اسلام آباد-03 جنوري (اي پي پي) غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چيو آهي ته ڪپهه جي پيداوار ۾ واڌ لاءِ جديد ٽيڪنالاجيءَ کي هٿي ڏيڻ ۽ آبادگارن جي فلاح بهبود ۽ پائيدار زرعي ترقي حڪومت جي پهرين ترجيح آهي. اهڙو اظهار هن انٽرنيشنل ڪاٽن ايڊوائيزري ڪاميٽي (آءِ سي اي سي) جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ايرڪ ٽريخٽنبرگ سان ملاقات دوران ڪيو. ان موقعي تي ڪپهه ۽ ٽيڪسٽائل شعبي جي اهم نمائندن به شرڪت ڪئي. ملاقات ۾ قومي غذائي ۽ تحفظ واري وفاقي وزير پاڪستان جي ڪپهه جي پيداوار، واپار ۽ ٽيڪسٽائل شعبن جي ترقيءَ تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي. هن چيو ته پاڪستان آءِ سي اي سي سان پائيدار ڪاٽن پروڊڪشن ۽ عالمي مارڪيٽ تائين رسائيءَ کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ سهڪار کي هٿي ڏيڻ چاهي ٿو. هن چيو ته پاڪستان آءِ سي اي سي جي 84هين سالياني اجلاس جي ميزبانيءَ جي آڇ ڪئي ۽ـ حڪومت ان اجلاس جي ڪاميابيءَ لاءِ مڪمل سهڪار فراهم ڪندي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان دنيا ۾ ڪپهه جي پيداوار ڪندڙ پنجون وڏو ملڪ آهي، جڏهن ته ڪپهه جو پاڪستان جي جي ڊي پي ۾ 0.7 سيڪڙو ۽ زرعي ويليو ايڊيشن ۾ 2.9 سيڪڙو حصو آهي. اجلاس ۾ پاڪستاني ڪپهه جي صنعت کي درپيش چئلينجز به بحث هيٺ آيا، جن ۾ موسمياتي تبديلي، گهٽ پيداوار، جيتن جو حملو ۽ پوکيءَ جي ايراضيءَ ۾ گهٽتائي شامل آهي. وفاقي وزير چيو ته ٻجن جي جديد ٽيڪنالاجي، جيننگ ۽ ٽيڪسٽائل پراسيسنگ ۾ نواڻ سان پاڪستان عالمي مارڪيٽ ۾ وڌيڪ چٽاڀيٽي وارو ملڪ بڻجي سگهي ٿو. حڪومت ڪپهه جي آبادگارن لاءِ پاليسي سڌارن ۽ ٽيڪس رليف تي ڪم ڪري رهي آهي ۽ ان سلسلي ۾ مقامي ڪپهه تي 18 سيڪڙو جي ايس ٽي جي خاتمي تي غور ڪيو پيو وڃي ته جيئن مقامي ۽ درآمد ڪندڙ ڪپهه وچ ۾ هڪجهڙا موقعا فراهم ڪري سگهجن. وفاقي وزير اعلان ڪيو ته قومي ڪاٽن بحالي ڪانفرنس اڄ کان ملتان ۾ ٿيندي جنهن ۾ پيداوار ۽ واپار ۾ بهتريءَ لاءِ حڪمت عمليءَ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. وفاقي وزير ان عزم کي ورجايو ته قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وزارت ڪپهه جي پيداوار ۾ واڌ، آبادگارن جي معاونت ۽ پائيدار زرعي طريقن کي لاڳو ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي. حڪومت آءِ سي اي سي جهڙن بين الاقوامي حصيدارن سان ويجها لاڳاپا جاري رکندي ته جيئن پاڪستان کي عالمي ڪپهه جي مارڪيٽ ۾ وڌيڪ مستحڪم ڪري سگهجي ۽ ان صنعت کي ڊگهي مُدي واري ترقي کي يقيني بڻائي سگهجي.