اسلام آباد – 14 – فيبروري (اي پي پي) پاڪستان ڀارت ۽ آمريڪا جي گڏيل بيان ۾ پاڪستان جي حوالي کي ”هڪطرفو، گمراهه ڪندڙ ۽ سفارتي اصولن جي خلاف“ قرار ڏيندي چيو ته اهو خطي ۽ ان کان ٻاهر دهشتگردي، تخريبڪاري ۽ عدالت کان مٿانهين قتل جي وارداتن جي ڀارتي سرپرستي تي پردو نٿو وجهي سگهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان شفقت علي خان هفتيوار پريس بريفنگ ۾ چيو ته آمريڪا سان دهشتگردي جي خاتمي جي تعاون جي باوجود پاڪستان جو حوالو ڏنو ويو آهي. هن چيو ته اهڙي طرح جو حوالو ان تلخ حقيقت تان عالمي ڌيان نٿو هٽائي سگهي ته ڀارت مسلمانن ۽ ٻين اقليتن جي خلاف نفرت انگيز ڏوهن جي مرتڪب عنصرن جي لاءِ محفوظ پناهه آهي. گڏيل پڌرائي ۾ ڀارت پاران گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عمل نه ڪرڻ تي ڌيان نه ڏنو ويو جيڪو خطي ۾ ڇڪتاڻ ۽ عدم استحڪام جو هڪ اهم ذريعو آهي ۽ نه ئي ان ۾ ڀارت جي غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين صورتحال جو نوٽيس ورتو ويو آهي. افسوسناڪ ڳالهه اها آهي ته اهو عالمي ذميواري کان دستبرداري جي برابر آهي. ترجمان امن ۽ استحڪام جي فروغ ۽ دهشتگردي جي خلاف جنگ کي منطقي انجام تائين پهچائڻ جي لاءِ علائقائي ۽ عالمي ڪوششن ۾ تعميري ڪردار ادا ڪرڻ جي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن ڀارت کي جديد فوجي ٽيڪنالاجي جي منتقلي جي منصوبي تي پاڪستان جي ڳڻتي جو پڻ اظهار ڪيو ڇو ته ان سان خطي ۾ فوجي عدم توازن پيدا ٿي سگهي ٿو ۽ تزويراتي استحڪام کي نقصان پهچي سگهي ٿو. هن عالمي حصيدارن تي زور ڏنو ته اهي ڏکڻ ايشيا ۾ امن ۽ سلامتي جي معاملن تي جامع ۽ معروضي موقف اختيار ڪن ۽ اهڙي موقف جي توثيق کان پاسو ڪن جيڪو هڪطرفو ۽ زميني حقيقتن کان هٽي ڪري هجي. ترجمان شفقت علي خان سعودي عرب ۾ فلسطيني عوام جي لاءِ هڪ رياست قائم بابت اسرائيلي وزيراعظم جي تازي بيان جي مذمت ڪندي ان کي ”غيرذميواراڻو، اشتعال انگيز ۽ بنا سوچيل سمجهيل“ قرار ڏيندي چيو ته اهو فلسطيني عوام جي خودمختياري جي حق ۽ انهن جي پنهنجي تاريخي ۽ قانوني سرزمين تي هڪ آزاد رياست جي جائز حق جي خلاف ورزي ۽ نظرانداز ڪرڻ جي برابر آهي. هن چيو ته پاڪستان سعودي عرب سان يڪجهتي سان گڏ بيٺل آهي ۽ سعودي عرب جي پختي موقف کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪا به ڪوشش ۽ فلسطيني ڪاز سان ان جي عزم کي غلط انداز ۾ پيش ڪرڻ انتهائي افسوسناڪ آهي. هن چيو ته ايران، مصر، ترڪيه، ملائيشيا، سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارات جي هم منصبن سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار غزه جي عوام کي بي دخل ڪرڻ جي تجويز کي انتهائي پريشان ڪندڙ ۽ غيرمنصفاڻو قرار ڏنو ۽ ان مسئلي تي غور فڪر جي لاءِ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جو غيرمعمولي اجلاس گهرائڻ جي لاءِ پاڪستان جي حمايت جو اظهار ڪيو. ليبيا ۾ ٻيڙيءَ حادثي بابت ميڊيا کي آگاهه ڪندي هن چيو ته هيستائين 16 لاش برآمد ٿيا آهن ۽ مارجي ويندڙن جي پاڪستاني شهريت جي تصديق انهن جي پاسپورٽ جي بنياد تي ڪئي وئي آهي. هن چيو ته 37 ماڻهو زندهه بچي ويا آهن جن مان هڪ اسپتال ۾ علاج هيٺ ۽ 33 پوليس حراست ۾ آهن. حادثي ۾ اٽڪل 10 پاڪستاني گم آهن ۽ زندهه بچي ويل 3 ماڻهو