اسلام آباد – 28 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته پي ٽي وي ۾ نجي شعبي مان ناليوارن اينڪرز جون خدمتون حاصل ڪيون ويون آهن، اسان جو مقصد پي ٽي وي جي روينيو ۾ اضافو ڪرڻ آهي، اسان جي خواهش آهي ته پاڪستان جي هر علائقي ۽ ڳوٺ ۾ ماڻهو چيمپيئنز ٽرافي ڏسن، چيمپيئنز ٽرافي جي رائيٽس جي لاءِ وڏي ادائيگي ڪئي جنهن جي ڪري پي ٽي وي ۾ پگهارن جي ادائيگي ۾ دير ٿي، اسان ڪرڪيٽ جي رائيٽس کي محفوظ ڪيو آهي. اها ڳالهه هن قومي اسيمبلي جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي چئي. اجلاس ڪميٽي جي ڪنوينر پولين بلوچ جي صدارت ۾ پي ٽي وي هيڊڪوارٽرز ۾ منعقد ٿيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ٽيليويزن ۾ نجي شعبي مان ناليوارن اينڪرز جون خدمتون حاصل ڪيون ويون آهن جنهن جو مقصد پي ٽي وي جي روينيو ۾ اضافو ڪرڻ هو. هن چيو ته پي ٽي وي ۾ سفارش تي ڀرتي ٿيندڙ ماڻهن کي اسان معذرت ڪئي. هن چيو ته پروڊڪشن ٽيم جا خرچ وڌيڪ آهن، اينڪرز کي چيو آهي ته اهي اشتهار آڻين ته انهن کي ڪميشن ڏني ويندي. هن چيو ته نجي شعبي ۾ اشتهارن جي ڪري اينڪرز کي وڏيون پگهارون ادا ڪيون وڃن ٿيون، پي ٽي وي ۾ پرائيويٽ سيڪٽر مان 10 اينڪرز آندا ويا. اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو ته اسپورٽس چينل سان اسان کي اربين رپين جو روينيو حاصل ٿئي ٿو. وفاقي وزير چيو ته پي ٽي وي ٽيريسٽيريل نشريات پيش ڪري ٿي، ڏورانهن علائقن ۾ ماڻهن کي نشريات جي لاءِ انٽرنيٽ يا ٻين ذريعن جي ضرورت ناهي هوندي، اتي ماڻهو عام انٽينا لڳائي پي ٽي وي جي نشريات ڏسي سگهن ٿا. هن چيو ته سياسي بنيادن تي هر دور ۾ ڀرتيون ٿيون، اهڙين ڀرتين جي ڪري اداري کي نقصان پهتو. وفاقي وزير چيو ته نجي شعبي ۾ ٽن ٽن مهينن جي ادائيگي ناهي ٿي، پي ٽي وي ۾ رڳو 21 ڏينهن پگهارن جي ادائيگي ۾ دير ٿي ته هر جڳهه تي گوڙ ٿي ويو. هن چيو ته آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي جي رائيٽس جي لاءِ وڏي ادائيگي ڪرڻي هئي جنهن جي ڪري پي ٽي وي ۾ پگهارن جي ادائيگي ۾ دير ٿي، اسان جي خواهش هئي ته پاڪستان جي هر علائقي ۽ ڳوٺ ۾ ماڻهو چيمپيئنز ٽرافي ڏسن، اسان ڪرڪيٽ جي رائيٽس کي محفوظ ڪيو آهي. عطاءُ الله تارڙ چيو ته پي ٽي وي ۾ 15 جنوري تي گروپ 1 کان 6 تائين جون پگهارون ادا ڪيون ۽ ان کانپوءِ گروپ 6 کان 9 تائين جون پگهارون ادا ڪيون. اسٽينڊنگ ڪميٽي پاڪستان ٽيليويزن ۽ پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن کي پاڻڀرائپ جي لاءِ ڍانچاجاتي ۽ مالي تعاون جي ضرورت تي زور ڏنو. ڪميٽي ٻنهي ادارن کي قومي يڪجهتي جي علمبردار ۽ پاڪستان جي نظرياتي سرحدن جو محافظ قرار ڏنو. ڪميٽي چيو ته ماضي ۾ پي ٽي وي ۽ پي بي سي کي نقصان پهچائيندڙ انتظامي فيصلن ۽ سياسي ڀرتين جي بار هيٺ دٻايو ويو. اجلاس ۾ پي بي سي جي بحالي، ڪارپوريشن اينڊ پيمرا (ترميمي) بل 2024ع جي ذريعي دستياب وسيلن جي استعمال جي ذريعي پاڻڀرو بڻائڻ بابت ايجنڊا تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. پي بي سي جي ڊائريڪٽر جنرل ڪميٽي کي اداري جي بحالي جي منصوبي بابت بريفنگ ڏني. هن چيو ته اطلاعات واري وفاقي وزير ۽ اطلاعات واري سيڪريٽري جي موجوده دانشمنداڻي