اسلام آباد – 13 – فيبروري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري خيبرپختونخواهه ۾ 5 مختلف ڪامياب ڪاررواين دوران 13 خوارج کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي بهادري کي ساراهيو ۽ ملڪ مان فتنه الخوارج جي مڪمل خاتمي جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر چيو ته سيڪيورٽي فورسز دهشتگردي جي لعنت جي خاتمي جي لاءِ ڪارروايون ڪري رهيون آهن، پوري قوم دهشتگردي جي خلاف متحد آهي. صدر چيو ته دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين فتنه الخوارج جي خلاف ڪارروايون جاري رهنديون.