اسلام آباد-17 مارچ (اي پي پي) ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته مالياتي، واپاري ۽ نجي شعبي جي سڌارن لاءِ وفاقي ۽ صوبائي سطح تي هڪجهڙي طور لاڳو جامع حڪمت عملي اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن اها ڳالهه ناڻي وزارت جي ٽيم سان گڏ عالمي بئنڪ سان هڪ اهم فالو اپ اجلاس ۾ چئي. اجلاس ۾ پاڪستان جي قومي ترقي ۽ مالياتي پروگرام تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، جيڪو 10 سالن جي ڪنٽري پارٽنرشپ فريم ورڪ (سي پي ايف) جو حصو آهي. ان فريم ورڪ تحت عالمي بئنڪ پاڪستان ۾ صحت، تعليم، ماحولياتي استحڪام ۽ پائيدار ترقيءَ سميت مُک شعبن ۾ 20 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاريءَ جو عزم ڪيو آهي. اجلاس ناڻي واري وزارت ۾ منعقد ٿيو جنهن ۾ ناڻي واري وزارت سميت ايف بي آر جي سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس جو مقصد اقتصادي سڌارن لاءِ عالمي بئنڪ جي سيڙپڪاري فنانسنگ تي جاري خيالن جي ڏي وٺ کي اڳتي وڌائڻ هو. ان موقعي تي عالمي بئنڪ جي ٽيم قومي ترقي ۽ مالياتي پروگرام جي تياريءَ تي پنهنجي اڳڀرائيءَ کان آگاهه ڪيو. هي پروگرام جامع اقتصادي ۽ مالياتي سڌارن جو احاطو ڪري ٿو، جنهن ۾ شموليتي ۽ پائيدار ترقي جي راهه ۾ موجود رڪاوٽن کي دُور ڪرڻ، محصولن ۾ واڌ، خرچ جي معيار کي بهتر بنائڻ ۽ سروس ڊليوري ۾ شفافيت ۽ مؤثريت کي هٿي ڏيڻ لاءِ حڪمت عملي شامل آهي. سڌارن جو بنيادي مقصد نجي شعبي جي پيداواري ۽ سيڙپڪاريءَ لاءِ موزون ماحول پيدا ڪرڻ ۽ عوامي وسيلن کي برابري جي ترقياتي هدفن لاءِ رکڻ آهي. عالمي بئنڪ جي ٽيم ناڻي واري وزير کي پري بجيٽ مشاورت دوران مختلف چيمبرز، واپاري ادارن ۽ ايسوسيئيشنز سان حاصل ڪيل پاليسي تجويزن ۽ سفارشن جي تجزيي تي به بريفنگ ڏني. اها مشاورت حڪومت جي بجيٽ سازيءَ جي عمل کي مضبوط ۽ حقيقت پسنداڻو بنائڻ لاءِ ڪئي وئي آهي جيڪا هن سال جنوريءَ ۾ شروع ٿي هئي ته جيئن اقتصادي نقطه نظر تي ٻَڌل بهتر محصولن جي پاليسي جوڙي سگهجي. ناڻي واري وزير اجلاس دوران ان ڳالهه تي زور ڀريو ته مالياتي، واپاري ۽ نجي شعبي جي سڌارن لاءِ هڪ جامع ۽ مضبوط حڪمت عملي اختيار ڪرڻ ضروري آهي جيڪو وفاقي ۽ صوبائي سطح تي هڪجهڙو لاڳو ٿئي. هن ان ڳالهه جي اهميت کي اجاگر ڪيو ته اهڙا سڌارا ڪيا وڃن جيڪي انساني ترقي ۽ سماجي ۽ اقتصادي بهتري سان ڪارڪردگيءَ تي ٻَڌل اهڃاڻن سان ڳنڍيل هجن.