اسلام آباد – 16 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان جي زرعي شعبي کي تبديل ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته پائيدار اقتصادي ترقي جي لاءِ زرعي شعبي کي جديد رخن تي قائم ڪرڻ لازمي آهي، انهي سلسلي ۾ هڪ هزار زرعي گريجوئيٽس کي ٽريننگ تي چين موڪليو پيو وڃي جن جي ميرٽ تي چونڊ ڪئي وئي آهي، چين ۾ جديد زرعي ٽيڪنالاجي مان فائدو کڻي وطن واپس اچي اسان جا نوجوان زرعي ترقي ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪندا، پاڪستان ۾ ڳوٺاڻي سطح تي ننڍي صنعت جي فروغ ۽ ويليو ايڊيشن جي لاءِ نوجوانن کي آسان شرطن تي قرض ڏينداسين. هو ”وزيراعظم محمد شهباز شريف“ جي زراعت جي شعبي جي صلاحيت وڌائڻ جي لاءِ 1000 زرعي گريجوئيٽس کي اعليٰ تربيت جي لاءِ اسڪالرشپ تي چين موڪلڻ جي منصوبي جي پهرين مرحلي ۾ 300 شاگردن کي چين موڪلڻ جي سلسلي ۾ منعقد تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. تقريب کي پاڪستان ۾ چين جي سفير جيانگ زيڊونگ، غذائي تحقيق ۽ ترقي واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين پڻ خطاب ڪيو ۽ چين ويندڙ شاگردن پڻ پنهنجي تاثرن کان شرڪت ڪندڙن کي آگاهه ڪيو. وزيراعظم پنهنجي خطاب ۾ چيو ته اڄ اهم ڏينهن آهي جڏهن اسان جا نوجوان گريجوئيٽس دوست ملڪ چين ۾ جديد زرعي ٽيڪنالاجي مان فائدو کڻڻ وڃي رهيا آهن ۽ اميد آهي ته اهي واپس اچي پنهنجي تجربي سان ملڪي زرعي ترقي ۾ ڪردار ادا ڪندا. هن چيو ته اسان چين جي دوري جي موقعي تي ان جديد زرعي يونيورسٽي جو دورو ڪيو ۽ اتان جي تحقيق ۽ ترقي جي ڪم کي ڏٺو، جيڪو متاثر ڪندڙ هو. ان دوران اسان فيصلو ڪيو ته هڪ هزار زرعي گريجوئيٽس کي ان تجربي مان فائدو کڻڻ جي لاءِ هتي موڪلينداسين. هن چيو ته پاڪستانين جي لاءِ چين ۾ ان سهولت جي فراهمي تي اسان چيني قيادت جا ٿورائتا آهيون ۽ ان جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪريون ٿا. هن چيو ته پاڪستاني شاگرد چين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ پل جو ڪردار ادا ڪندا. هن آءِ ٽي واري وزير ۽ سيڪريٽري جا شاگردن جي سليڪشن جي لاءِ پورٽل ٺاهڻ سميت معاونت تي انهن جا پڻ ٿورا مڃيا. هن ٻڌايو ته ٻه ڀيرا ان پروگرام کي ڊراپ ڪيو ويو، اسان نوجوان جيڪي قوم جي اميد آهن انهن کي موڪلڻ چاهيندا هئاسين جڏهن ته پهريون ڀيرو سرڪاري ملازمن جو وڏو انگ ان ۾ شامل هو جن مان اڪثر 50 سالن کان وڏي عمر جا هئا. انهن جو تجربو احترام جوڳو آهي پر تجربي سان گڏ نوجوانن جون توانائيون به شامل ڪرڻ جي ضرورت هئي. اهڙي طرح ٻي ڪوشش به ان معيار جي نه هئي جنهن جي اميد هئي پوءِ آءِ ٽي واري وزارت پورٽل ٺاهيو ۽ اڄ اهو مرحلو مڪمل ٿيو. ان ۾ چئني صوبن، گلگت بلتستان، آزاد ڪشمير مان به نوجوان شريڪ آهن، ان موقعي تي وزيراعظم چونڊ جي لاءِ ميرٽ بابت نوجوانن کان پڻ معلوم ڪيو ۽ نوجوانن ان کي ساراهيو. وزيراعظم چيو ته ان منصوبي جي لاءِ 3 ارب رپيا رکيا ويا آهن. ايندڙ ٻن مرحلن ۾ به ميرٽ کي نظر ۾ رکيو ويندو. بلوچستان جي 10 سيڪڙو اضافي ڪوٽا رکي وئي آهي. هن چيو ته پاڪستان چار اڪائين تي ٻڌل وفاق آهي ۽ جيستائين چار ئي اڪائيون برابر ترقي نه ڪنديون پاڪستان ترقي جي رستي تي گامزن نه ٿي سگهندو. پاڪستان جي ترقي تڏهن ئي ٿيندي جڏهن چار ئي صوبا گڏجي ترقي ۾ ڪردار ادا ڪندا. وزيراعظم چيو ته چين اسان جو ويجهو دوست ملڪ آهي ۽ نازڪ موقعن تي چين جو لازوال ڪردار آهي، چين پاڪستان جو مشڪل وقت جو ساٿي آهي ۽ مشڪل وقت جي ساٿي کي ڪڏهن به وسارڻ نه گهرجي. سعودي عرب، يو اي اي ۽ قطر اهي سڀ مشڪل وقت جا ساٿي آهن. هن چيو ته نوجوان تربيت دوران چين ۾ محنت سان اتان جي تجربن مان فائدو کڻن ۽ واپس اچي ان ٽيڪنالاجي کي هتي استعمال ۾ آڻين ته جيئن زرعي پيداوار ٻيڻي ٿئي. هن چيو ته اسان کي پنهنجي زرعي تحقيقي ادارن کي بحال ڪرڻو آهي. جوان رت ۽ تجربو گڏجي ان زرعي تحقيقاتي مرڪزن کي بهتر بڻائي پاڪستان جي زرعي ترقي کي چار چنڊ لڳائي سگهن ٿا. هن چيو ته پورو يقين آهي ته اهي نوجوان نه رڳو پنهنجي والدين جي محنت ۽ اميدن تي پورو لهندا پر پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ انقلاب آڻڻ جي لاءِ ڀرپور محنت ڪندا. هن چيو ته تربيت دوران مشيني پوکيءَ ۾ بهترين صلاحيت حاصل ڪرڻي آهي، ڊيجيٽلائيزڊ ڪراپ مئنيجمينٽ، ماحوليات دوست سيڊز ۽ ڳوٺاڻي علائقن ۾ سمال ميڊيم ڪپهه انڊسٽري جا بي پناهه موقعا موجود آهن، ان جي لاءِ نوجوانن کي آسان شرطن تي قرض ڏينداسين. ڪولڊ اسٽوريج نه هجڻ جي ڪري اسان جي ڳوٺاڻي علائقن ۾ وڏي انگ ۾ ميوا ضايع ٿي رهيا آهن. انهن قدمن سان ڳوٺن ۾ زندگي بدلجي ويندي. اتي ننڍي صنعت جي لاءِ منصوبو ٺاهيو آهي، صوبن سان گڏجي نوجوانن کي قرض ڏينداسين، اتي باغن تي ڌيان ۽ ويليو ايڊيشن طرف وينداسين. اسان کي سازگار ماحول ڏيڻو آهي.