اسلام آباد -11 فيبروري (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي، ته پارليامينٽ خلاف ڪنهن کي به ڳالهائڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي. اليڪشن ڪميشن جي معاملي تي حڪومت ۽ مخالف ڌر کي ڪميٽيءَ جا نالا نامزد ڪرڻ لاءِ خط لکيا آهن. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ طرفان اٿاريل نقطن تي اسپيڪر چيو ته سوالن جي وقفي دوران پوائنٽ آف آرڊر نه ڏيڻ جو فيصلو ٿيو هو. گذريل اجلاسن ۾ مخالف ڌر اڳواڻ سوالن جي وقفي دوران اعتراض واري نقطي تي ڳالهائڻ جي اجازت گهرندو رهيو جنهن تي ان کي اجازت نه ملي، اڄ جيئن ته نجي ڪارروائي جو ڏينهن آهي، انهي ڪري مخالف ڌر اڳواڻ کي ڳالهائڻ جو موقعو ڏنو ويو. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن جي معاملي تي حڪومت ۽ مخالف ڌر کي ڪميٽي جا نالا نامزد ڪرڻ لاءِ خط لکيا ويا آهن. هن چيو ته مان اڄ ميڊيا ۾ هڪ رپورٽ ڏٺي آهي جنهن ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو هڪ معزز جج پارليامينٽ جي حوالي سان تبصرو ڪري رهيو آهي، مون کي اميد آهي ته اها ڳالهه سچي نه هوندي. جيڪڏهن معزز جج اهڙا رمارڪس ڏنا آهن ته قانون وارو وزير ان کي اسان جي طرفان پيغام پهچائي ته پارليامينٽ خلاف ڪير به ڳالهائي نٿو سگهي. معزز جج کي ٻڌايو وڃي ته اهو قبولڻ جوڳو ناهي. هن چيو ته پارليامينٽ کي جعلي قرار ڏيڻ جو طرز عمل قبول نٿو ڪري سگهجي. ان موقعي تي قانون واري وفاقي وزير چيو ته اسپيڪر صحيح چئي رهيو آهي.