اسلام آباد – 15 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سمنڊ پار پاڪستانين جي لاءِ ڪيتريون ئي سهولتون ۽ مراعتون رکندڙ جامع پئڪيج جو اعلان ڪندي چيو آهي ته سمنڊ پار پاڪستانين جي مسئلن بابت ڪيسن کي اڪلائڻ جي لاءِ وفاق جي سطح تي خصوصي عدالتون قائم ڪيون ويون آهن، وفاقي چارٽرڊ يونيورسٽين جي 10 هزار سيٽن ۾ اوورسيز پاڪستانين جي ٻارن جي لاءِ 5 سيڪڙو ۽ وفاق جي ڊگري ڏيندڙ ادارن ۾ به 5 سيڪڙو جڏهن ته ميڊيڪل ڪاليجز ۾ 15 سيڪڙو ڪوٽا مخصوص هوندي، ميرپور انٽرنيشنل ايئرپورٽ جي فزيبلٽي اسٽڊي جلد شروع ڪئي ويندي، سمنڊ پار پاڪستانين کي ڪيس داخل ڪرڻ جي لاءِ پاڪستاني سفارتخانن ۾ اي – فائيلنگ جي سهولت 60 ڏينهن ۾ فراهم ڪئي ويندي، ٻاهرئين دنيا ۾ پنهنجي شعبي ۾ نمايان ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ 15 سمنڊ پار پاڪستانين ۽ اسٽيٽ بئنڪ جي ذريعي سڀ کان وڌيڪ سرمايو پاڪستان موڪليندڙ 15 سمنڊ پار پاڪستانين کي هر سال سول ايوارڊز ڏنا ويندا، ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستاني عورتن جي پاڪستان ۾ سرڪاري نوڪرين جي لاءِ عمر جي مٿئين حد ۾ رعايت 5 سال مان وڌائي 7 سال ڪئي پئي وڃي، سمنڊ پار رهندڙ پاڪستاني ملڪ ۾ وڌي چڙهي سيڙپڪاري ڪن، انهن کي درپيش مسئلا پاڻ حل ڪندس، سمنڊ پار پاڪستانيز سوشل ميڊيا تي منفي پروپئگنڊه جي روڪٿام ۾ پنهنجو موثر ڪردار ادا ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار هن سمنڊ پار پاڪستانين جي ڪنوينشن کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي وفاقي وزير، پارليامينٽ ميمبر، چيف آف آرمي اسٽاف جنرل سيد عاصم منير، غيرملڪي سفارتڪار ۽ سمنڊ پار پاڪستانين جو وڏو انگ موجود هو. وزيراعظم ڪنوينشن ۾ شريڪ سمنڊ پار پاڪستانين جي جذبن، وطن جي لاءِ محبت ۽ ايثار ۽ قربانين کي سلام پيش ڪندي چيو ته سڄي دنيا مان آيل سمنڊ پار پاڪستانين سڄي دنيا ۾ ڏينهن رات محنت ڪري پنهنجي ۽ پنهنجي ملڪ جي لاءِ وڏو نالو ڪمايو آهي، طب، تعليم، انجنيئرنگ، ڪنسلٽينسي ۾ بطور پروفيشنل ۽ محنت سان حلال رزق ڪمايو ۽ ڏينهن رات محنت ڪئي آهي، ٻاهرئين ملڪ رهڻ جي باوجود انهن جي دل ۽ دماغ پاڪستان ۾ هوندو آهي، اهو انهن جي عظمت جو دليل آهي، ٻاهرئين ملڪ رهندڙ اسان جي سرن جا تاج ۽ اسان جا سفير آهن، انهن کي جيترو ساراهيو وڃي گهٽ آهي. وزيراعظم سمنڊ پار پاڪستانين جي لاءِ سهولتن ۽ مراعتن جو اعلان ڪندي چيو ته سمنڊ پار پاڪستانين جي مطالبي تي فوري طور تي اسلام آباد ۾ انهن جي ڪيسن جي جلد فيصلن لاءِ خصوصي عدالتون قائم ڪيون ويون آهن، پنجاب ۾ به اهڙيون عدالتون قائم ڪرڻ جو عمل جاري آهي ۽ قانونسازي به ٿي چڪي آهي، بلوچستان ۾ 10 ڏينهن جي اندر اهي عدالتون قائم ڪرڻ جي وڏي وزير خاطري ڪرائي آهي جڏهن ته سنڌ ۽ خيبرپختونخواهه جي وڏن وزيرن کي پڻ درخواست ڪندس ته اهي به ان تي عمل ڪن. وزيراعظم چيو ته اسان جي فارن مشنز ۾ وڊيو لنڪ جي ذريعي ثبوتن جي اي – رڪارڊنگ جي سهولت به جلد ڏني ويندي جڏهن ته ان سان گڏوگڏ ڪيسن جي اي – فائيلنگ جي سهولت پڻ ڏني ويندي ته جيئن اهي پاڪستان اچڻ کانسواءِ پنهنجا ڪيس داخل ڪرائي سگهن. وزيراعظم چيو ته اهو ڪم 60 ڏينهن ۾ مڪمل ڪيو ويندو. وزيراعظم چيو ته اوورسيز پاڪستانين جي خلاف جعلي ڪيسن جي روڪٿام جي لاءِ سول ڪورٽ جي طريقيڪار ۾ فوري طور تي ترميم ڪئي ويندي، مدعي کي عدالت جي اجازت کانپوءِ دفاع جو حق حاصل هوندو. وزيراعظم چيو ته اوورسيز پاڪستانين جي ٻارن جي لاءِ سمورين وفاقي چارٽرڊ يونيورسٽين ۾ 5 سيڪڙو ڪوٽا رکي پئي وڃي، ميڊيڪل ڪاليجز ۾ 15 سيڪڙو ڪوٽا رکي پئي وڃي، ان سان ٽي هزار ٻار ۽ ٻارڙيون ميڊيڪل ڪاليجز ۾ داخلا وٺي سگهندا، ايف بي آر اوورسيز پاڪستانين کي ڪاروباري ڏيتي ليتي ۽ بئنڪ جي معاملن ۾ بطور فائيلر شمار ڪندو، ان سان ٽيڪس ادائيگي ۾ ريليف ملندو، نيوٽيڪ اوورسيز پاڪستانين جي 5 هزار ٻارن کي هنرمندي جا ڪورسز ڪرائيندو، اوورسيز پاڪستاني عورتون جيڪي پاڪستان ۾ سرڪاري نوڪري حاصل ڪرڻ چاهين ٿيون انهن جي لاءِ عمر جي مٿئين حد ۾ رعايت 5 سالن مان وڌائي 7 سال ڪئي پئي وڃي، بورڊ آف روينيو پنجاب ۽ بلوچستان ۾ سمنڊ پار پاڪستانين جي سهولت جي لاءِ خصوصي آفيسون قائم ڪيون ويون آهن، وفاقي حڪومت خيبرپختونخواهه، سنڌ، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ به اهڙي ئي سهولت ڏيڻ جي لاءِ فوري قدم کڻندي، پنجاب ۾ 10 سال اڳ ڪمپيوٽرائيزڊ لينڊ رڪارڊ جوڙيو ويو هو، موجوده وزيراعليٰ ”آن لائين سيل ڊيڊز“ رجسٽريشن جي لاءِ پائليٽ پراجيڪٽ جي شروعات ڪري ڇڏي آهي ۽ هاءِ ٽيڪ سسٽم کي آپريشنل ڪيو ويو آهي، پاڪستاني هاءِ ڪميشن لنڊن ۾ ان جي شروعات ڪئي ويندي جنهن جي لاءِ نادرا قدم کڻي رهي آهي، ان کانپوءِ ٻين ملڪن ۾ به اهو نظام پنهنجي سفارتخانن ۾ لاڳو ڪيو ويدو، ٻين صوبن کي به درخواست آهي ته اهي به اهڙا قدم شروع ڪن. وزيراعظم چيو ته اوورسيز پاڪستانين جو هڪ پراڻو مطالبو هو ته ميرپور ۾ عالمي هوائي اڏو قائم ڪيو وڃي، پاڪستان حڪومت ان جي فزيبلٽي جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن. وزيراعظم چيو ته هن سال مارچ ۾ 4.1 ارب ڊالر جو مٽاسٽا جو ناڻو پاڪستان موڪليو ويو ۽ 30 جون تائين اندازو آهي ته 38 ارب ڊالر جي رقم ٻاهرئين ملڪين پاران موڪلڻ جو امڪان آهي جيڪا پاڪستان جي روانگي واپار کان به وڌيڪ هوندي، اسان پنهنجي سمنڊ پار پاڪستانين کي پنهنجي سرن جو تاج ۽ سفير سمجهون ٿا، حڪومت روانگي واپار ۾ اضافي جي لاءِ به ڏينهن رات ڪوششون ڪري رهي آهي، هڪ سال ۾ جهڙي طرح ٻيون معاشي ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن اهڙي طرح روانگي واپار ۾ به اضافو ٿيندو. وزيراعظم چيو ته هر سال 14 آگسٽ تي سمنڊ پار پاڪستانين جن پنهنجي پنهنجي شعبي ۾ نمايان ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو هوندو حڪومت پاران انهن کي سول ايوارڊز ڏنا ويندا ۽ انهن جا نالا پاڪستاني سفارتخانن، سمنڊ پار پاڪستانيز واري وزارت ۽ او پي ايف گڏجي تجويز ڪندا، سڀ کان وڌيڪ مٽاسٽا جو ناڻو اسٽيٽ بئنڪ جي ذريعي پاڪستان موڪليندڙ 15 سمنڊ پار پاڪستانين کي به هر سال سول ايوارڊز ڏنا ويندا. وزيراعظم چيو ته ايئرپورٽس تي نواز شريف جي گرين چينل جي اعلان بعد ۾ ڳاڙهي ڦيٿي جي ور چڙهي ويو هو، ان کي ٻيهر ڪجهه هفتن ۾ آپريشنل بڻائينداسين. وزيراعظم چيو ته سمنڊ پار پاڪستانين جي لاءِ محتسب جي آفيس ۾ به جدا ونڊو قائم ڪئي وئي آهي جتي اي ميل ۽ واٽس ايپ جي ذريعي شڪايتون داخل ڪرائي سگهبيون، پنجاب ۽ وفاقي ٽيڪس محتسب ۾ فوڪل پرسن جي ذريعي اهي خدمتون سرانجام ڏنيون پيون وڃن، آپوسل ڪنوينشن ۾ شموليت جو اعلان ڪندي خوشي محسوس ٿي رهي آهي، اهو عالمي برادري سان معاملن ۾ پنهنجي شهرين کي سهولت فراهم ڪرڻ جي اسان جي سفر ۾ اهم سنگ ميل ثابت ٿيندو. وزيراعظم ان موقعي تي پاڪستاني سفارتڪارن کي هدايت ڪئي ته اهي سمنڊ پار پاڪستانين سان بهترين سلوڪ ڪن، انهن کي سهولتون فراهم ڪن ۽ جائز معاملن ۾ انهن جي مدد ڪن ته جيئن پاڪستان جي لاءِ انهن جو جذبو وڌيڪ مضبوط ٿئي. وزيراعظم چيو ته سمنڊ پار پاڪستاني نه رڳو اربين ڊالر جو مٽاسٽا جو ناڻو موڪلي رهيا آهن پر فارن ايڪسچينج ريزرو جو پاڪستان کي درپيش خال ڀرڻ جي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، سمنڊ پار پاڪستانين ٻاهرئين ملڪن ۾ پنهنجي نيڪ نامي سان وڏو نالو ڪمايو آهي جنهن تي 24 ڪروڙ پاڪستاني انهن جا ٿورا ادا ڪن ٿا. وزيراعظم چيو ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي خدمتن، پاڪستان جو جهنڊو بلند ڪرڻ ۽ پاڪستان جي معيشت کي مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ انهن جي ڪردار جي ڪري جيتريون مراعتون انهن کي ڏنيون وڃن اهي گهٽ آهن، وقت ايندو جڏهن انهن جي سهولت ۽ جائز مطالبا پورا ڪرڻ جي لاءِ اهي سمورا قدم کڻنداسين جيڪي اسان جي دل جو آواز آهن. هن سمنڊ پار پاڪستانين کي دعوت ڏني ته اهي پنهنجو سرمايو پاڪستان کڻي اچن ۽ هو بطور وزيراعظم انهن کي درپيش سمورا مسئلا پاڻ حل ڪندو ۽ انهن کي سڌوسنئون ان مقصد جي لاءِ منهنجي آفيس تائين پهچ هوندي، انهن کي ڪٿي ٻئي هنڌ وڃڻ جي ضرورت نه آهي. وزيراعظم چيو ته هاڻي ملڪ ۾ سيڙپڪاري آڻڻ جو وقت اچي ويو آهي، پنهنجي گهر، زمين جي خريداري، ٻارن جي تعليم ۽ علاج سميت ٻيا ڪم به ڪريو پر سيڙپڪاري به کڻي اچو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جو سپهه سالار جنرل عاصم منير سچو پاڪستاني ۽ پيشيور سپهه سالار آهي، پاڪ فوج جي هٿن ۾ پاڪستان جو دفاع فتح نه ٿيڻ جوڳو آهي، ڪير به پاڪستان طرف ميري اک سان نه ٿو ڏسي سگهي، پاڪستان طرف ڏسندڙ ميري اک ڪُچلي ويندي. وزيراعظم چيو ته هن وقت ملڪ ۾ جيڪا دهشتگردي ڦهلائي وئي آهي ان جون ڪڙيون ڪٿي ملن ٿيون اسان سڀ ڄاڻون ٿا، دهشتگردي کي پروموٽ ۽ فنڊنگ ڪندڙن کان اسان واقف آهيون، دهشتگردي جي خلاف ماضي ۾ به ۽ اڄ به قوم ۽ سيڪيورٽي ادارا عظيم قربانيون ڏئي رهيا آهن، ماضي ۾ زندگي جي هر شعبي سان تعلق رکندڙن سميت 80 هزار جانين جا نذرانا پيش ڪيا ويا، پاڪ فوج انهن دهشتگردن جي خلاف جيڪا جنگ وڙهي ان جو موجوده دور ۾ مثال نه ٿو ملي، اڄ ٻيهر انهي تاريخ کي ورجايو پيو وڃي. وزيراعظم چيو ته 2018ع ۾ دهشتگردي جو مڪمل خاتمو ٿي چڪو هو، ايتري وڏي دهشتگردي جي يلغار ختم ڪرڻ آسان ڪم نه هو ۽ نه ئي دنيا ۾ ان جو مثال ملي ٿو، پاڪستانين جي دعائن ۽ سيڪيورٽي فورسز جي قربانين سان دهشتگردي جو خاتمو ٿي ويو هو جڏهن ته هڪ ڀيرو ٻيهر دهشتگردي ڪَر کنيو آهي، ان جو سبب گذريل ڪجهه سالن ۾ ڪيون ويندڙ فاش غلطيون آهن، انهن مان هڪ غلطي سوات ۽ ٻين علائقن ۾ سوين دهشتگردن کي ٻيهر آباد ڪرڻ هو، اڄ بلوچستان، خيبرپختونخواهه ۾ ٿيندڙ دهشتگردي جون ڪڙيون جتي ملن ٿيون اهو نقطو اسان جي ذهن ۾ رهڻ گهرجي، اڄ اسان جي فورسز جا جوان پنهنجي ٻارن کي يتيم ڪري لکين پاڪستاني ٻارن کي يتيم ٿيڻ کان بچائين ٿا، اسان کي ان جو ادراڪ هجڻ گهرجي جڏهن ته افسوسو جي ڳالهه آهي ته سوشل ميڊيا تي غلط زبان استعمال ڪئي وڃي ٿي، دهشتگردي کي منهن ڏيندڙ اسان جي بهادر هٿياربند فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي خلاف انتهائي منفي ۽ زهريلي پروپئگنڊه ڪئي پئي وڃي، ملڪ جي خاطر قرباني ڏيندڙ جوانن جي خلاف سوشل ميڊيا تي زهر اوڳاڇيو وڃي ان کي برداشت نه ٿو ڪري سگهجي، ان جي لاءِ ڪا به رعايت نه ٿي ڪري سگهجي ۽ اها ئي هارڊ اسٽيٽ جي گهرج آهي. وزيراعظم چيو ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ محب وطن پاڪستاني سوشل ميڊيا تي منفي مهم ۽ ان کي هلائيندڙن جي خلاف ڪردار ادا ڪن ۽ ڪوڙ بي نقاب ڪن. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ آهستي آهستي معاشي استحڪام اچي رهيو آهي جيڪو موجوده حڪومت جي هڪ سال جي ڏينهن رات محنت، گذريل اتحادي حڪومت جي ڪوششن ۽ اتحاد، ايمان ۽ تنظيم جي جذبي جي ڪري ممڪن ٿيو آهي، جيڪڏهن اهو سلسلو هلندو رهي ته پاڪستان دنيا جو طاقتور ملڪ بڻجندو. هن چيو ته عهدي کان هٽي ڪري سازشون ڪندڙ اها تاريخ به ڏسن جڏهن بينظير ڀٽو شهيد ڪئي وئي ته ان وقت پيپلزپارٽي پاڪستان کپي جو نعرو هنيو، جيڪي ماڻهو ملڪ جي خاطر پنهنجي جان ڏين ٿا انهن جي خلاف زهر اوڳاڇڻ کان وڏو ڪو ڏوهه نه ٿو ٿي سگهي. هن ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي چيو ته اهي اهڙن عنصرن جو ڀرپور مهذب انداز ۾ دليل سان جواب ڏين، اها پاڪستان جي خدمت هوندي. وزيراعظم ٻاهرئين ملڪ رهندڙن کان واعدو ورتو ته اهي پاڪستان دشمنن جو پاڪستاني فوج جو دهشتگردن سان مقابلو ڪرڻ وانگر انهن سان مقابلو ڪن. وزيراعظم چيو ته ڪشمير ۽ غزه مسئلي جي لاءِ جهڙي طرح هن حڪومت پاڪستان جي ڪروڙين عوام جي جذبن جي عڪاسي ڪئي آهي اهو سڀني جي سامهون آهي، حالتون ڪهڙيون به هجن جيستائين ڪشميرين کي انهن جو بنيادي حق نه ٿو ملي پاڪستان هر طرح سان انهن جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو، اهڙي طرح غزه ۾ ٿيندڙ ظلم ۽ ڏاڍ جنهن ۾ 50 هزار کان وڌيڪ معصوم ماڻهن کي شهيد ڪيو ويو آهي ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر سيز فائر جي خلاف ورزي ڪئي پئي وڃي، ان جي پاڪستان پرزور مذمت ڪري ٿو. وزيراعظم چيو ته ماضي ۾ آءِ ايم ايف معاهدي جي خلاف ورزي ڪرڻ سان پاڪستان جي شهرت کي نقصان پهتو، پنهنجي سياست جي لاءِ رياست کي تباهه ڪرڻ جي لاءِ آخري حد تائين هليا ويا، اسان کي ماضي جي ان فاش غلطي مان سبق سکڻو آهي ۽ اسان کي پنهنجي واعدي کي پورو ڪرڻو آهي. سمنڊ پار پاڪستانين سميت پوري قوم کي ملڪ جي ترقي جي لاءِ گڏجي ڪوششون ڪرڻيون پونديون جنهن سان پاڪستان دنيا ۾ قائداعظم جي تصور موجب عظيم قوت بڻجي اڀرندو.