اسلام آباد – 04 – مارچ (اي پي پي) ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته ملڪي معيشت مستحڪم ٿي چڪي آهي، استحڪام سان گڏوگڏ گهربل ڍانچاجاتي سڌارن تي عملدرآمد ٿي رهيو آهي، رائيٽ سائيزنگ جي حوالي سان 43 وزارتن ۽ 400 لاڳاپيل ادارن ۾ قدمن جو سلسلو جاري آهي، 10 وزارتن تي تجويزون اچي چڪيون آهن جن جي ڪابينا توثيق پڻ ڪري ڇڏي آهي، مالي سال جي پڄاڻي تائين سمورين وزارتن ۽ لاڳاپيل ادارن بابت فيصلا ڪيا ويندا، ڊسمبر جي پڄاڻي تائين جي ڊي پي جي تناسب سان اوڳاڙين جي شرح جي حوالي سان آءِ ايم ايف جي مقرر هدف کان وڌيڪ هدف حاصل ڪري وٺنداسين، ايندڙ چار سالن ۾ جي ڊي پي جي تناسب سان ٽيڪسن جي شرح کي 13.5 سيڪڙو جي سطح تي کڻي اينداسين. هن اها ڳالهه وزيراعظم جي صدارت ۾ حڪومت جي هڪ سال جي ڪارڪردگي جي حوالي سان منعقد خصوصي اجلاس کي بريفنگ ڏيندي چئي. هن چيو ته ڪلي معيشت ۽ اهم اقتصادي انگن اکرن ۾ نمايان بهتري آئي آهي، ناڻي واڌ جي شرح فيبروري ۾ 1.5 سيڪڙو تائين هيٺ وئي آهي جيڪا ساڍا 9 سالن جي گهٽ ترين شرح آهي، ڪراچي انٽربئنڪ آفر ريٽ ۾ هڪ سال جي مدي ۾ 10 سيڪڙو گهٽتائي ٿي آهي ۽ هن وقت ان جي شرح 11.8 سيڪڙو آهي، پرائمري سرپلس مجموعي قومي پيداوار جو 2.9 سيڪڙو آهي جيڪا 20 سالن جي بلند تريح شرح آهي. ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته ڪراچي اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ نمايان تيزي آئي آهي، گذريل سال جي مدي ۾ پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ مجموعي طور تي 47 هزار پوائنٽس جو اضافو ٿيو، سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ 52 هزار نوان سيڙپڪار آيا آهن، اسان جي منشاءَ به اها ئي آهي ته اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ سيڙپڪاري جي بنيادن کي وسيع ڪيو وڃي. ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته قرضن جي انتظام انصرام ۾ نمايان بهتري آئي آهي، مارچ کان ڊسمبر تائين جي مدي ۾ ٻاهرئين قرضن ۾ مجموعي طور تي 800 ملين ڊالر جي گهٽتائي ٿي، جي ڊي پي جي تناسب سان قرضن جي شرح 67.5 سيڪڙو آهي جيڪا پنجن سالن جي گهٽ ترين شرح آهي، گذريل مالي سال دوران اها شرح 74.9 سيڪڙو هئي، پهريون ڀيرو حڪومت مييچيورٽي کان اڳ پنهنجا قرض واپس خريد ڪيا آهن، ان سان مارڪيٽ کي به اهو پيغام ڏنو ويو آهي ته اسان مجبوري ۽ مايوسي تحت نه پر پنهنجي شرطن تي قرض وٺنداسين. انهن قدمن جي نتيجي ۾ هن سال دوران اسان قرضن جي ادائيگي جي خرچن ۾ هڪ ٽريلين رپين جي بچت ڪري سگهنداسين. ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته ملڪي پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، هن وقت ٻن مهينن تائين جي درآمدات جي لاءِ پرڏيهي ناڻو دستياب آهي، درآمدي ڪوور ۾ اضافو قرضن جي ڪري نه پر اوپن مارڪيٽ آپريشن جي ڪري ممڪن ٿيو آهي. ڪرنٽ اڪائونٽ خساري جي کاتن جو توازن 7 مهينن ۾ 682 ملين ڊالر فاضل رهيو آهي، 20 سالن کانپوءِ ڪرنٽ اڪائونٽ خساري جي کاتن جو توازن فاضل آيو آهي، جاري مالي سال جي پهرين 7 مهينن ۾ سڌوسنئون ٻاهرئين سيڙپڪاري 56 سيڪڙو جي اضافي کانپوءِ 1.5 ارب ڊالر ٿي وئي آهي، ملڪي ڪرنسي مستحڪم آهي، ايڪسچينج ريٽ جي شرح 279 رپيا آهي، روانگي واپار ۽ مٽاسٽا جي ناڻي ۾ نمايان اضافو ٿي رهيو آهي. ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته ماضي ۾ استحڪام سان گڏوگڏ گهربل ڍانچاجاتي سڌارن تي عملدرآمد نه ٿي سگهيو ۽ مشڪل فيصلا ڪرڻ کان پاسو ڪيو ويو، گذريل هڪ سال کان ڍانچاجاتي سڌارن تي عملدرآمد ٿي رهيو آهي، رائيٽ سائيزنگ جي حوالي سان 43 وزارتن ۽ 400 لاڳاپيل ادارن ۾ قدمن جو سلسلو جاري آهي، 10 وزارتن تي تجويزون اچي چڪيون آهن جن جي ڪابينا توثيق پڻ ڪري ڇڏي آهي، هن مالي سال جي پڄاڻي تائين سمورين وزارتن ۽ لاڳاپيل ادارن بابت فيصلا ڪيا ويندا. ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته 24 سرڪاري ملڪيتي ادارن جي نجڪاري جي حوالي سان فيصلو ٿي چڪو آهي، پينشن سڌارن تي عملدرآمد جي شروعات ٿي چڪي آهي، چين کان پانڊا بانڊ جي شروعات جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه جاري آهي ۽ اميد آهي ته هن سال دوران چيني ڪيپيٽل مارڪيٽ ۾ پانڊا بانڊ جاري ڪيا ويندا. ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته زرعي انڪم ٽيڪس جي حوالي سان صوبن ۾ نمايان اڳڀرائي ٿي آهي، ٽيڪس پاليسي آفيس کي ايف بي آر کان ناڻي واري وزارت ۾ منتقل ڪيو ويو آهي، بزنس ڪميونٽي ان جي آجيان ڪئي آهي، هاڻي پاليسي اقتصادي ترجيحن موجب ٺاهي ويندي، وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڻ ايف بي آر ۾ بهتري جي لاءِ قدمن جي نگراني ڪري رهيو آهي. ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته گذريل مالي سال دوران ايف بي آر جي اوڳاڙين ۾ 29 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، جاري مالي سال دوران اضافي جي شرح 26 سيڪڙو آهي، روينيو ۾ اضافي جي لاءِ قدم کنيا ويا آهن، ڊسمبر جي پڄاڻي تائين جي ڊي پي جي تناسب سان اوڳاڙين جي شرح جي حوالي سان آءِ ايم ايف جو هدف 10.6 سيڪڙو آهي جڏهن ته اسان 10.8 سيڪڙو جي شرح حاصل ڪري وٺنداسين، ايندڙ چار سالن ۾ جي ڊي پي جي تناسب سان ٽيڪسن جي شرح کي 13.5 سيڪڙو جي سطح تي کڻي اينداسين. فائيلرز جي انگ ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، ايف بي آر ۽ لاڳاپيل ادارن ۾ ڊيجيٽلائيزيشن جو عمل تيز ڪيو ويو آهي جنهن سان اوڳاڙين ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. هن چيو ته عالمي ادارا ۽ شخصيتون پاڪستان جي معيشت تي اعتماد جو اظهار ڪري رهيا آهن، انشاءَ الله اسان هن سال ۾ سنگل بي ڪريڊٽ حاصل ڪرڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪري وٺنداسين.