اسلام آباد-11 فيبروري (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته تعليم کانسواءِ ڪو ملڪ ترقي نٿو ڪري سگهي، خواندگي جي شرح 90 سيڪڙو تائين پهچائڻي پوندي، 2019ع کانپوءِ تعليمي بجيٽ گهٽ ٿي 1.5 سيڪڙو رهجي ويو، اسان 2022ع کان ان ۾ آهستي آهستي واڌ ڪري رهيا آهيون. اهڙو اظهار هن پاڪستان ايس ڊي جيز مڊ ٽرم ريويو رپورٽ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ۾ شروعاتي تعليمي صورتحال ڳڻتي جوڳي آهي ۽ اڍائي ڪروڙ ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن، ٻارن جي علمي صلاحيت (ڪانٽيو اپروچ) سڀ کان ضروري تعليمي نظام ۾ شامل ناهي، پاڪستان ۾ هائر ايجوڪيش جي شرح صرف 13 سيڪڙو جڏهن ته ڀارت 30 سيڪڙو، بنگلاديش 35 سيڪڙو ۽ چين ۾ 70 سيڪڙو تائين پهچي چڪي آهي. هن چيو ته ترقيءَ لاءِ تعليم اڻٽر، وسيلن ۾ واڌ ۽ گورننس بهتر بڻائڻي پوندي، وفاق ۽ صوبن کي تعليم لاءِ وسيلا رکڻا پوندا، ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن رپورٽ سنڌ جا تعليمي اهڃاڻ بهتر آهن پر نظام ۾ نشاندهي ڪيل سنگين خامين کي ختم ڪرڻ جي ضرورت آهي. سندس چوڻ هو ته اُڏام پاڪستان تحت تعليم کي قومي ايجنڊا ۾ پهرين ترجيح ڏني وئي آهي، 2047ع ۾ پاڪستان 100 سال جو ٿيندو، ترقيءَ لاءِ اڳتي وڌڻو پوندو، استحڪام، پاليسين ۾ تسلسل ۽ سڌارن کانسواءِ ترقي ممڪن ناهي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جو مستقبل امن، استحڪام ۽ پاليسين جي تسلسل سان جڙيل آهي، گذريل 7 سالن جو قرض ايندڙ 22 سالن ۾ لاهڻو پوندو، ماضيءَ ۾ ويزن 2010ع ۽ ويزن 2025ع ضايع ٿيا، هاڻ پاليسين ۾ تسلسل ضروري آهي. احسن اقبال چيو ته ايندڙ 5 سالن ۾ هر ٻار اسڪول ۾ هوندو، تعليمي سڌارا اڻٽر آهن، پرائمري سطح تي 100 سيڪڙو انرولمينٽ يقيني بڻائينداسين. سندس چوڻ هو ته 2018ع ۾ ويزن 2025ع جي تعليمي منصوبا برباد ڪيا ويا، تعليمي نظام جي سڌارن جو منصوبو سنگل نيشنل ڪريڪولم ۾ وِجهي ناڪام بڻايو ويو. هن چيو ته اُڏام پاڪستان تحت نصاب ۾ سڌارن، استادن جي تربيت ۽ امتحاني نظام جي بهتري تي ڪم، ڏکڻ ايشيا جو بهترين ٽيچر ٽريننگ ادارو اسلام آباد ۾ قائم ڪنداسين، سمورن تعليمي بورڊز کي صوبن سان گڏجي هڪ معياري امتحاني نظام ڏينداسين، ترقي يافته قوم بڻجڻ لاءِ تعليمي سڌارن ۽ هدفن کي حاصل ڪرڻ اڻٽر آهي.