قيادت ۾ پي بي سي کي مختلف انتظامي ۽ مالي قدمن جي ذريعي بحالي جي راهه تي گامزن ڪيو آهي. هن ڪميٽي کي ٻڌايو ته انتظامي ۽ ترقياتي خرچ پورا ڪرڻ جي لاءِ آمدني ۾ اضافو ڪرڻ هڪ مشڪل ڪم آهي، آمدني وڌائڻ جي لاءِ پي بي سي جي سمورين علائقائي آفيسن جي ذريعي اشتهارن ۽ ايئر ٽائيم جي وڪري جو مالياتي منصوبو جوڙيو ويو آهي جنهن ۾ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي ذريعي دستياب مختلف غيراستعمال ٿيل جاين کي استعمال ڪرڻ، اي ٽي ايم بوٿس/ ڪيبنز، بل بورڊز ۽ ڊيجيٽل اسڪرينز هڻڻ جي ذريعي آمدني حاصل ڪرڻ جهڙا قدم شامل آهن. هن چيو ته انهن قدمن سان اٽڪل 500 ارب رپين کان وڌيڪ جي آمدني متوقع آهي. ڪميٽي کي پينشنرز جي آٽوميشن بابت آگاهه ندي هن چيو ته پينشن جي آٽوميشن جي ذريعي گهوسٽ پينشنرز جي خاتمي ۾ مدد ملي آهي. ريڊيو جي ڊائريڪٽر جنرل ڪميٽي کي مختلف ادارن، ايڊورٽائيزنگ ايجنسين ۽ ماڻهن ڏانهن واجب الادا رقم بابت آگاهه ڪندي چيو ته رهتن جي وصولي جي لاءِ انتظامي ۽ قانوني قدم کنيا پيا وڃن. ڪميٽي باقيدار سيڪيورٽي فرم جو معاملو پڻ اٿارڻ جي هدايت ڪئي جنهن تي پي بي سي جا 403 ملين رپين جون رهتون آهن ٻي صورت ۾ ڪميٽي اهو معاملو گهرو وزارت ڏانهن موڪلڻ جي هدايت ڪئي. ڪميٽي اداري جي پاڻڀرائپ طرف اطلاعات واري وفاقي وزير ۽ اطلاعات واري سيڪريٽري جي ڪوششن کي ساراهيو. ڪميٽي تجويز پيش ڪئي ته پي بي سي جي پراپرٽيز جي ڪراين جي شرح جو نئين سر جائزو ورتو وڃي جيڪي هن وقت مختلف سرڪاري ۽ نجي ادارن ڪرائي تي حاصل ڪري رکيون آهن. انهن پراپرٽيز جي مد ۾ وصول ٿيندڙ مسواڙ کي مارڪيٽ جي اگهن جي برابر آندو وڃي. پي بي سي جي رٽائرڊ ملازمن جي پينشنز جي رهتن تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي ڪميٽي فنانس ڊويزن آڏو معاملو اٿارڻ جي هدايت ڪئي. ڪميٽي پي بي سي ٽريننگ اڪيڊمي ۽ مقامي سرڪاري ۽ نجي شعبي جي يونيورسٽين جي ماس ڪميونيڪشن ڊپارٽمينٽس ۽ پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف پارلياماني سروسز جهڙن ادارن جي وچ ۾ تعاون جي تجويز پڻ پيش ڪئي ته جيئن پي بي سي جي تربيتي سهولتن جو بهتر طريقي سان استعمال ڪري سگهجي. ڪميٽي تازو ئي پي ٽي وي ۾ مقرر اينڪرز جي تفصيلن ۽ پي ٽي وي اڪيڊمي مان ڪنٽينر جي چوري جي رپورٽ پڻ ايندڙ اجلاس ۾ طلب ڪئي. قومي اسيمبلي ميمبر آسيه ناز تنولي پاران پيش ڪيل پاڪستان اليڪٽرانڪ ميڊيا ريگيوليٽري اٿارٽي (ترميمي) بل 2024ع تي بحث دوران ڪميٽي ڊرامن ۽ اشتهارن جي لاءِ ضابطه اخلاق يا سينسرشپ نه هجڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو جيڪي ڪجهه وقتن تي مذهبي ۽ سماجي روايتن جي خلاف ورزي ڪن ٿا. ڪميٽي ان مسئلي جو جائزو وٺندي سفارشن تي بحث جي لاءِ قومي اسيمبلي ميمبر مهتاب اڪبر راشدي جي صدارت ۾ چار رڪني ذيلي ڪميٽي جوڙي ڇڏي. ڪميٽي انٽرٽينمينٽ صنعت ۾ موجود ڌرين ۽ ريگيوليٽر سان مشاورت جاري رکڻ جي پڻ هدايت ڪئي. اجلاس ۾ قومي اسيمبلي ميمبرن نديم عباس، ڪرن عمران ڊار، آسيه ناز تنولي، رومينه خورشيد عالم، شرميلا فاروقي، سحر ڪامران، راڻا انصار، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري، ڊائريڪٽر جنرل پي بي سي ۽ لاڳاپيل ادارن جي آفيسرن شرڪت ڪئي.