اسلام آباد-28 جنوري (اي پي پي) ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته ملڪ کي جٽادار ترقيءَ جي رستي تي گامزن ڪرڻ لاءِ جي ڊي پي جي تناسب سان ٽيڪسن جي شرح ۾ واڌ ضروري آهي، معيشت کي دستاويزي بنائڻ تي ڪو سمجهوتو نه ڪيو ويندو، ايندڙ بجيٽ ۾ پاڪستان بزنس ڪائونسل سميت واپارين ۽ سيڙپڪارن جي تجويزن جو جائزو ورتو ويندو، ڪلي معيشت جي صورتحال مستحڪم آهي. پاڪستان بزنس ڪائونسل جي انتظام هيٺ رٿيل تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته ڪلي معيشت جي صورتحال مستحڪم آهي، اسٽيٽ بئنڪ پاليسي ريٽ ۾ وڌيڪ گهٽتائي ڪئي آهي، ڪائبور جي شرح هن وقت 11 سيڪڙو آهي جنهن سان صنعتي ۽ واپاري شعبي کي فائدو ٿي رهيو آهي پرڏيهي مٽاسٽا جي ناڻي جا ذخيرا 13 ارب ڊالر آهن جيڪي ٽن مهينن جي امپورٽ لاءِ ڪافي آهن. ڪريڊٽ ايجنسين پاڪستان جي ڪريڊٽ ۾ بهتري ڪئي آهي، پرڏيهه مان ايندڙ ناڻي ۽ روانگي واپار ۾ واڌ سان پاڪستان جي ڪريڊٽ ريٽنگ ۾ وڌيڪ بهتري ايندي. ناڻي واري وزير چيو ته بجيٽ جون تياريون شروع ڪيون ويون آهن. فيبروري ۾ ناڻي واري مملڪتي وزير سان گڏجي ملڪ جي مختلف چيمبرز جو دؤرو ڪنداسين ۽ سندن تجويزون وٺنداسين. ايندڙ بجيٽ ۾ پاڪستان بزنس ڪائونسل سميت واپارين ۽ سيڙپڪارن جي تجويزن جو جائزو ورتو ويندو. پاڪستان بزنس ڪائونسل طرفان لاڀائتي سڌيءَ ريت سيڙپڪاريءَ جي تجويز تمام سٺي آهي ۽ ڪابينه ۾ پنهنجي ساٿين کي به ان تجويزن جي باري ۾ ٻُڌائينداسين. پاڪستان آءِ ايم ايف سان ٽم سالن وارو پروگرام ڪري رهيو آهي، آءِ ايم ايف سان طئي ڪيل شرطن تي عملدرآمد لاءِ پُرعزم آهيون. ٽيڪسيشن، توانائي ۽ ايس او ايز، عوامي مالياتي ۽ ٻين شعبن ۾ سڌارا پاڪستان جي پنهنجي مفاد ۾ آهن. بوم اينڊ بسٽ سائيڪل جو خاتمو ڪرڻ لاءِ اسان کي معيشت جي ڊي اين اي کي تبديل ڪرڻو آهي ۽ ان لاءِ اسان کي روانگي واپار تي ٻَڌل جٽادار معاشي استحڪام۽ اؤسر لاءِ ڪم ڪرڻو آهي. هن چيو ته حڪومت هن وقت تجويزون ۽ ڍانچه جاتي قدم کڻي رهي آهي، ايف بي آر مان پاليسي کي ناڻي وزارت تحت آندو پيو وڃي ته جيئن ايف بي آر صرف اوڳاڙيون گڏ ڪرڻ تي پنهنجي توجهه ڏئي سگهي. ٽيڪسيشن سميت مختلف شعبن ۾ پاليسي سازي سان گڏوگڏ ان جو تسلسل به ضروري آهي، پگهاردار طبقي تي ٽيڪسن جو وڌيڪ بار کي معقول بڻائڻ لاءِ ڪم ٿي رهيو آهي، ان سلسلي ۾ ٻين شعبن کي به اڳيان وڌي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، جڏهن ته اها به حقيقت آهي ته 70 سيڪڙو پگهاردار طبقي کي سپر ٽيڪس، سي وي ٽي ۽ ٻين مسئلن کي مُنهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. پگهاردار طبقي کي رٽرن فائل ڪرڻ ۾ سهولت فراهم ڪئي وئي آهي ۽ ان عمل کي سادو بڻايو پيو وڃي. ناڻي واري وزير ان موقعي تي شرڪت ڪندڙن جي سوالن جا جواب به ڏنا. هن چيو ته زرعي آمدني تي ٽيڪس جي حوالي سان قدم کنيا پيا وڃن، پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ ان حوالي سان ڪم ٿي رهيو آهي. جي ڊي پي جي تناسب سان ٽيڪسن جي شرح ۾ پاڪستان پاڙيسري ملڪن کان پوئتي آهي. ملڪ کي جٽادار ترقي جي رستي تي گامزن ڪرڻ لاءِ جي ڊي پي جي تناسب سان ٽيڪسن جي شرح ۾ واڌ ضروري آهي. ناڻي واري وزير چيو ته ڪرنٽ اڪائونٽ خساري جي کاتن جي صورتحال مستحڪم آهي، اسٽيٽ بئنڪ به ان جي تصديق ڪئي آهي، اؤسر سان گڏوگڏ اسان کي بوم اينڊ بسٽ سائيڪل مان نڪرڻو آهي. هڪ سوال تي هن چيو ته اداره جاتي سڌارن جي حوالي سان ڊاڪٽر عشرت حسين جي رپورٽ بهترين آهي، جنهن مان اسين فائدو کڻي رهيا آهيون، رائيٽ سائزنگ جي حوالي سان ٽن مرحلن ۾ ڪم ٿي رهيو آهي، هن وقت 5 کان 6 وزارتن ۽ لاڳاپيل کاتن جي رائيٽ سائزنگ جو جائزو ورتو پيو وڃي. رائيٽ سائزنگ جي حوالي سان سفارشون جوڙي ان کي ڪابينه ۾ پيش ڪيو ويندو آهي، سفارشن تي عملدرآمد جي حوالي سان به قدم کنيا پيا وڃن. وفاقي وزارتن ۽ ذيلي ادارن ۾ هڪ لک 50 هزار آساميون ختم ڪيون ويون آهن، ان سڄي عمل جي نگراني به ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته پينشن جي شعبي ۾ به سڌارن تي عملدرآمد ٿي رهيو آهي، اسان بليڊنگ جو خاتمو ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته پاليسي ريٽ ۾ گهٽتائيءَ سان قرضن جي ادائگي ۽ مالي گنجائش ۾ مدد ملي آهي. قومي مالياتي معاهدي جي حوالي سان صوبن جو ڪردار تعريف جوڳو آهي، نجڪاريءَ جو عمل اڳيان وڌايو پيو وڃي. ناڻي واري وزير چيو ته معيشت کي دستاويزي بنائڻ تي ڪو سمجهوتو نه ٿيندو، ملڪ کي جٽادار اؤسر جي رستي گامزن ڪرڻ لاءِ معيشت کي دستاويزي بنائڻ ضروري آهي.