بيجنگ / اسلام آباد – 06 – فيبروري (اي پي پي) پاڪستان ۽ چين دهشتگردي جي خاتمي، دفاع، زراعت، انفارميشن ٽيڪنالاجي سميت ڪيترن ئي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو آهي ۽ ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته ٻطرفن لاڳاپن کي مجروح ڪرڻ جون ڪوششون ناڪام ٿينديون. پرڏيهي آفيس پاران جاري گڏيل پڌرنامي موجب عوامي جمهوريه چين جي صدر شي جن پنگ جي دعوت تي صدر آصف علي زرداري 4 کان 8 فيبروري تائين چين جو سرڪاري دورو ڪري رهيو آهي. چين ۾ پنهنجي قيام دوران صدر نائين ايشيائي سرمائي راندين جي افتتاحي تقريب ۾ پڻ شرڪت ڪندو. دوري دوران صدر شي جن پنگ صدر آصف علي زرداري سان گرمجوشي ۽ دوستاڻي ماحول ۾ ڳالهه ٻولهه ڪئي. هن نئين صورتحال ۾ پاڪ چين لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي عالمي ۽ علائقائي معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. صدر آصف علي زرداري سان عوامي جمهوريه چين جي وزيراعظم لي ڪيانگ ۽ نيشنل پيپلز ڪانگريس جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين زائو ليجي پڻ ملاقات ڪئي. بيان موجب ڌرين ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته چين پاڪستان هر موسمي اسٽريٽجڪ ڪوآپريٽو پارٽنرشپ تاريخ ۽ عوام جي چونڊ آهي ۽ ان کي ٻنهي ملڪن ۾ زندگي جي سمورن شعبن پاران وسيع حمايت حاصل آهي. بدلجندڙ عالمي حالتن جو مقابلو ڪرڻ کانپوءِ چين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ پائيدار حصيداري ۽ مضبوط دوستي جاگرافيائي سياسي مفادن کان مٿانهون آهي ۽ علائقائي امن، استحڪام ۽ ترقي جي لاءِ هڪ اهم مثبت عنصر آهي. بيان موجب ڌرين سدائين هڪ ٻئي کي سمجهيو ۽ هڪ ٻئي جي حمايت ڪئي آهي ۽ اسٽريٽجڪ گڏيل اعتماد ۽ عملي تعاون کي گهرو ڪيو آهي. ٻنهي ڌرين چيو ته چين ۽ پاڪستان جا لاڳاپا اسٽريٽجڪ اهميت رکندڙ آهن ۽ ان ۾ خلل وجهڻ يا ڪمزور ڪرڻ جي ڪا به ڪوشش ناڪام ٿيندي. چين ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته چين پاڪستان لاڳاپا ان جي پرڏيهي لاڳاپن ۾ هڪ ترجيح ۽ چين جي پرڏيهي پاليسي ۾ خصوصي اهميت رکندڙ آهن. پاڪستان ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪ چين لاڳاپا ان جي پرڏيهي پاليسي جو سنگ بنياد آهن. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ٻنهي ڌرين اعليٰ سطح جو سياسي گڏيل اعتماد، اعليٰ سطح جو عملي تعاون، اعليٰ سطح جو سيڪيورٽي تعاون ۽ اعليٰ سطحي عالمي رابطا ڪاري کي وڌيڪ گهرو ڪندا، نئين دور ۾ گڏيل مستقبل سان وڌيڪ ويجهي چين پاڪستان ڪميونٽي جي تعمير جي لاءِ ڪوششن کي تيز ڪنداسين ۽ ٻنهي ملڪن جي گڏيل خوشحالي ۽ خطي جي ترقي جي لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪنداسين. پاڪستان صدر شي جن پنگ پاران پيش ڪيل عالمي چئلينجز کي گڏيل طور تي منهن ڏيڻ ۽ ڌرتيءَ تي رهندڙ انسانن جي لاءِ گڏيل مستقبل سان هڪ ڪميونٽي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ عالمي تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. پاڪستان ڪميونسٽ پارٽي آف چائنا جي رهنمائي ۾ چيني عوام پاران ڪيل عظيم ترقياتي ڪاميابين جو ذڪر ڪيو ۽ هر لحاظ کان هڪ عظيم جديد سوشلسٽ ملڪ جي تعمير جي عظيم مقصد کي اڳتي وڌائڻ ۽ چيني جديديت جي ذريعي چيني قوم جي بحالي کي محسوس ڪرڻ ۾ چين جي ڀرپور حمايت جو اظهار ڪيو. چين پاڪستان جي قومي اقتصادي تبديلي جي منصوبي (اڏار پاڪستان) کي نوٽ ڪندي اقتصادي سڌارن ۽ قومي ترقي ۾ پاڪستان پاران حاصل ڪيل نئين ڪاميابين کي ساراهيو ۽ پاڪستان جي استحڪام، سلامتي، ترقي ۽ خوشحالي جي خواهش جو اظهار ڪيو. ٻنهي ڌرين پنهنجي پنهنجي بنيادي مفادن ۽ اهم خدشن سان لاڳاپيل معاملن تي هڪ ٻئي جي لاءِ پنهنجي مضبوط حمايت جو ورجاءُ ڪيو ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي قرارداد 2758 جي اختيار ۾ ڪو سوال يا چئلينج نه آهي. پاڪستان ون چائنا اصول تي پنهنجي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ اهو ته تائيوان عوامي جمهوريه چين جي سرزمين جو هڪ فتح نه ٿيڻ جوڳو حصو آهي ۽ تائيوان جو سوال چين جي بنيادي مفادن جو مرڪز آهي، پاڪستان قومي اتحاد حاصل ڪرڻ جي لاءِ چين پاران ٿيندڙ سمورين ڪوششن جي مضبوطي سان حمايت ڪري ٿو ۽ ”تائيوان جي آزادي“ جي سمورين شڪلين جي سختي سان مخالفت ڪري ٿو. بيان موجب پاڪستان سنڪيانگ، زيزانگ، هانگ ڪانگ ۽ بحيره ڏکڻ چين بابت معاملن تي پڻ چين جي ڀرپور حمايت ڪندو. چين پنهنجي قومي خودمختياري، آزادي ۽ علائقائي سالميت جي دفاع ۾ پاڪستان جي مضبوط حمايت ۽ قومي سلامتي، استحڪام، ترقي ۽ خوشحالي جي تحفظ جي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو. ڌرين مرڪزي حڪومتن، مقامي عملدارن، قانونساز ادارن ۽ سياسي پارٽين جي وچ ۾ اعليٰ سطحي رابطن کي مضبوط بڻائڻ، مختلف ادارن ۽ مختلف سطحن تي مٽاسٽا ۽ تعاون کي وڌائڻ ۽ حڪمراني جي تجربي جي گهرائي سان مٽاسٽا ڪرڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. پاڪستان، پاڪستان ۾ چيني اهلڪارن تي ٿيندڙ دهشتگرد حملن جي شديد مذمت جو ورجاءُ ڪيو ۽ ان ڳالهه جي توثيق ڪئي ته پاڪستان ۾ چيني اهلڪارن، منصوبن ۽ ادارن جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ چين جي هر موسمي اسٽريٽجڪ ڪوآپريٽو پارٽنر ۽ ميزبان ملڪ جي طور تي پاڪستاني حڪومت جي اولين ذميواري آهي، پاڪستان ۾ چيني شهرين پاڪستان جي قومي تعمير ۽ ماڻهن جي زندگين جي بهتري ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي کي فروغ ڏيڻ ۾ هڪ مضبوط قوت جي طور تي ڪم ڪيو آهي. پاڪستان چين جي قيادت ۽ عوام جو پاڪستان جي پراڻي ۽ ڀرپور حمايت تي دل سان ٿورا ادا ڪيا. ٻنهي ڌرين دهشتگردي جي سمورين شڪلين ۽ مظاهر ۾ زيرو ٽالرنس رويي سان مقابلو ڪرڻ جي پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ دهشتگردي جي خاتمي تي ٻطرفي ۽ گهڻ رخي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو. پاڪستان چيو