لاهور -11 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان چيو آهي، ته حڪومت راندين کي هٿي وٺائڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آڻي رهي آهي. ٽيلنٽ هنٽ پروگرام ذريعي نوجوانن کي پنهنجون صلاحيتون ڏيکارڻ جا موقعا فراهم ڪيا پيا وڃن. پنجاب يونيورسٽي ۾ راندين جي مقابلن جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪ ۾ راندين کي هٿي وٺائڻ سميت نوجوانن بابت قدمن کي هٿي وٺائڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي. وزيراعظم يوٿ پروگرام نوجوانن جي بهتري جي ڪيترن ئي منصوبن تي ڪم ڪري رهيو آهي، جن مان يوٿ لون اسڪيم، ليپ ٽاپ اسڪيم، گرين يوٿ موومينٽ اهم آهن. هن چيو ته اسان سڀني کي انهن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي نوجوانن جي بهتري لاءِ قدم کڻڻا آهن. مون کي خوشي آهي ته ٽيلنٽ هنٽ يوٿ اسپورٽس ليگ جي انتظام هيٺ پنجاب ۾ باڪسنگ، ٽيلنٽ هنٽ پروگرام جي باقاعده شروعات ٿي رهي آهي. اسان جي نوجوانن کي راندين طرف مائل ڪرڻ ۽ انهن کي ملڪي ۽ عالمي سطح تي باڪسنگ ۾ پنهنجو نالو پيدا ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪرڻ لاءِ هڪ اهم قدم آهي. هن چيو ته نوجوان ڪنهن به قوم جو قيمتي اثاثو هوندا آهن، سندن جسماني ۽ ذهني واڌ ويجهه لاءِ راندين جي اهميت کان انڪار نٿو ڪري سگهجي. هن چيو ته باڪسنگ اهڙي راند آهي جيڪا نه رڳو جسماني مضبوطي پيدا ڪري ٿي پر نوجوانن ۾ نظم و ضبط، خوداعتمادي ۽ مقابلو ڪرڻ جي صلاحيت به پيدا ڪري ٿي. مون کي يقين آهي ته ان ٽيلنٽ هنٽ پروگرام ذريعي اسان ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان باصلاحيت نوجوانن کي ڳولينداسين ۽ انهن کي بهترين ڪوچنگ ۽ ٽريننگ فراهم ڪنداسين. اسان جي ڪوشش هوندي ته انهن نوجوانن کي عالمي معيار جون سهولتون فراهم ڪيون وڃن ته جيئن اهي باڪسنگ جي ميدان ۾ ملڪ جو نالو روشن ڪري سگهن.