اسلام آباد-11 فيبروري (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وزارت حج 2024ع جي سعادت ماڻيندڙ حاجين کي بقايائن جي مد ۾ رقم سندن لاڳاپيل بئنڪن ۾ منتقل ڪري ڇڏي آهي. مذهبي معاملن واري وزارت جي ترجمان ”اي پي پي“ سان خاص ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته مذهبي معاملن واري وزير چوڌري سالڪ حسين قومي اسيمبليءَ جي فلور تي ٻُڌايو هو ته حج 24ع جي حاجين جي مختلف ڪيٽيگريز جي خرچن جي مد ۾ بچيل 4 ارب 75 ڪروڙ رپين جي رقم واپس ڪئي ويندي. وفاقي وزير جي ان اعلان جي روشنيءَ ۾ مذهبي معاملن واري وزارت وڏي محنت سان هڪ فارمولو بڻايو جنهن تحت مختلف ڪيٽيگريز ۾ گهٽ ۾ گهٽ 20 هزار رپين کان وٺي هڪ لک 40 هزار رپين جي رقم سمورن حاجين جي قومي بئنڪن ڏانهن اُماڻي وئي آهي. گذريل ڏينهن يونائيٽيڊ بئنڪ طرفان وزارت ٻُڌايو ته هن 7 هزار حاجين جي رقم سندن اڪائونٽس ۾ منتقل ڪئي وئي آهي، اهڙيءَ طرح ٻين بئنڪن ۾ به اهو عمل شروع ڪيو ويو آهي. اميد آهي ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ حج 24ع جي حاجين کي ريفنڊ جي رقم جي ادائگي مڪمل ڪئي ويندي.