ته هو چيني اهلڪارن تي ٿيندڙ دهشتگرد حملن جي جاچ ۽ ڏوهارين کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جي لاءِ سموريون ڪوششون جاري رکندو ۽ اهو ته هو سيڪيورٽي ڪوششن ۾ وڌيڪ اضافو ڪندو، پاڪستان ۾ چيني اهلڪارن، منصوبن ۽ ادارن جي حفاظت کي موثر طريقي سان يقيني بڻائڻ جي هدفي ۽ بهتر قدم کڻندو ۽ ان سان گڏوگڏ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون جي لاءِ هڪ محفوظ ماحول پيدا ڪندو. چين دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي لاتعداد ڪوششن ۽ زبردست قربانين کي ساراهيو ۽ پاڪستان جي دهشتگردي جي خاتمي جي صلاحيت ۾ اضافي جي لاءِ ضروري تعاون فراهم ڪرڻ تي راضپو ظاهر ڪيو. پاڪستان صدر شي جن پنگ جي بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو کي ڀرپور ساراهيو. ٻنهي ڌرين پاڪستان ۾ اعليٰ معيار جي بيلٽ اينڊ روڊ تعاون جي 8 وڏن قدمن تي عملدرآمد کي فروغ ڏيڻ ۽ گڏيل طور تي ترقي جي لنگهه، روزگار ۾ اضافو ڪندڙ لنگهه، هڪ جديد لنگهه، گرين ڪوريڊور ۽ هڪ کليل لنگهه بڻائڻ تي اتفاق ڪيو ته جيئن پاڪستان جي سي پيڪ جي فائيو ايز جي فريم ورڪ سان هڪ جهڙائي رکندڙ اپ گريڊ ٿيل ورزن ٺاهي سگهجي. بيان موجب 13هين سي پيڪ جوائنٽ ڪوآپريشن ڪميٽي جو ذڪر ڪندي ڌرين چيو ته اهي اعليٰ معيار جي سي پيڪ جي ترقي جي لاءِ قدمن کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ جي سي سي جي فعاليت کي وڌيڪ فائدو پهچائڻ جي لاءِ پرعزم آهن. پاڪستان سي پيڪ جي اپ گريڊ ورزن جي جوڙجڪ تي سيمينار جي ڪامياب انعقاد تي چين کي ساراهيو جنهن سان پاڪستاني عملدارن کي چين جي ترقي جو پهريون تجربو سکڻ ۾ مدد ملي ۽ ان پاڪستان کي سکڻ جو قيمتي موقعو فراهم ڪيو. ڌرين 14هين جي سي سي اجلاس کي جلد کان جلد گڏيل طور تي طئي ٿيل تاريخ تي منعقد ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. گڏيل بيان موجب ڌرين ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته ٻنهي ملڪن جي اڳواڻن جي وچ م طئي ٿيندڙ اهم اتفاق راءِ موجب مرحليوار ۽ محفوظ طريقي سان ايم ايل ون جي اپ گريديشن کي اڳتي وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي. ٻنهي ڌرين ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته قراقرم هاءِ وي (راءِ ڪوٽ کان ٿاڪوٽ) جي بحالي جو منصوبو چين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ زميني رابطي جي لاءِ تمام گهڻي اهميت رکندڙ آهي ۽ هن ان کي لاڳو ڪرڻ ۽ فنانسنگ تي جلد اتفاق راءِ تائين پهچڻ تي اتفاق ڪيو. ٻنهي ڌرين گوادر جي نئين عالمي هوائي اڏي جي باضابطا افتتاح جي آجيان ڪئي، گوادر پورٽ جي جامع ترقي ۽ آپريشن کي فروغ ڏيڻ جي پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو ته جيئن صنعتي ترقي جي ذريعي مقامي اقتصادي ترقي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ملٽي ماڊل لاجسٽڪ حب جي طور تي ان جي ڪردار کي وڌيڪ فائدو پهچائي سگهجي. ٻنهي طرفن گوادر