اسلام آباد – 04 – مارچ (اي پي پي) انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪشن واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه چيو آهي ته گذريل سال دوران حڪومتي قدمن جي ڪري اي گورننس ۾ نمايان بهتري ۽ موبائيل فون جي مقامي مينوفيڪچرنگ ۾ اضافو ٿيو آهي، اي گورنمينٽ جي پاڪستان جي عالمي انڊيڪس ۾ بهتري آئي آهي، آءِ ٽي روانگي واپار 2 ارب ڊالر تائين پهچي ويو آهي، انٽرنيٽ جي اسپيڊ ۾ اضافي جي لاءِ ٽي سب ميرين ڪيبلز وڇايون ويون آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ وفاقي حڪومت جو پهريون سال مڪمل ٿيڻ تي وفاقي ڪابينا جي ڪارڪردگي جي جائزي جي لاءِ خصوصي اجلاس ۾ پنهنجي وزارت جي ڪارڪردگي بابت بريفنگ ڏيندي ڪيو. هن چيو ته گذريل سال اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ وزيراعظم آءِ سي ٽي ويزن ۽ ڊيجيٽل نيشن پاڪستان جو هدف ڏنو، ان شعبي سان 25 ارب ڊالر حاصل ڪرڻ جو هدف آهي. ٽيليڪام، آءِ ٽي ۽ ڊيجيٽل ٽرانسفارميشن کي ٽن حصن ۾ ورهايو ويو. انٽرنيٽ جي فراهمي آءِ ٽي ۽ ڊيجيٽل ترقي جي لاءِ لازمي آهي. هن چيو ته گذريل هڪ سال ۾ 15 ملين براڊبينڊ سبسڪرائبرز ۾ اضافو ٿيو. ٽيلي ڪام سيڪٽر ۾ اوڳاڙين ۾ ڏيڍ سئو ارب، پاڪستان ۾ سمارٽ فون جي خريداري 49 کان 65 سيڪڙو تائين پهچي وئي. لوڪل موبائيل مينوفيڪچرنگ جي شعبي ۾ ساليانو 10 ملين ڊيوائيسز ۾ اضافو ٿيو. پاڪستان ۾ موبائيل فون جي 93 سيڪڙو طلب ملڪي سطح تي تيار ڪئي پئي وڃي. گذريل سال آءِ ٽي جي شعبي سان قومي خزاني کي 341 ارب رپين جو فائدو پهتو، هڪ سال ۾ 8200 نئين سائيٽس جي فائبرائيزيشن ڪئي وئي. هن چيو ته انٽرنيشنل سطح تي ڪنيڪٽيويٽي جي لاءِ 3 نيون ميرين ڪيبلز وڇايو ويون آهن، انٽرنيٽ جي اسپيڊ ۾ اضافو ٿيندو، آپٽيڪل فائبر پروگرام تحت ميرين ڪيبل کي چين سان ڳنڍيو ويو آهي ۽ وچ ايشيائي ملڪن سان پڻ ڳنڍي رهيا آهيون. وفاقي وزير چيو ته يو ايس ايف جي ذريعي 813 ڳوٺن تائين انٽرنيٽ جي پهچ ڏني وئي جنهن سان وڌيڪ 10 لک ماڻهن کي فائدو ٿيو آهي ۽ 2 هزار ڪلوميٽر جي علائقي ۾ فائبر آپٽڪ ڪيبل وڇائي وئي آهي. هن چيو ته انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ گذريل 7 مهينن ۾ گذريل سال جي انهي عرصي جي ڀيٽ ۾ 25 سيڪڙو بهتري آئي آهي. 2 ارب ڊالر جون آءِ ٽي خدمتون ۽ مصنوعات فراهم ڪيون ويون آهن. 229 انڪيوبيٽڊ اسٽارٽ اپس شروع ڪيا ويا آهن. 8 نيشنل انڪيوبيشن مرڪز قائم ڪيا ويا آهن. انهن مان 1.37 ارب رپين جو روينيو حاصل ٿيو ۽ 2 ارب رپيا سيڙپڪاري ۾ اضافو ٿيو. شزه فاطمه خواجه چيو ته 2024ع جي آءِ ٽي يو جي سائبر سيڪيورٽي انڊيڪس ۾ پاڪستان رول ماڊل جي طور تي سامهون آيو. گڏيل قومن جي اي گورنمينٽ ۾ پاڪستان جي درجابندي ۾ 14 درجا بهتري آئي. وزيراعظم جي قيادت ۾ اها ڪاميابي حاصل ڪئي. دبئي سميت ٻين ملڪن جي وڏن شهرن ۾ غيرملڪي سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪيون ويون. هن چيو ته موجوده حڪومت جي دور ۾ جي ٽو جي ۽ بي ٽو بي 70 کان وڌيڪ مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحون ڪيون ويون. هلندڙ سال پاڪستان ڊي سي او ۽ عالمي اقتصادي فورم سان گڏجي ڊيجيٽل ايف ڊي آءِ فورم جي ميزباني ڪري رهيو آهي.