اسلام آباد – 06 – فيبروري (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني بزنس ڪميونٽي جي سهولت لاءِ غيرضروري رڪاوٽون ختم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل سيڙپڪارن کي ون ونڊو سهولت فراهم ڪري رهي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وقتي صدر اهڙن خيالن جو اظهار نجي هوٽل جي ريسٽورنٽ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ پارليامينٽ ميمبرن، ناليوارن واپارين ۽ ٻين اهم شخصيتن شرڪت ڪئي. وقتي صدر چيو ته پاڪستان جي نجي شعبي ۾ ترقي جي وڏي صلاحيت موجود آهي، ملڪ ۾ سيڙپڪاري جي فروغ جي لاءِ ڪاروباري برادري کي سهولتون ڏيڻيون پونديون. وقتي صدر چيو ته پاڪستان جي ثقافت هڪ جدا سڃاڻپ رکندڙ آهي، پاڪستان جا کاڌا سڄي دنيا ۾ مشهُور آهن، گڏجي پاڪستان کي هڪ پرڪشش سياحتي مقام بڻائي سگهون ٿا. هن چيو ته بطور سياحت واري وزير ملڪ جي سياحتي شعبي کي انڊسٽري جو درجو ڏنو جڏهن ته ماضي ۾ بطور وزير ۽ وزيراعظم اسلام آباد ۾ مختلف منصوبا مڪمل ڪيا. وقتي صدر چيو ته بزنس ڪميونٽي جي حوصلا افزائي جي ضرورت آهي، بطور هائوسنگ واري وزير جي ملڪ جي تعميراتي شعبي جي ترقي جي لاءِ مختلف قدم کنيا. هن چيو ته ملڪ ۾ سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ واپاري برادري کي سهولتن جي فراهمي لازمي آهي، ان قدم جي نتيجي ۾ پاڪستان ۾ نجي شعبي جي ترقي جا بي پناهه امڪان آهن. سيد يوسف رضا گيلاني پاڪستاني رانديگرن کي عالمي سطح تي مقبول قرار ڏيندي چيو ته ملڪ جي ثقافت پڻ هڪ منفرد سڃاڻپ رکي ٿي. وقتي صدر واپاري برادري جي حوصلا افزائي جي لاءِ غيرضروري رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. ان موقعي تي خطاب ڪندي سينٽورنس گروپ جي سي اي او ۽ اسلام آباد چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي اڳوڻي صدر سردار ياسر الياس چيو ته ملڪ جي پهرين 6 اسٽار لگزري هوٽل جو اسلام آباد ۾ افتتاح ڪيو ويو آهي جيڪا 380 ڪمرن تي ٻڌل ۽ جديد سهولتن سان ليس آهي. هن چيو ته هوٽل ۾ ٻن ريسٽورنس جو اڄ افتتاح ڪيو ويو. تقريب ۾ خاص مهمان طور شرڪت ڪرڻ تي وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني جا ٿورتا آهيُون.