اسلام آباد – 13 – فيبروري (اي پي پي) ترڪ صدر رجب طيب اردوان پاڪستان جو ٻن ڏينهن جو سرڪاري دورو مڪمل ڪري واپس روانو ٿي ويو. ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان کي نور خان ايئربيس تي وزيراعظم محمد شهباز شريف شاندار انداز ۾ رخصت ڪيو. ان موقعي تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ اعليٰ عملدار پڻ وزيراعظم سان گڏ هئا. ترڪ صدر ۽ خاتون اول کي دوري جو تصويري البم پڻ پيش ڪيو ويو. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي دعوت تي ترڪيه جو صدر رجب طيب اردوان پاڪستان جو ٻن ڏينهن جو سرڪاري دورو ڪيو. دوري دوران وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ صدر رجب طيب اردوان پاڪ ترڪ اعليٰ سطحي اسٽريٽجڪ ڪوآپريشن ڪائونسل جي ستين اجلاس جي گڏيل صدارت ڪئي. سيشن جي پڄاڻي تي هڪ گڏيل پڌرنامو جاري ڪيو ويو ۽ 24 اهم معاهدن ۽ ايم او يوز تي صحيحون ڪيون ويون. صدر اردوان وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ صدر آصف علي زرداري سان جدا جدا ملاقاتون ڪيون. ترڪ صدر پاڪستان ترڪ بزنس اينڊ انويسٽمينٽ فورم کي خطاب ڪيو جنهن ۾ ٻنهي طرفن جا اهم سيڙپڪار، ڪمپنيون ۽ ڪاروباري ماڻهو شريڪ هئا.