اسلام آباد-11 فيبروري (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير رانا تنوير حسين چيو آهي ته اُڏار پاڪستان جو منصوبو اقتصادي ترقيءَ ۾ سنگ ميل ثابت ٿيندو، صنعتي انقلاب ۾ انجنيئرنگ جي شعبي کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، بهترين معاشي پاليسين عيوض ملڪ معاشي ترقي جي راهه تي گامزن آهي. ڪالهه انڊسٽري 4.0 ۽ پروسيس آٽوميشن جي لاڳو ڪرڻ واري سيمينار ۾ خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي هن چيو ته تعليمي شعبي ۾ تحقيق ئي واحد ذريعو آهي جيڪا ملڪي ترقيءَ جو سبب بڻجي سگهي ٿي. انجنيئرنگ ڊولپمينٽ بورڊ صنعتي ترقي کي آسان بنائڻ ۾ سڀ کان اڳيان آهي، ملڪي روانگي واپار کي هٿي ڏيڻ ۾ صنعتي شعبي جو اهم ڪردار آهي. هن چيو ته ماري انڊسٽريءَ کي اعليٰ معيار جون شيون پيدا ڪرڻ لاءِ بهترين ريسرچرز گهربل آهن، اسان جي انڊسٽري کي بهترين محققين جي ضرورت آهي، اُڏار پاڪستان پروگرام ملڪي ترقي جو بهترين منصوبو ثابت ٿيندو. هن چيو ته اُڏار پاڪستان جو منصوبو اقتصادي ترقيءَ ۾ سنگِ ميل ثابت ٿيندو، صنعتي انقلاب ۾ انجنيئرنگ جي شعبي کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، بهترين معاشي پاليسين عيوض ملڪ معاشي ترقي جي راهه تي گامزن آهي، صنعت جي ترقي سان ملڪ جي ترقي واڳيل آهي.