اسلام آباد – 13 – فيبروري (اي پي پي) پاڪستان – ترڪيه اعليٰ سطحي اسٽريٽجڪ تعاون ڪائونسل جي ستين اجلاس کانپوءِ گڏيل پڌرنامو جاري ڪيو ويو جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ حصيداري کي وڌيڪ سگهه ڏني ويندي ۽ ان کي متنوع ۽ اداراجاتي بڻايو ويندو. ترڪيه ۽ پاڪستان جي وچ ۾ صديون پراڻي گهري مذهبي، تهذيبي، ثقافتي، لساني ۽ تاريخي لاڳاپن ۽ ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي سفارتي لاڳاپن جي قيام جا 77 سال مڪمل ٿيڻ ۽ مشڪل وقت ۾ ٻنهي ملڪن جي عوام ۽ حڪومتن جي آزمائشي ۽ مثالي ڀائيچاري ۽ گڏيل تعاون کي تسليم ڪندي ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ويو ته ٻنهي ڀائر ملڪن جي عوام جي وچ ۾ تاريخي ڀائراڻا لاڳاپا هڪ مقدس امانت آهن جن کي سڀني کي هٿي وٺرائڻ ۽ اسان جي ايندڙ نسلن تائين پهچائڻ گهرجي. گڏيل پڌرنامي موجب ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سمورن شعبن ۾ موجوده ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جا خواهشمند آهيون جنهن ۾ دفاع، واپار، سيڙپڪاري، بئنڪنگ، فنانس، تعليم، صحت، توانائي، ثقافت، سياحت، ٽرانسپورٽ ۽ مواصلات، زراعت، پاڻي، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي شامل آهن. پاڪستان ۽ ترڪيه اعليٰ سطحي تزويراتي تعاون ڪائونسل جي مرڪزيت کي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ هڪ منظم، ٺوس، تزويراتي ۽ جامع انداز ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌائڻ جي طريقيڪار جي طور تي اجاگر ڪندا. گڏيل پڌرنامي ۾ امن، سلامتي ۽ پائيدار ترقي کي درپيش موجوده چئلينجز کي نظر ۾ رکندي جن جا خطي ۽ ان کان ٻاهر ڏورس اثر پون ٿا ۽ ان سلسلي ۾ اسٽريٽجڪ تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي لاءِ ٻنهي طرفن جي مضبوط عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو. ٻنهي ملڪن ۾ دهشتگرد حملن جي سمورن واقعن جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي ۽ اسلامو فوبيا جي وڌندڙ لهر تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي پوري دنيا ۾ مسلمانن جي خلاف دهشتگردي ۽ نسل پرستاڻي حملن جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي. گڏيل پڌرنامي ۾ دهشتگردي جي لعنت سان ان جي سمورين شڪلين ۽ مظاهر سان گڏوگڏ انتهاپسندي جي خطري سان وڙهڻ ۽ علائقائي ۽ عالمي پليٽ فارمز تي ان سلسلي ۾ لاڳاپيل قدمن جي حمايت ڪرڻ جي پنهنجي گڏيل عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو. اسلام آباد ۾ منعقد اعليٰ سطحي اسٽريٽجڪ تعاون ڪائونسل جي ستين اجلاس جي شريڪ چيئرمينن اداراجاتي فريم ورڪ ۽ سياسي تعاون ۽ ٻطرفي اداراجاتي مڪينزم تي اتفاق ڪيو. اعليٰ سطحي اسٽريٽجڪ تعاون ڪائونسل هڪ اهم سياسي فورم آهي جيڪو سمورن شعبن ۾ ٻطرفي لاڳاپن جي رهنمائي ڪري ٿو. پڌرنامي موجب اعليٰ سطحي اسٽريٽجڪ تعاون ڪائونسل جي گڏيل ورڪنگ گروپس کي هينئر کان ”گڏيل اسٽينڊنگ ڪميٽين“ جو نالو ڏنو ويندو ته جيئن انهن جي مستقل نوعيت کي بهتر انداز ۾ ظاهر ڪري سگهجي. اعليٰ سطحي اسٽريٽجڪ تعاون ڪائونسل مڪينزم تحت ٽي نيون جي ايس سيز قائم ڪيون ويون آهن، ايس اي ايف پاران تيار ڪيل ايڪشن پلان جو جي ايس سيز جي ذريعي فالو اپ جاري رکيو ويندو. ٻئي ڌريون اعليٰ سطحي اسٽريٽجڪ تعاون ڪائونسل جي ذريعي ڪيل فيصلن تي عملدرآمد جي باقاعده پيروي ۽ نگراني جي لاءِ هڪ نامزد اداري کي نامزد ڪندا. جي ايس سيز معاهدن، پروٽوڪولز ۽ ايم او يوز جو جائزو وٺنديون، اپ ڊيٽ ڪنديون ۽ انهن ۾ ترميم ڪنديون ته جيئن انهن جي لاڳو کي هموار ڪري سگهجي. جي ايس سيز 5 ارب ڊالر جي ڪل ٻطرفي واپاري ڪاٿي جي