اسلام آباد-17 مارچ (اي پي پي) پاڪستان پنهنجي توانائي جي شعبي کي تبديل ڪرڻ لاءِ تيزيءَ سان ڪم ڪري رهيو آهي، مهانگي ٻارڻ تي گهٽ ڀاڙڻ ۽ ڪوئلي، هوا، شمسي توانائي سميت پن بجلي جهڙي پائيدار توانائي جي ذريعن طرفان منتقل ٿيڻ تي توجهه ڏئي رهيو آهي، قومي بجلي پاليسي اختيار ڪرڻ جو مقصد شهرين لاءِ گهٽ لاڳت، ڀروسي جوڳي ۽ ماحول دوست توانائي جي مستقبل کي محفوظ بنائڻ آهي. ملڪ جي توانائي جي مستقبل کي محفوظ بنائڻ لاءِ مقامي وسيلن ۽ نجي شعبي جي سيڙپڪاري کي ڪتب آڻڻ تي واضح توجهه ڏني وئي آهي. توانائي ڊويزن جي هڪ سال جي ڪارڪردگي جي حوالي سان جاري سرڪاري دستاويزن موجب توانائي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۾ نمايان اڳڀرائي ٿي آهي. حڪومت ڪوئلي ۽ تجديد جوڳين ذريعن مان توانائي جي پيداوار وڌائڻ تي توجهه ڏئي رهي آهي، جڏهن ته پاور گرڊ کي جديد بنائڻ ۽ خدمتن جي فراهميءَ کي بهتر بنائڻ تي به خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي. هڪ سال دوران اهم ڪاميابين ۾ توانائيءَ جي رسد کي بهتر بنائڻ لاءِ بلوڪي، اسلام آباد ويسٽ ۽ مٽياري- مورو- آر واءِ خان ۾ 500 ڪي وي جي لائنن سميت وڏين ٽرانسميشن منصوبن جي تڪميل شامل آهن. ڪوئلي سان هلندڙ 660 ميگاواٽ جو ڄامشورو پاور پلانٽ هلندڙ سال ڪم شروع ڪندو، جڏهن ته سڪي ڪناري هائيڊرو پاور پراجيڪٽ ۽ داسو هائيڊو پاور پرايجڪٽ صاف توانائي جي پيداوار ۾ واڌ ڪري رهيا آهن. ملڪ چٽاڀيٽي ٽريڊنگ ٻي طرفي ڪنٽريڪٽ مارڪيٽ (سي ٽي بي سي ايم) جي به جاچ ڪري رهيو آهي جڏهن ته اليڪٽرڪ ڊسٽري بيوشن ڪمپنيون (ڊي آءِ ايس سي اوز) جي نجڪاري ۽ ڪارڪردگيءَ کي بهتر بنائڻ لاءِ اهم سڌارن جون ڪوششون جاري آهن، 5 آءِ پي پيز سان بجلي جي خريداريءَ جي معاهدي جي خاتمي سان ملڪ کي 411 ارب رپين جي بچت ٿي آهي. صارفين لاءِ وفاقي حڪومت بجلي سهولت پيڪيج متعارف ڪرايو آهي جنهن سان سردين جي موسم ۾ فليٽ ريٽ فراهم ڪرڻ سان گڏوگڏ گهٽ آمدني وارن گهراڻن لاءِ سبسڊي، يونيفارم ٽيرف پاليسي ۽ منصفاڻي قيمتن کي يقيني بنائڻ لاءِ 342 ارب رپين جي سبسڊي ڏني وئي آهي. رليف پيڪيج تحت 200 يونٽن تائين استعمال ڪندڙ گهريلو صارفين لاءِ 50 ارب رپين جي سبسڊي، جڏهن ته شفافيت ۽ ڪارڪردگي کي وڌائڻ لاءِ محفوظ ميٽرنگ سسٽم، مارجنل پرائس ايپليڪيشن ۽ اي آر پي مالياتي ماڊيول جهڙين ڊجيٽل اڳڀرائين کي به لاڳو ڪيو پيو وڃي. دستاويز