پورٽ جي اهميت کي تسليم ڪندي رابطي ۽ واپار جي هڪ اهم مرڪز جي طور تي ان جي صلاحيت کي بهترين طريقي سان استعمال ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. چين پاڪستان جي صنعتڪاري ۽ روانگي واپار تي ٻڌل صنعتن جي ترقي جي لاءِ پنهنجي حمايت جو ورجاءُ ڪيو. اهو چيني ڪمپنين کي مارڪيٽ ۽ ڪاروباري اصولن جي بنياد تي پاڪستان جي مستنند خصوصي اقتصادي زونز ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ جي ترغيب ڏي ٿو. پاڪستان پنهنجي ڪاروباري ماحول کي بهتر بڻائڻ ۽ چيني سيڙپڪاري جي لاءِ سازگار پاليسي فريم ورڪ فراهم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ڌرين چيو ته سي پيڪ تعاون ۾ ٽئين ڌر جي فعال شرڪت جي آجيان ڪريون ٿا. ٻنهي ڌرين چيني ڪمپنين کي پاڪستان جي کاڻين جي کوٽائي جي صنعت ۾ سيڙپڪاري ۽ تعاون ۾ مشغول ٿيڻ جي ترغيب ڏيڻ ۽ ٻنهي ملڪن جي لاڳاپيل ادارن کي زميني ۽ سامونڊي ارضياتي سروي ۾ تعاون ڪرڻ جي ترغيب ڏيڻ تي راضپو ظاهر ڪيو. بيان موجب پاڪستان سمنڊ ۾ تيل ۽ گئس جي ڳولا ۾ چيني ڪمپنين جي شرڪت جي آجيان ڪري ٿو. ٻنهي ڌرين زرعي تعاون کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۽ سي پيڪ فريم ورڪ تحت ايندڙ منصوبن جي چونڊ ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. پاڪستان ملڪ ۾ بجلي جي کوٽ کي ختم ڪرڻ جي لاءِ چين جي اهم ڪردار کي ساراهيو. ڌرين پاڪستان ۾ بجلي جي نظام جي ڪارڪردگي ۽ نظام کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ مٽاسٽا کي مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو. ٻنهي ڌرين انفارميشن ٽيڪنالاجي تي تعاون وڌائڻ ۽ مصنوعي ذهانت، ڊيٽا ۽ ڪميونيڪشن ٽيڪنالاجي جهڙي اڀرندڙ شعبن ۾ پاليسي ۽ ٽيلينٽ جي مٽاسٽا کي فروغ ڏيڻ تي اتفاق ڪيو. چين پنهنجي ٽيڪنالاجي ڪمپنين جي حوصلا افزائي ڪندو ته اهي پاڪستان ۾ پنهنجي ڪاروبار کي فعال طور تي سگهه ڏين ته جيئن سي پيڪ جي ٻئي مرحلي جي اعليٰ معيار جي ترقي ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي تعاون کي تيز ڪري سگهجي ۽ هڪ جديد لنگهه تيار ڪري سگهجي. ڌرين چين پاڪستان آزاد واپاري معاهدي جي فيز ٽو جي فريم ورڪ تحت واپاري آزاداڻو بڻائڻ تي وڌيڪ مشاورت ڪرڻ ۽ گڏيل فائدي ۽ ڪاميابي جي تعاون جي فروح تي ٻڌل ممڪن ٻطرفي رعايتي انتظامن کي فعال طور تي ڳولڻ تي اتفاق ڪيو. چين پاران پاڪستاني ڪاروباري ادارن کي چين کي روانگي واپار وڌائڻ جي لاءِ چائنا انٽرنيشنل امرپورٽ ايڪسپو ۽ چائنا سائوٿ ايشيا ايڪسپو جهڙن پليٽ فارمز جو ڀرپور استعمال ڪرڻ جي آجيان ڪئي وئي آهي. ڌرين پاڪستان ۾ روانگي واپار تي ٻڌل صنعت کي وڌائڻ جي لاءِ ترجيحي شعبن ۾ گڏيل منصوبن مان فائدو کڻڻ جي لاءِ جاري تعاون جي ڪوششن تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ چيني ڪمپنين جي حوصلا افزائي ڪئي ته اهي ڪاميابي جي تعاون جي تصور تحت انهن شعبن ۾ سيڙپڪاري ڪن. ڌرين ٻنهي ملڪن ۾ بزنس ٽو بزنس تعاون جي لاءِ گڏيل تعاون کي مضبوط بڻائڻ ۽ ٻنهي ملڪن جي ڪاروباري برادرين جي وچ ۾ گهري مٽاسٽا ۽ تعاون کي آسان بڻائڻ تي اتفاق ڪيو. پاڪستان ملڪ جي مالياتي ۽ مالي استحڪام جي لاءِ چين جي اڻٿڪ حمايت جي لاءِ پنهنجي ڀرپور تعريف جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي ڌرين مالياتي ۽ بئنڪنگ جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ علائقائي ۽ عالمي گهڻ رخي مالياتي پليٽ فارمز ۾ هڪ ٻئي جي حمايت ڪرڻ جي پنهنجي خواهش جو ورجاءُ ڪيو. ڌرين ان ڳالهه تي زور ڏنو ته چين پاڪستان تعاون پاڪستان جي سمورن خطن جي لاءِ کليل آهي ۽ ان جو مقصد سموري پاڪستاني عوام کي فائدو پهچائڻ آهي. هن صحت جي سارسنڀال، زراعت، تعليم، موسمياتي ردعمل ۽ آفتن کان بچاءُ ۽ خاتمي جهڙن شعبن ۾ ماڻهن جي روزگار تي تعاون جاري رکڻ ۽ ماڻهن جي لاءِ وڌيڪ لاڀائتي ”ننڍي ۽ خوبصورت“ منصوبن جي فراهمي تي اتفاق ڪيو. پاڪستان ٻارن جي پيدائش دل جي مرضن جي علاج جي منصوبي ۽ چين پاران پاڪستان ۾ صحت جي ڪٽس جي منصوبي تي ڳالهه ڪئي. ڌرين صحت جي شعبي بشمول روايتي ۽ جڙي ٻوٽين جي دوائن ۾ تعاون کي گهرو ڪرڻ جي طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي ڌرين عالمي ترقياتي قدمن تحت انساني وسيلن جي ترقي ۾ تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. گڏيل بيان موجب پاڪستان ملڪ جي زرعي ماهرن ۽ آءِ ٽي پروفيشنلز کي تربيت ڏيڻ تي چين جا ٿورا مڃيا. ٻنهي ڌرين تعليم، ميڊيا، ٿنڪ ٽينڪس، نوجوانن، فلمن ۽ ٽيليويزن جهڙن شعبن ۾ تعاون کي سگهه ڏيڻ تي اتفاق ڪيو ته جيئن ٻنهي ملڪن جي عوام جي وچ ۾ لاڳاپن کي مضبوط بڻائي سگهجي ۽ تهذيبن جي وچ ۾ گڏيل سکڻ کي وڌائي سگهجي. چين چيني زبان سکڻ سان گڏوگڏ فني ۽ پيشيواراڻي تربيت کي فروغ ڏيڻ جا موقعا ڳولڻ ۾ پاڪستاني شاگردن جي فعال مدد ڪرڻ تي راضپو ظاهر ڪيو. ڌرين خلا ۾ تعاون جي موجوده سطح تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ سماجي ۽ اقتصادي مقصد جي لاءِ ان اهم شعبي ۾ وڌيڪ اڳڀرائي ۽ اڳتي وڌڻ تي اتفاق ڪيو. ڌرين ان ڳالهه تي زور ڏنو ته چين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ دفاعي ۽ سيڪيورٽي تعاون خطي ۾ امن، استحڪام ۽ اسٽريٽجڪ توازن کي برقرار رکڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. ڌرين ان ڳالهه تي اطمينان جو اظهار ڪيو ته ٻئي فوجون ڊگهي عرصي کان اعليٰ سطح جي گڏيل اعتماد، اعليٰ سطحي تعاون ۽ اعليٰ سطحي هم آهنگي مان لطف اندوز ٿي رهيُون آهن. ڌرين اعليٰ سطح جي فوجي دورن ۽ مٽاسٽا جي رفتار کي برقرار رکڻ ۽ گڏيل تربيت، مشقن ۽ فوجي ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ تعاون کي مسلسل وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. ٻنهي ڌرين چيو ته هڪ پرامن ۽ خوشحال ڏکڻ ايشيا سمورين ڌرين جي گڏيل مفاد ۾ آهي ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ امن ۽ استحڪام کي برقرار رکڻ جي اهميت ۽ سمورن حل طلب تڪرارن