شروعاتي مقصد تائين پهچڻ جي لاءِ بهتر اقتصادي تعاون جي فريم ورڪ جي اندر مخصوص پروگرامن ۽ منصوبن کي تيار ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو ڪم جاري رکنديون. جي ايس سيز سال ۾ ٻه ڀيرا اعليٰ سطحي اسٽريٽجڪ تعاون ڪائونسل جي انقره ۽ اسلام آباد ۾ ٿيندڙ اجلاسن کان اڳ ملاقات ڪنديون. گڏيل پڌرنامي موجب ٻنهي طرفن گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ڌرين پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ سمورن حل طلب تڪرارن بشمول ڄمون ۽ ڪشمير جي بنيادي تڪرارن کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن ۽ ڪشميرين جي خواهشن موجب حل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ان سلسلي ۾ پاڪستان ترڪيه جي اصولي موقف جي لاءِ پنهنجي گهري تعريف جو اظهار ڪيو. ٻنهي ملڪن قبرص جي مسئلي جي منصفاڻي، پائيدار حل جي ڪوششن جي لاءِ مڪمل ۽ پرعزم حمايت جو ورجاءُ ڪيو. پاڪستان ترڪ قبرصي ۽ ترڪيه جي لاءِ پنهنجي حمايت جو ورجاءُ ڪيو جڏهن ته ترڪيه ان معاملي تي پاڪستان جي اصولي موقف جي لاءِ پنهنجي گهري تعريف جو اظهار ڪيو. ٻنهي ملڪن هڪ پرامن ۽ مستحڪم افغانستان جي لاءِ پنهنجي حمايت جو ورجاءُ ڪيو. هنن زور ڏنو ته افغانستان کي دهشتگرد گروپن جي محفوظ پناهگاهه نه بڻجڻ گهرجي، عبوري افغان عملدارن کي دهشتگردي جي خاتمي بشمول ٽي ٽي پي ۽ داعش جي خلاف ڪارروائي پڻ شامل آهي. بيان موجب ڌرين گهڻ رخي کي مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کي وسيع تر ممڪن اتفاق راءِ تي ٻڌل گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي سڌاراجاتي عمل جي ذريعي وڌيڪ نمائنده، جمهوري، شفاف ۽ جوابده بڻائڻ جي ضرورت آهي. هنن سلامتي ڪائونسل جي ايجنڊا تي خاص طور تي مسلمان امت بابت پراڻي تڪرارن جي حل جي لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن تي عملدرآمد جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. گڏيل پڌرنامي موجب ڌرين اسرائيل پاران طاقت جي انڌاڌنڌ استعمال جي نتيجي ۾ شديد جاني ۽ مالي نقصان ۽ لکين فلسطينين جي بي گهر ٿيڻ تي پنهنجي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو، غزه جنگبندي جي آجيان ڪندي اميد ظاهر ڪئي وئي ته اها جنگبندي هڪ مستقل ۽ پائيدار جنگبندي جو سبب بڻجندي. هنن يو اين آر ڊبليو اي جي ذريعي سمورن بي گهر فلسطينين جي گهرن ڏانهن واپسي سان گڏوگڏ غزه جي جلد کان جلد نئين سر تعمير جي لاءِ ٺوس عالمي ڪوششن سان انساني امداد ۾ اضافي جي ضرورت تي زور ڏنو. هنن چيو ته فلسطينين کي انهن جي سرزمين تان بي گهر ڪرڻ ۽ غيرقانوني بستين کي جاري رکڻ جي ڪا به ڪوشش عالمي قانون جي واضح خلاف ورزي آهي. ڌرين 1967ع کان اڳ جي سرحدن تي ٻڌل هڪ خودمختيار ۽ متصل فلسطيني رياست قائم ڪرڻ جي لاءِ منصفاڻي ۽ جامع حل ڳولڻ جي ضرورت تي زور ڏنو جنهن جي گادي وارو شهر القدس الشريف هجي. ٻنهي ڌرين هٿيارن جي ڪنٽرول، هٿيارن جي خاتمي ۽ عدم ڦهلاءُ جي اوزارن ۽ مقصدن کي برقرار رکڻ جي اهميت تي زور ڏنو. ٻنهي ڌرين عالمي هٿيارن جي خاتمي ۽ عدم ڦهلاءُ جي مقصدن جي لاءِ ڪم جي اهميت تي زور ڏنو. ترڪيه عدم ڦهلاءُ جي لاءِ پاڪستان جي عزم کي ساراهيو. ترڪيه ان ڳالهه کي تسليم ڪري ٿو ته ان علائقي ۾ هڪ وسيع تجربو رکندڙ ملڪ جي طور تي پاڪستان جي اين ايس جي جي ميمبرشپ جي خواهش عالمي عدم ڦهلاءُ جي مقصدن ۾ حصو وجهندي. گڏيل پڌرنامي موجب ٻئي ملڪ دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ تعاون جاري رکندا. ٻنهي ڌرين ان ڳالهه تي زور ڏنو ته دهشتگردي جو تعلق ڪنهن مذهب، قوميت يا تهذيب سان نه هجڻ گهرجي. او آءِ سي جي لاڳاپيل فيصلن موجب ڌرين دهشتگردي جي ان اڀرندڙ خطري جو موثر جواب ڏيڻ جي لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي پابندين جي نظام جي دائري ۾ ماڻهن ۽ مسلمان مخالف نسل پرست ۽ انتهاپسند گروهن سان واڳيل ماڻهن ۽ ادارن کي شامل ڪري ان جي دائري کي وسيع ڪرڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششون ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي ڌرين پاڪستان – ترڪيه دهشتگردي جي خاتمي واري مشاورت جي فريم ورڪ تحت ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو ۽ مشاورت جو اڳيون دور گڏيل مناسب تاريخن تي انقره ۾ منعقد ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. ٻئي ملڪ علائقائي ۽ عالمي فورمز خاص طور تي گڏيل قومن، اسلامي تعاون تنظيم، اقتصادي تعاون تنظيم ۽ ڊي ايٽ ۾ تعاون ۽ هم آهنگي جاري رکندا جڏهن ته امن ۽ سلامتي، ترقي، هٿيارن جي ڪنٽرول، دهشتگردي جي خاتمي ۽ موسمياتي تبديلي جي شعبن ۾ گڏجي ڪم ڪيو ويندو. ٻئي ملڪ بي قاعده هجرت کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪندا رهندا، بي قاعده هجرت ۽ انساني اسمگلنگ ۽ ٻاهرئين ملڪ اسمگلنگ کي منهن ڏيڻ جي لاءِ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڊيزاسٽر ريسپانس، ريسڪيو ۽ ريليف جي ڪمن ۾ پنهنجي لاڳاپيل ليڊ ايجنسين جي ذريعي تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ٻنهي ملڪن ترقياتي تعاون جي فريم ورڪ جي اندر ترڪش ڪوآپريشن اينڊ ڪوآرڊينيشن ايجنسي (ٽيڪا) جي ذريعي پاڪستان ۾ مختلف سماجي ۽ فزيڪل انفراسٽرڪچر ۽ ثقافتي منصوبن جي تڪميل کي جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو. دفاعي ۽ سلامتي جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ ۽ گڏيل تحقيق ۽ ترقي سان گڏوگڏ گڏيل منصوبن جي امڪانن کي فروغ ڏيڻ کانسواءِ خلائي ۽ دفاعي صنعت جي شعبن ۾ گڏيل تحقيق ۽ ترقي جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. پڌرنامي موجب پاڪستاني بجلي جي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين جي نجڪاري جي عمل ۾ ترڪ ڪمپنين جي شرڪت جي آجيان ڪئي وئي. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ موجوده ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري جو جائزو ورتو ويو ۽ ان سلسلي ۾ غيراستعمال ٿيل وسيع امڪانن کي متحرڪ ڪرڻ جي لاءِ اقتصادي رابطن جي سطح کي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ٻنهي معيشتن جي لاءِ 5 ارب ڊالر جي واپاري ڪاٿي جي هدف کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ ترجيحي شعبن تي ڌيان ڏيندا. ان سلسلي ۾ ڌريون واپاري ميلن، نمائشن ۽ وقت بوقت ڪاروباري فورمز ۾ شرڪت جي حمايت جاري رکندا جنهن ۾ صنعتي ايسوسيئيشنز، چيمبرز آف ڪامرس ۽ نجي شعبي جون ڌريون شامل هونديون. گڏيل پڌرنامي موجب اسلام آباد – تهران – استنبول ٽرين ۽ روڊ ڪوريڊور کي مڪمل طور تي فعال ڪري ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي تعاون ۽ واپاري سرگرمين کي وڌيڪ فروغ ڏيندا. گڏيل منصوبن، ڪاروباري تعاون، ٻطرفي سيڙپڪاري، ڪانفرنس جي ذريعي صحت ۽ دواسازي جي شعبن ۾ تعاون کي وڌائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪندا. ٻنهي ملڪن جي ڊاڪٽرن، نرسن، هيلٿ ڪيئر ايڊمنسٽريٽرز ۽ لاڳاپيل هيلٿ پروفيشنلز جي لاءِ صحت جي سارسنڀال جا پيشيواراڻي پروگرام جوڙيا ويندا. ٻنهي ڌرين اتفاق ڪيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ عوامي رابطن کي وڌائڻ جي رستي کي آسان بڻايو ويندو جڏهن ته اعليٰ سطحي اسٽريٽجڪ تعاون جو اڳيون اجلاس انقره ۾ منعقد ٿيندو جنهن جي لاءِ تاريخن تي سفارتي ذريعن سان اتفاق ڪيو ويندو.