موجب پاور ڊويزن ملڪ ۾ بجلي جي بنيادي ڍانچي کي بهتر بنائڻ لاءِ توانائي جي اهم منصوبن ۾ اهم سيڙپڪاري ڪئي آهي، جنهن ۾ ٽرانسميشن اپ گريڊ لاءِ 31.97 ارب رپيا ۽ سڪي ڪناري هائيڊرو پاور پراجيڪٽ لاءِ 34.09 ارب رپيا شامل آهن. مالي سال 25-2024ع لاءِ توانائيءَ جي اهم منصوبن لاءِ سڪي ڪناري کي 13 ارب 80 ڪروڙ رپيا ۽ ڄامشورو ڪول پراجيڪٽ کي 12 ارب 93 ڪروڙ رپيا ملندا. تجديد جوڳي توانائي جي منصوبي سڪي ڪناري هائيڊرو پاور ۽ شمسي توانائيءَ جا قدم مهانگي گُهرايل ٻارڻ جي جاءِ تي بجلي جي لاڳت کي گهٽ ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿي رهيا آهن. هي منصوبو مجموعي طور ساليانو 3.5 بلين يونٽن کان وڌيڪ صاف توانائي پيدا ڪري ٿو، ڏيڍ لک کان وڌيڪ گهرن کي بجلي فراهم ڪري ٿو ۽ ڊگهي مُدي جي استحڪام کي يقيني بنائي ٿو. 660 ميگاواٽ جو ڄامشورو ڪول پراجيڪٽ تقريبن مڪمل ٿيڻ کانپوءِ پاڪستان جي انرجي سيڪيورٽي کي وڌيڪ مستحڪم ڪندي. دستاويز ۾ ٻُڌايو ويو آهي ته حڪومت پاور جي شعبي ۾ سڌارن کي اڳتي وڌائي رهي آهي جنهن سان وڌيڪ چٽاڀيٽي واري بجلي جي مارڪيٽ جي نگرانيءَ لاءِ هڪ آزاد نظام ۽ مارڪيٽ آپريٽر (آءِ ايس ايم او) جي جوڙجڪ به شامل آهي. ٻئي طرف بجلي ورڇيندڙ ڪمپنين (ڊسڪوز) جي نجڪاري، اين ٽي ڊي سي ۽ سي پي پي اي، جهڙن توانائي جي ادارن جي نئين سر تنظيم سازي جو مقصد آپريشنل ڪارڪردگي ۽ صارفين جي اطمينان کي هٿي ڏيڻ آهي. قومي بجلي پاليسي 2021ع ۽ پلان 27-2023ع ۽ پاور جنريشن باليسي 2015ع ۽ اي آر اي پاليسي 2019ع جهڙيون اهم پاليسيون انهن ڪوششن جي رهنمائي ڪري رهيون آهن. حڪومت توانائي جي منصوبن ۾ نجي شعبي جي شموليت کي به هٿي ڏئي رهي آهي. ملڪ جي وڌندڙ توانائي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ حصيداري ۽ـ سيڙپڪاريءَ جي حوصله افزائي ڪئي پئي وڃي. پاور ڊويزن ورڪشاپس، ڪانفرنسن ۽ آئوٽ ريچ پروگرام ذريعن عوام ۽ ڌُرين کي فعال ڪيو آهي، جنهن ۾ 6 نومبر 2024ع تي فرانس سان هائيڊرو پاور ورڪشاپ ۽ جنوري 2025ع ۾ انٽرنيشنل هائيڊو پاور ايسوسيئيشن (آءِ ايڇ اي) سان چوٿين عالمي هائيڊرو پاور ڪانفرنس شامل آهي. پاڪستان وڌيڪ سستي، اعتماد جوڳي ۽ پائيدار توانائيءَ جي نظام طرف نمايان اڳڀرائي ڪري رهيو آهي، جنهن ۾ ملڪ جي توانائي جي مستقبل کي محفوظ بنائڻ لاءِ مقامي وسيلن ۽ نجي شعبي جي سيڙپڪاريءَ کي ڪتب آڻڻ تي واضح توجهه ڏني وئي آهي.