل کي جمهوري بڻائڻ ۽ اهڙن سڌارن جي حمايت ڪرڻ آهي جيڪي ڪجهه ملڪن بدران ميمبر ملڪن جي اڪثريت ۽ علائقائي ۽ ڪراس ريجنل گروپن جي مفادن سان هڪجهڙائي رکندا هجن. هن چيو ته سلامتي ڪائونسل ۾ سڌارن لاءِ فيبروري 2009ع ۾ جنرل اسيمبلي ۾ پنج اهم شعبن ميمبرشپ، ويٽو، علائقائي نمائندگي، توسيع ٿيل سلامتي ڪائونسل جو ڳاڻيٽو ۽ ڪائونسل جي ڪم جا طريقا ۽ جنرل اسيمبلي سان ان جي لاڳاپن تي مڪمل ڳالهين جو آغاز ٿيو. سلامتي ڪائونسل جي نئين سر جوڙجڪ طرف اڳڀرائي رڪيل آهي ڇاڪاڻ ته G-4 ملڪ (ڀارت، برازيل، جرمني ۽ جاپان9 ڪائونسل ۾ مستقل سيٽن لاءِ زور جاري رکيو آهي جڏهن ته اٽلي، پاڪستان جي قيادت ۾ اتحاد براءِ اتفاق راءِ (Ufc) گروپ اضافي مستقل ميمبرن جي مخالفت ڪري ٿو، هن جو چوڻ هو ته هڪ سمجهوتي طور Ufc ميمبرن جي هڪ نئين ڪيٽيگري تجويز ڪئي آهي جنهن جي شرطن ۾ ڊگهي مدي ۽ ٻيهر چونڊجڻ جا امڪان رکيا ويا آهن. واضح رهي ته سلامتي ڪائونسل هن وقت پنج مستقل ميمبرن برطانيه، چين، فرانس، روس ۽ آمريڪا ۽ 10 غير مستقل ميمبرن (جيڪي ٻه، ٻه سال لاءِ چونڊيا ويندا آهن) تي ٻڌل آهن. پاڪستاني نمائندي چيو ته جهڙوڪ UfC تجويز ڪيو آهي، اضافي چونڊيل ميمبر علائقائي نمائندگي ۽ ملڪيت ۾ اضافو ڪندا جنهن سان ڪائونسل کي وڌيڪ قانوني حيثيت ملندي. هن چيو ته يو ايف سي تجويز ڪراس ريجنل گروپس جهڙوڪ عرب گروپ، او آءِ سي، ايس آءِ ڊي ايس (ننڍن ٻيٽن تي ٻڌل اسرندڙ ملڪ) ۽ ٻين ننڍن ملڪن جي نمائندگي جي خواهش کي به پورو ڪندي. سلامتي ڪائونسل ۾ مناسب نمائندگي لاءِ ان ڳالهه تي زور ڀريندي چيو ته غير مستقل نمائندن جو هڪ وڏو تعداد مستقل ميمبرن جي اثر ۽ رسوخ ۾ توازن پيدا ڪندو. سفير جدون چيو ته جيڪڏهن اضافي مستقل ميمبرن کي شامل ڪيو ويندو آهي ته گڏيل قومن جي باقي ميمبر ملڪن جي نمائندگي جي امڪانن کي رياضياتي طور تي ڪم ڪندو. هن چيو ته يو ايف سي هي به چاهي ٿو ته ڪائونسل جي ميمبرشپ گڏيل قومن جي ميمبرشپ آڏو جوابده آهي، سلامتي ڪائونسل ۾ موجود ڪا به رياست مستقل طور تي (چاهي ان وٽ ويٽو جو حق هجي يا نه) جمود کي تبديل نه پر مضبوط ڪندي. هڪ علائقائي نقطه نظر جي حمايت ڪندي پاڪستاني نمائندي چيو ته يو ايف سي جي تجويز 27 جي توسيع ڪائونسل ۾ گڏيل قومن جي تسليم ٿيل پنج خطن مان هر هڪ ۾ رياستن جي ميمبرن جي تعداد جي مطابق سيٽون مختص ڪيون آهن. هن چيو ته هر علائقي لاءِ وڌيڪ سيٽون مختص ڪرڻ سان خاص طور تي گهٽ نمائندگي وارن، انهن جي ذيلي علائقن جي به مناسب نمائندگي جي اجازت ڏيندي، سفير جدون مناسب نمائندگي جي آفريقي خواهش جي حمايت ڪئي، هي مطالبو وڏي کنڊ طرفان ڪيو ويو جنهن جي آفريقي يونين توثيق ڪئي.