اسلام آباد – 04 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته پاڪستان ٽيليويزن (پي ٽي وي) مان سفارشي ڪلچر جو پاڙ کان خاتمو ڪري ڇڏيو آهي. اها ڳالهه هن قومي اسيمبلي ميمبر پلين بلوچ جي صدارت ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ منعقد قومي اسيمبلي جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي ڪئي. اسٽينڊنگ ڪميٽي پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن (پي بي سي) کي هدايت ڪئي ته اداري جون مالي حالتون بهتر ڪرڻ جي لاءِ ريڊيو پاڪستان جي ڪرائي تي ڏني ويندڙ عمارتن جي ڪراين جي اگهن تي نظرثاني ڪري انهن کي مارڪيٽ ريٽ تي آڻي. ڪميٽي چيو ته ڪارپوريشن جي موجوده مالي حالت اداري کي پنهنجو ڪم خوش اسلوبي سان جاري رکڻ ۽ پنهنجي ملازمن کي پگهارن ۽ پينشن جي وقت سر ادائيگي جي لاءِ فوري سخت قدمن جي گهرجائو آهي. اسٽينڊنگ ڪميٽي پاڪستان ٽيليويزن کان طلب ڪيل معلومات جي عدم فراهمي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. ڪميٽي جو موقف هو ته اسٽينڊنگ ڪميٽيون پارليامينٽ جي توسيع آهن ۽ انهن کي حڪومتي وزارتن ۽ انهن جي ماتحت ادارن جي پارلياماني نگراني جي ذميواري ڏنل آهي ۽ حڪومت جي ڪنهن به کاتي/ اداري کان معلومات حاصل ڪرڻ جو استحقاق حاصل آهي. ڪميٽي پنهنجي ايندڙ اجلاس کان اڳ پي ٽي وي کان طلب ڪيل ضروري معلومات جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ڪميٽي ۽ ان جا ميمبر احترام لائق آهن، ڪميٽي کي معلومات جي فراهمي يقيني بڻائي ويندي. اطلاعات واري وفاقي وزير پي ٽي وي کي وڌيڪ متحرڪ ۽ پاڻڀرو بڻائڻ جي لاءِ کنيل قدمن تي روشني وجهندي ڪميٽي کي ٻڌايو ته چئلينجنگ قومي تناظر ۾ پي ٽي وي ۾ توازن آڻڻ جي لاءِ سخت محنت ڪئي آهي، جيڪڏهن ڪنهن اينڪر کي پرائيويٽ سيڪٽر جي اندر ويهي سٺي پگهار ملي ٿي ۽ ان جي چينل جي ريٽنگ سٺي آهي ته پي ٽي وي نوگو ايريا نه آهي جو هتي پرائيويٽ اينڪر نه ٿا اچي سگهن. هن وڌيڪ چيو ته پي ٽي وي ۾ پروفيشنل اينڪرز جون خدمتون حاصل ڪيون ويون آهن. وفاقي وزير چيو ته ماضي ۾ پي ٽي وي ۾ بنيادي مهارتن کان محروم اهڙا ماڻهو جيڪي اردو ڳالهائڻ تائين نه ڄاڻيندا هئا، کي اينڪرز ۽ تجزيه نگارن جي عهدن تي لڳايو ويو. عطاءُ الله تارڙ قومي نشرياتي اداري ۾ سڌارن جي لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير ناليواري اسپورٽس پريزنٽر زينب عباس جي پي ٽي وي اسپورٽس ۾ شموليت کي خوش آئنده قرار ڏيندي چيو ته زينب عباس جي عالمي سطح تي سڃاڻپ آهي، هوءَ اڳ ۾ ٽين اسپورٽس سان واڳيل هئي، ان جي اداري سان شموليت مثبت قدم آهي. اسٽينڊنگ ڪميٽي بلوچستان ۽ ملڪ جي سرحدي علائقن ۾ رياست مخالف بيانيي جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ جوڙيل حڪمت عملي جو جائزو ورتو ۽ ان تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ڪميٽي بلوچستان ۽ سرحدي علائقن ۾ سرڪاري ريڊيو ۽ ٽيليويزن جي ڪوريج وڌيڪ وڌائڻ تي زور ڏنو ۽ ترقياتي شعبي ۾ حڪومت جي ڪاميابين کي اجاگر ڪرڻ ۽ عوامي خصوصي طور تي نوجوانن جي ملڪي ترقي ۾ انهن جو ڪردار اجاگر ڪرڻ تي زور ڏنو. پرائيم ٽائيم ۽ راندين جي مئچن دوران ٽي وي چينلز پاران مقرر حد کان وڌيڪ اشتهار هلائڻ جو نوٽيس وٺندي ڪميٽي پيمرا کي هدايت ڪئي ته هو ان حوالي سان پنهنجي ضابطن جي تعميل کي يقيني بڻائي. ڪميٽي کي ٻڌايو ويو ته سمورن ٽي وي چينلز کي قاعدن ۽ ضابطن جي پاسداري جي لاءِ ايڊوائيزري جاري ڪئي وئي آهي. اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن ڪرن عمران ڊار، آسيه ناز تنولي، رومينه خورشيد عالم، سحر ڪامران، راڻا انصار، محمد معظم علي خان، مولانا عبدالغفور حيدري شرڪت ڪئي جڏهن ته مهتاب اڪبر راشدي ۽ وقاص اڪرم زوم جي ذريعي اجلاس ۾ شريڪ ٿيا. اطلاعات واري وزارت جي نمائندگي ڊائريڪٽر جنرل (آءِ پي)، ڊائريڪٽر جنرل (پي بي سي) ۽ وزارت جي ماتحت ادارن جي ٻين آفيسرن ڪئي.