اسلام آباد -08 اپريل (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان چيو آهي، ته حڪومت طرفان معدنيات کي هٿي وٺرائڻ ۽ پرڏيهي سيڙپڪارن کي دعوت ڏيڻ ۽ کين ڪاروبار ۾ آساني فراهم ڪرڻ سان ملڪي معيشت تي هاڪاري اثر پوندا، ڪيترائي ملڪ پاڪستاني معدنيات جي شعبي ۾ سيڙپڪاري ڪري چڪا آهن ۽ اهي تمام گهڻو مطمئن آهن. انهن خيالن جو اظهار هن پاڪستان منرل انويسٽمينٽ فورم 2025ع ۾ ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته ان فورم ۾ شرڪت ڪندڙن کي ڀليڪار چئون ٿا، پاڪستان حڪومت طرفان معدنيات کي هٿي وٺرائڻ ۽ پرڏيهي سيڙپڪارن کي دعوت ڏيڻ ۽ سيڙپڪارن کي ڪاروبار ۾ آسانيون فراهم ڪرڻ سان ملڪي معيشت تي هاڪاري اثر پوندا. هن جو چوڻ هو ته پاڪستان ۾ ڪيترائي ملڪ معدنيات جي شعبي ۾ سيڙپڪاري ڪري چڪا آهن ۽ هو پنهنجي سيڙپڪاري جي حوالي سان مطمئن آهن. ٻين ملڪن کي به ان شعبي ۾ سيڙپڪاري لاءِ ڀليڪار چئون ٿا ۽ وعدو ڪيون ٿا ته اسان انهن کي ڀرپور مدد فراهم ڪنداسين. هن چيو ته بلوچستان ۾ معدنيات ۽ ٻين شعبن ۾ ڪيترائي ملڪ سيڙپڪاري ڪري چڪا آهن ۽ حڪومت انهن جي ڀرپور حمايت جاري رکي پئي. ڄام ڪمال خان چيو ته بلوچستان ۽ پاڪستان جي اترين علائقن مان مختلف قسم جون اٽڪل 90 معدنيات حاصل ڪيون پيون وڃن. هن چيو ته ان شعبي کي وڌيڪ سيڙپڪاري جي ضرورت آهي ڇاڪاڻ ته جيولاجيڪل سروي موجب پاڪستان معدنيات سان مالا مال آهي ۽ ان ۾ بي شمار معدنيات موجود آهي جيڪا معيار جي اعتبار کان به ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ بهتر آهي. هن جو چوڻ هو ته اسان چاهيون ٿا ته وڌيڪ عالمي ڪمپنيون پاڪستان جي ان شعبي ۾ سيڙپڪاري ڪري ان شعبي جي صلاحيتن مان فائدو حاصل ڪن. واپار واري وزير چيو ته اڳ ۾ کان ئي پاڪستان ۾ معدنيات جي شعبي ۾ سيڙپڪاري ڪندڙ ڪمپنيون پنهنجي آپريشنز کي وڌائڻ چاهين ٿيون ۽ ان ۾ سيڙپڪاري وڌائي رهيون آهن. ڄام ڪمال خان چيو ته پاڪستان جا 95 سيڪڙو وسيلا اڃا تائين دريافت ناهن ڪيا ويا، اسان چاهيون ٿا ته دنيا اچي ۽ انهن وسيلن کي ڳولهڻ سان گڏوگڏ اثرائتي نموني استعمال به ڪري. هن چيو ته پاڪستان ۾ ليٿيئم، ڪاپر ، سون، چاندي، ايلومينيئم ۽ ٻين ڌاتن جا وسيع ذخيرا موجود آهن. پاڪستان عالمي سيڙپڪارن لاءِ محفوظ ملڪ آهي جنهن جو ثبوت هتي موجود ڪيتريون ئي عالمي ڪمپنيون آهن جيڪي پنهنجي پنهنجي آپريشنز کي جاري رکڻ سان گڏوگڏ انهن کي وڌائڻ به چاهن ٿيون. هن جو چوڻ هو ته پاڪستان خطي جي انهن ملڪن مان آهي جتي ڪارپوريٽ سيڪٽر سيڙپڪاري ڪرڻ چاهين ٿا ۽ پاڪستان حڪومت به نجي سيڙپڪارن جي هميشه حوصلا افزائي ڪندي پئي اچي.