جي حل جي ضرورت ۽ ڪنهن به هڪطرفي ڪارروائي جي مخالفت جو ورجاءُ ڪيو. پاڪستان چين کي ڄمون ۽ ڪشمير جي صورتحال جي تازي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو. چين ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته ڄمون ۽ ڪشمير جي تاريخي تڪرار کي گڏيل قومن جي چارٽر، سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن ۽ ٻطرفي معاهدن موجب مناسب ۽ پرامن طريقي سان حل ڪرڻ گهرجي. گڏيل بيان موجب گڏيل قومن جي قيام جي 80هين سالگرهه جي موقعي تي ڌرين گڏيل قومن جي چارٽر جي مقصدن ۽ اصولن ۽ حقيقي گهڻ رخي جي لاءِ پنهنجي وابستگي جو ورجاءُ ڪيو ۽ چيو ته ٻئي ملڪ ڇڪتاڻ، اتحاد تي حصيداري ۽ هڪطرفي ۽ تحفظ پسندي تي گهڻ رخي تي ڳالهه ٻولهه جي وڪالت ڪندا رهندا آهن. هنن گڏيل قومن ۽ ٻين گهڻ رخي فورمز تي پنهنجي ويجهي تعاون تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ اسرندڙ ملڪن جي گڏيل مفادن ۽ عالمي برابري ۽ انصاف کي برقرار رکڻ جي لاءِ گهڻ رخي مسئلن تي هم آهنگي کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جو اظهار ڪيو. ڌرين افغانستان جي معاملي تي ويجهي رابطي ۽ هم آهنگي برقرار رکڻ ۽ افغانستان کي مستحڪم ترقي حاصل ڪرڻ ۽ عالمي برادري ۾ ضم ٿيڻ ۾ مدد ڏيڻ ۾ تعميري ڪردار ادا ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. ڌرين دهشتگردي جي سمورين شڪلين ۽ مظاهر ۾ زيرو ٽالرنس رويي سان مقابلو ڪرڻ جي پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن عبوري افغان حڪومت کان مطالبو ڪيو ته اهي افغانستان ۾ رهندڙ سمورن دهشتگرد گروپن کي ختم ڪرڻ ۽ انهن جي خاتمي جي لاءِ واضح ۽ تصديق جوڳا قدم کڻي جيڪي علائقائي ۽ عالمي سلامتي جي لاءِ بدستور سنگين خطرو بڻيل آهن ۽ چيو ته افغان انتظاميا افغان سرزمين کي ٻين ملڪن جي خلاف استعمال ڪرڻ کان روڪين. ڌرين غزه ۾ جنگ بندي جي معاهدي جي آجيان ڪندي ان اميد جو اظهار ڪيو ته معاهدي تي موثر طريقي سان عملدرآمد ٿيندو جنهن سان غزه ۾ مڪمل ۽ مستقل جنگ بندي ٿيندي. ڌرين فلسطيني عوام جي خودمختياري جي حق جي لاءِ پنهنجي حمايت جو ورجاءُ ڪيو جنهن ۾ هڪ آزاد رياست فلسطين جي قيام جو حق به شامل آهي. گڏيل بيان موجب ٻنهي ڌرين عالمي برادري سان گڏجي وچ اوڀر ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ مسلسل ڪوششون ڪندا. صدر آصف علي زرداري جي دوري دوران ڌرين سي پيڪ، واپار، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، ماڻهن جي روزگار ۽ ميڊيا تعاون جو احاطو ڪرڻ بابت هڪ درجن کان وڌيڪ دستاويزن تي صحيحون ڪيون. صدر آصف علي زرداري صدر شي جن پنگ ۽ چيني حڪومت ۽ عوام پاران پنهنجي ۽ پاڻ سان گڏ وفد جي گرمجوشي سان مهمان نوازي کي ساراهيو ۽ صدر شي جن پنگ کي گڏيل طور تي مناسب وقت تي پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني، ڌرين ان معاملي تي سفارتي ذريعن سان رابطو برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو.