اسلام آباد – 28 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان قومي اسيمبلي ميمبرن طاهره اورنگزيب ۽ راجا اسامه سرور جدا جدا ملاقات ڪئي.

ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن وزيراعظم سان پنهنجي تڪن جي معاملن ۽ ملڪ جي مجموعي ۽ سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. اها ڳالهه وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان ۾ ٻڌائي وئي آهي.