طرابلس ۾ آهن ۽ سفارتخانو انهن جي سارسنڀال ڪري رهيو آهي. ترجمان والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي فورسز جي ظلمن جي ڪري ٻن ڪشميري نوجوانن جي شهادت ۽ ضلعي ڪٺوعه ۾ پوليس تشدد جي نتيجي ۾ هڪ نوجوان کي خودڪشي تي مجبور ڪرڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ بيگناهه هجڻ جي باوجود عسڪريت پسندن سان رابطي جو اعتراف ڪرڻ تي مجبور ڪيو. هن زور ڏنو ته انهن واقعن جي جاچ ڪرڻ گهرجي ۽ ڏوهارين کي جوابده قرار ڏيڻ گهرجي. ترجمان ميڊيا کي ٻڌايو ته نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار 18 فيبروري 2025ع تي نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي اعليٰ سطحي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو جنهن جي صدارت چيني پرڏيهي وزير وانگ يي ڪندو. ترڪ صدر رجب طيب اردوان جي پاڪستان جي دوري جي حوالي سان هن چيو ته پاڪ – ترڪيه اعليٰ سطحي اسريٽجڪ تعاون ڪائونسل جي ستين اجلاس ۾ ٻنهي ڌرين دفاع، واپار ۽ سيڙپڪاري، بئنڪنگ، ناڻي، تعليم، صحت، توانائي، ثقافت، سياحت، ٽرانسپورٽ ۽ مواصلات، زراعت، پاڻي ۽ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي سميت سمورن شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ان کانسواءِ جوائنٽ ورڪنگ گروپس جو نالو تبديل ڪري اسٽينڊنگ ڪميٽيون رکيو ويو آهي ۽ اعليٰ سطحي تزويراتي تعاون ڪائونسل (ايڇ ايل ايس سي سي) مڪينزم تحت سيڪيورٽي، دفاع ۽ انٽيلي جنس، صحت ۽ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي بابت نيون گڏيل اسٽينڊنگ ڪميٽيون قائم ڪيون ويون آهن. وڌيڪ اهو ته ڌرين پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ م سمورن حل طلب تڪرارن بشمول ڄمون ۽ ڪشمير جي بنيادي تڪرار کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي امنگن موجب حل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ورلڊ گورنمنٽ سمٽ ۾ شرڪت جي لاءِ وزيراعظم محمد شهباز شريف جي گڏيل عرب امارات جي دوري جو حوالو ڏيندي هن چيو ته گڏيل عرب امارات، سريلنڪا، ڪويت ۽ بوسنيا هرزيگووينا جي قيادت سان ملاقاتن ۾، هن ٻطرفي تعاون کي گهرو ڪرڻ ۽ واپار، سيڙپڪاري، بنيادي ڍانچي ۽ توانائي سميت گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ حصيداري وڌائڻ جا موقعا ڳولڻ جي طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هڪ سوال جي جواب ۾ ترجمان پاڪستاني شهرين جي لاءِ گڏيل عرب امارات جي ويزائن تي ڪنهن به قسم جي پابندي کي رد ڪري ڇڏيو. جڏهن ته هن چيو ته اهو ڪنهن به ملڪ جو خودمختيار استحقاق آهي ته هو ڪنهن کي به پنهنجي سرزمين تي داخل ٿيڻ جي اجازت ڏي. پي ٽي آءِ پاران آءِ ايم ايف کي لکيل خط بابت سوال تي ترجمان چيو ته جيڪڏهن ڪنهن پاڪستان جي معاشي خوشحالي کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي ته اهو افسوسناڪ آهي. هن چيو ته پنهنجي گڏيل عرب امارات جي تازي دوري دوران وزيراعظم محمد شهباز شريف آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڪرسٽالينا جارجيوا سان ”نتيجاخيز“ ملاقات ڪئي. يوڪرين جي حوالي سان سندس چوڻ هو ته پاڪستان يوڪرين ۾ امن جي بحالي جي لاءِ ڪنهن به قدم جي آجيان ڪندو ڇو ته ان تڪرار دنيا جي ٻين حصن وانگر پاڪستان کي به متاثر ڪيو آهي.