اسلام آباد-28 جنوري (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير رانا تنوير حسين چيو آهي ته ڪي به قانون يا ترميمون ڪڏهن به ٿي سگهن ٿا ۽ هي ترميمون وقت جي گهرجن مطابق ڪيون وينديون آهن. سينيٽ اجلاس ۾ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي هن چيو ته پيڪا ايڪٽ سوشل ميڊيا استعمال ڪندڙن لاءِ آهي. اليڪٽرانڪ ميڊيا ۽ اخبارن لاءِ ناهي. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته سول سوسائٽي کي ريگيوليٽ ڪرڻ ضروري آهي ۽ اهو ته معاشرو ٻيلو ناهي جتي سوشل ميڊيا بي قابو هلي سگهي. هن چيو ته سوشل ميڊيا جي استعمال کي منظم ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن معاشري ۾ بهتري آڻي سگهجي ۽ بي قاعدگين کي ڪنٽرول ڪري سگهجي. هن ان ڳالهه تي به زور ڀريو ته قانوني ترميمن جو مقصد معاشرتي نظم ۽ ضبط کي بهتر بڻائڻ آهي ۽ نه ئي ڪنهن مذهبي متن ۾ مداخلت ڪرڻ آهي.