گڏيل قومون -08 اپريل (اي پي پي) پاڪستان گڏيل قومن جي امن مشنز کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ لاءِ جديد ٽيڪنالاجي مان فائدو کڻڻ تي زور ڀريو آهي. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي عاصم افتخار احمد گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کي ٻڌايو ته جنگ بندي کي مستحڪم بڻائڻ ۽ غير متوقع تڪرارن کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏيل قومن جي امن مشن کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ لاءِ نئين ٽيڪنالاجيز کي استعمال ڪرڻ گهرجي. يو اين پيس ڪيپنگ جي هيڊز آف ملٽري ڪمپوننٽ تي ڪائونسل جي بريفنگ کي خطاب ڪندي هن چيو ته سينسنگ ٽيڪنالاجيز ۾ اڳڀرائي جنگ بندي جي گهٽ لاڳت سان نگراني اثرائتي نموني وڌائي سگهجي ٿي. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته سينسنگ ٽيڪنالاجي ۾ اڳڀرائي سميت ڊرون ۽ سيٽلائيٽ اميجري حقيقي وقت، جامع صورتحال بابت آگاهي فراهم ڪري نگراني جي صلاحيتن کي نمايان طور تي وڌائي سگهجي ٿو. امن مشن جو بنيادي ڪم جنگ بندي جو مشاهدو ۽ نگراني آهي، پاڪستاني نمائندي عاصم افتخار احمد چيو ته ٻه مشن يو اين ٽروس سپرويزن آرگنائيزيشن ۽ يو اين ملٽري آبزرور گروپ ان انڊيا اينڊ پاڪستان، ان مقصد لاءِ قائم ڪيا ويا آهن ۽ اڄ تائين موجود آهن ۽ ڪم ڪري رهيا آهن. پاڪستاني نمائندي چيو ته گڏيل قومن طرفان جنگ بندي جي نگراني ڄمون ڪشمير، گولان جي جبلن، قبرص، لبنان ۽ اولهه صحارا جهڙن ڪيترن فليش پوائنٽس ۾ امن کي برقرار رکڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. گڏيل قومن جو امن مشن منافعو ڏيندڙ ۽ موثر آهي. سلامتي ڪائونسل کي ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ گهرجي ته جنگ جي خاتمي ۽ جنگ بندي ذريعي فراهم ڪيل ماحول کي مجموعي سياسي مقصدن ۽ امن عمل کي اڳيان وڌائڻ لاءِ حڪمت عملي سان استعمال ڪيو وڃي ۽ انهن تڪرارن جي منصفاڻي ۽ مستقل آبادين کي يقيني بڻائڻ لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن تي عملدرآمد لاءِ مستقل سفارتي مصروفيتن ۽ حمايت ذريعي تعاون ڪيو وڃي. پاڪستاني نمائندي سلامتي ڪائونسل کي ٻڌايو ته اهو ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير سميت ڪائونسل جي ايجنڊا تي موجود سمورن حالتن لاءِ صحيح آهي. هن چيو ته امن قائم ڪرڻ گڏيل قومن جو سڀ کان اثرائتن هٿيارن مان هڪ آهي، جيڪو ملڪن جي تڪرارن جي ڏکين رستن کي امن ڏانهن منتقل ڪرڻ ۾ مدد ڪندو آهي ۽ پاڪستان سڄي دنيا ۾ مقرر امن مشنن ۾ سڀ کان وڌيڪ فوجي سهڪار ڪندڙن ۾ شامل آهي. هن ٻڌايو ته ايندڙ هفتي پاڪستان اسلام آباد ۾ ڏکڻ ڪوريا سان شراڪتداري ۾ امن مشن جي وزارتي تياري جي اجلاس جي ميزباني ڪندو. هن چيو ته اسان کي ڊينمارڪ ۽ جمهوريه ڪوريا سان هٿ ملائڻ تي فخر آهي ڇاڪاڻ ته ڪائونسل ۾ پنهنجي موجوده دور ۾ ان اهم ايجنڊا کي سامهون ۽ مرڪز ۾ رکي سگهجي. پاڪستاني سفير جنگ بندي جي اثرائتي نگراني لاءِ وقت سر اعتماد جوڳي ڄاڻ ۽ ڀڃڪڙين جي فوري رپورٽنگ ۽ هن وقت ڇهن مشنز طرفان سلامتي ڪائونسل کي باقاعده رپورٽنگ جي ضرورت تي زور ڀريو. هن گڏيل قومن جي 4423 امن فوجين کي خراج عقيدت پيش ڪيو جن ڊيوٽيون سرانجام ڏيندي پنهنجون قيمتي حياتيون قربان ڪيون، جن ۾ 181 پاڪستاني اهلڪار به شامل آهن. هن چيو ته اسان انهن جي ياد، بهادري ۽ خدمتن جو احترام ڪندا آهيون. محمد عاصم افتخار چيو ته بليو هيلمٽ گڏيل قومن جي امن فوج جو صرف چهرو نه پر فخر آهي. ان سلسلي ۾ انهن امن جي قيام جي قدمن کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ لاءِ علائقائي ۽ ذيلي علائقائي تنظيمن سان سهڪار تي زور ڀريو جن ۾ خاص تربيت ذريعي بارودي سرنگون ۽ آءِ اي ڊيز (ديسي ساخت جي ڌماڪي وارن اوزارن) جي خطرن کي گهٽائڻ سان امن فوجين جي چر پر ۽ حرڪت کي بهتر بڻائڻ شامل آهي. هن امن فوجين کي جنگ بندي جي معاهدن موجب تربيت ڏيڻ ۽ امن جٿن تي حملن لاءِ ڏوهارين کي جوابده قرار ڏيڻ جي تجويز به پيش ڪئي.