اسلام آباد – 16 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جناح ميڊيڪل ڪمپليڪس جي تعمير جي سمورن مرحلن ۾ سئو سيڪڙو شفافيت يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ان منصوبي جي تعمير جي سمورن مرحلن جي نگراني هو پاڻ ڪندو، ڊيزائن، سپرويزن ۽ تعمير جي حوالي سان ڪنسلٽنٽس ۽ ڪنٽريڪٽر جون خدمتون عالمي ٽينڊر جي ذريعي حاصل ڪيون وڃن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ اسلام آباد ۾ جناح ميڊيڪل ڪمپليڪس جي تعمير جي حوالي سان جائزه اجلاس ٿيو. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته جناح ميڊيڪل ڪمپليڪس پوري خطي جي لاءِ بهترين طبي سهولتن ۽ جديد ترين طبي تحقيق جي لاءِ اوزارن سان ليس اسپتال هوندي. وزيراعظم منصوبي جي تعمير جي سمورن مرحلن ۾ سئو سيڪڙو شفافيت يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم ڊيزائن، سپرويزن ۽ تعمير جي حوالي سان ڪنسلٽنٽس ۽ ڪانٽريڪٽر جون خدمتون عالمي ٽينڊر جي ذريعي حاصل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته جناح ميڊيڪل ڪمپليڪس جي تعمير جي سمورن مرحلن جي نگراني آئون پاڻ ڪندس. اجلاس ۾ وزيراعظم کي جناح ميڊيڪل ڪمپليڪس اينڊ ريسرچ سينٽر جي تعمير جي اڳڀرائي جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته جناح ميڊيڪل ڪمپليڪس جي تعمير جي حوالي سان ڌرين جي مشاورت سان پي سي ون کي جلد حتمي شڪل ڏني ويندي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته جناح ميڊيڪل ڪمپليڪس جي تعمير جي لاءِ ٺاهيل ٽرسٽ فنڊ ۾ 3.5 ارب رپين جو شروعاتي سرمايو منتقل ڪيو ويو آهي، 600 ڪينال زمين تي ٻڌل ان عالمي طرز جي هڪ هزار کان وڌيڪ بسترن جي اسپتال ۾ 9 سينٽرز آف ايڪسيلنس هوندا. اجلاس ۾ منصوبابندي وارو وفاقي وزير ڊاڪٽر احسن اقبال، قانون ۽ انصاف وارو وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير احد خان چيما، صحت وارو وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال، وزيراعظم جو صلاحڪار سيد توقير شاهه، اسلام آباد مان قومي اسيمبلي ميمبر انجم عقيل، پروفيسر ڊاڪٽر سعيد اختر ۽ لاڳاپيل ادارن جا اعليٰ آفيسر شريڪ هئا.