اسلام آباد – 16 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان جي افرادي قوت کي عالمي معيار جي هنر ۽ تربيت سان ليس ڪرڻ جي لاءِ حڪومت ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن ايسوسيئيشن آف چارٽرڊ سرٽيفائيڊ اڪائونٽنٽس (اي سي سي اي) جي 7 رڪني وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن عالمي چيف ايگزيڪيوٽو هيلن برانڊ جي سربراهي ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، وفاقي وزيرن خالد مقبول صديقي، احد خان چيما، وزيراعظم جي صلاحڪار سيد توقير شاهه، ايڇ اي سي چيئرمين ڊاڪٽر مختار احمد ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم وفد جي پاڪستان اچڻ تي آجيان ڪندي چيو ته پاڪستان جي خوشقسمتي آهي جو الله رب العزت ان کي نوجوان ۽ باصلاحيت افرادي قوت سان نوازيو. پاڪستان جي افرادي قوت کي عالمي معيار جي هنر ۽ تربيت سان ليس ڪرڻ جي لاءِ حڪومت ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي. شفافيت ۽ گورننس جي بهتري جي لاءِ ٿرڊ پارٽي ويليڊيشن سرڪاري شعبي جي هر منصوبي جو بنيادي جز آهي. حڪومتي ڪارڪردگي ۽ گورننس جي بهتري حڪومت جي ترجيحي هدفن ۾ شامل آهي. وزيراعظم چيو ته ”فچ“ پاران پاڪستان جي سيڙپڪاري درجابندي ۾ بهتري خوش آئنده آهي، پر اسان کي اڃا وڌيڪ محنت ڪرڻي آهي. عالمي سطح تي پاڪستاني افرادي قوت جي چٽاڀيٽي ۾ بهتري جي لاءِ ايسوسيئيشن نئين پيشيواراڻي مهارتن جي تربيت ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. هن چيو ته پاڪستان حڪومت ايسوسيئيشن پاران حڪومتي ادارن جي صلاحيت وڌائڻ جي حوصلا افزائي ڪندي. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي ايسوسيئيشن سان تعاون ۾ اضافي ۽ مستقبل جي حڪمت عملي جي لاءِ ڳالهين جي هدايت ڪئي. وفد وزيراعظم کي اي سي سي اي جي پاڪستان ۾ تاريخ ۽ ملڪي معيشت جي ترقي جي لاءِ ان جي ڪردار جي حوالي سان آگاهه ڪيو. وفد ٻڌايو ته اي سي سي اي جا پاڪستان سان تعلق رکندڙ 13 هزار ميمبر سڄي دنيا ۾ مختلف شعبن ۾ پنهنجي خدمتن سان ملڪ ۽ قوم جو نالو روشن ڪري رهيا آهن جڏهن ته 40 هزار شاگرد ۽ شاگردياڻيون هن وقت ميمبرشپ حاصل ڪرڻ جي لاءِ تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. وفد هايئر ايجوڪيشن ڪميشن پاران اي سي سي اي ميمبرن کي ماسٽرز جي ڊگري جي ايڪولينس ڏيڻ تي ٿورا مڃيا. وفد پاڪستان جي گرين اڪانومي ٽرانسفارميشن پلان ۾ ڀرپور تعاون جي خواهش جو اظهار ڪيو. وفد ٻڌايو ته ايسوسيئيشن دنيا جي پائيدار مستقبل، ماحولياتي تبديلي جي مضر اثرن کان بچاءُ، اڪائونٽينسي ۽ آڊٽ جي شعبي ۾ جدت، ڪارپوريٽ شعبي ۾ خدمتن جي آئوٽ سورسنگ ۽ ٻين جديد قدمن جي لاءِ پاڪستان جي حڪومت سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي خواهشمند آهي. وفد وزيراعظم جي قيادت ۾ پاڪستان جي معيشت جي ترقي جي حوالي سان ڪاميابين تي حڪومتي ٽيم کي ساراهيو. وفد حڪومت جي اوڳاڙين ۾ اضافي، نظام ۾ شفافيت جي لاءِ قدمن ۽ صلاحيت ۾ اضافي جي لاءِ تعاون ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو.