اسلام آباد- 21 جنوري (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب عالمي ڀائيوارن کي پاڪستان جي ترجيحي معاشي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏيندي چيو آهي ته حڪومت مشڪل معاشي ڏُکيائين جي روشنيءَ ۾ فيصلو ڏيندڙ معاشي سڌارا لاڳو ڪري پائيدار ۽ شموليتي ترقيءَ جو مضبوط بنياد رکي ڇڏيو آهي، حڪومت جا معاشي ڪاوشن جا هاڪاري اثر اچڻ شروع ٿي ويا آهن. اُڏام پاڪستان پروگرام ذريعي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ، بهتر روانگي واپار ۾ چٽاڀيٽي ۽ بهتر ماليات ذريعي 2028ع تائين جٽادار ۽ روانگي واپار تي ٻَڌل 6 سيڪڙو اؤسر واري شرح حاصل ڪئي ويندي، ذڪر جوڳي افرادي سگهه، گهڻي مقدار ۾ قدرتي وسيلن ۽ بي پناهه پيداواري صلاحيت سان پاڪستان نئين بلندين تي پهچڻ لاءِ تيار آهي. هن اها ڳالهه عالمي اقتصادي فورم جي سالياني اجلاس جي مناسبت سان فورم جي ويب سائيٽ تي شايع ٿيل مضمون ۾ چئي، جنهن ۾ هُن پاڪستان جي معاشي سڌارن، معيشت جي بحالي ۽ مستقبل جي چئلينجن جو تفصيلي احاطو ڪيو آهي. ناڻي واري وزير ”پاڪستان جي معاشي بحالي: جٽادار ۽ جامع ترقي جي طرف قدم“ جي عنوان سان مضمون ۾ پاڪستان جي معاشي سڌارن ۽ پاليسين کي اجاگر ڪيو. ناڻي واري وزير عالمي سيڙپڪارن کي پاڪستان جي زراعت، آءِ ٽي، تجديد جوڳي توانائي ۽ فارما جهڙن ترجيحي شعبن ۾ سيڙپڪاريءَ جي دعوت ڏيندي چيو ته اسان مشڪل معاشي ڏُکيائين ۾ فيصلو ڪندڙ معاشي سڌارا لاڳو ڪري جٽادار ۽ شموليتي ترقيءَ جو مضبوط بنياد رکيو آهي، اسان جي ڪاوشن جا هاڪاري اثر نظر اچڻ شروع ٿي ويا آهن، ملڪي معيشت ۾ لچڪ، استقلال ۽ نئين سر کان اؤسر ۽ اڳتي وڌڻ جي صلاحيت نمايان آهي. ناڻي واري وزير پنهنجي مضمون ۾ چيو آهي ته حڪومت کي شروعات ۾ مالياتي ۽ مانيٽري پاليسيءَ جو دٻاءُ درپيش هو، پاڪستان جي ناڻي واڌ، پرڏيهي مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن ۾ گهٽتائي، معاشي ۽ صنعتي ترقي جي رفتار گهٽ ٿيڻ ۽ قدرتي آفتن جهڙا مسئلا درپيش هئا، حڪومت انهن ڏُکيائين تي ضابطو آڻڻ لاءِ ضروري سڌارا ڪيا، مستحڪم ڪرنسي، مضبوط مالياتي پاليسين ۽ هدفن تي ٻَڌل مالي قدمن ذريعي ناڻي واڌ تي ضابطو آندو ويو. پاڪستان آءِ ايم ايف جي مدد سان توانائي ۽ اوڳاڙين جي ڍانچي ۾ جامع سڌارا شروع ڪيا آهن. ناڻي واري وزير چيو ته اُڏام پاڪستان پروگرام ذريعي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ، بهتر روانگي واپار ۾ چٽاڀيٽي ۽ بهتر ماليات ذريعي 2028ع تائين جٽادار ۽ روانگي واپار تي ٻَڌل 6 سيڪڙو اؤسر واري شرح حاصل ڪئي ويندي، معيشت جي ترجيحي شعبن ۾ زراعت، توانائي، ٽيڪسٽائل، فارماسيوٽيڪل ۽ آءِ ٽي شامل آهن. اُڏام پاڪستان ذريعي صحت، تعليم، غربت جي خاتمي، سيڙپڪاري ۽ موسمياتي استقلال جي حاصلات لاءِ عالمي بئنڪ کان 20 ارب ڊالر مدد ملندي. هن چيو ته عالمي بئنڪ جي ڀائيواريءَ سان ٻارن ۾ غذائيت جي کوٽ، تعيلمي نتيجا ۽ صاف توانائي اختيار ڪرڻ جهڙن اهم چئلينجن کي مُنهن ڏنو ويندو، پاڪستان موجوده مالي سال ۾ 13 ٽريلين روپيا ٽيڪس اوڳاڙيون جمع ڪيون جيڪي گذريل سال کان 40 سيڪڙو وڌيڪ آهن، ٽيڪس سڌارن ذريعي اوڳاڙين جو دائرو زراعت، ريئل اسٽيٽ ۽ واپار جهڙن شعبن تائين وڌايو پيو وڃي، جيڪو گذريل سال کان 40 سيڪڙو وڌيڪ آهي. ناڻي واري وزير چيو ته اڄ پاڪستان جي معيشت بحاليءَ جي راهه تي گامزن آهي، ناڻي واڌ 4.1 سيڪڙو تائين ڪِري پئي آهي، پرڏيهي مٽاسٽا جي ناڻي جا ذخيرا ٻن مهينن کان وڌيڪ جي روانگي واپار لاءِ ڪافي آهن، ملڪي روانگي واپار ۾ 7.1 سيڪڙو اضافو ٿيو ۽ آءِ ٽي سيڪٽر مصنوعات جي آمدني واپار ۾ ساليانو بنيادن تي 28 سيڪڙو جي متاثر ڪندڙ واڌ ٿي. هن چيو ته پاڪستان جي عالمي ڊيفالٽ جي خطري ۾ 93 سيڪڙو گهٽتائي آئي آهي، جيڪا ملڪ جي مالياتي استحڪام تي تجديد اعتماد آهي، مقامي ۽ پرڏيهي سيڙپڪار خاص ڪري آرامڪو، بي واءِ ڊي ۽ سام سنگ جهڙيون عالمي ڪمپنيون معاشي بحاليءَ ۾ حصو وِجهي رهيون آهن، پاڪستان منافعي بخش سيڙپڪاري جي مرڪز طور عالمي سطح تي توجهه حاصل ڪري رهيو آهي، ڪرنٽ اڪائونٽ ۾ مسلسل 3 مهينن کان سرپلس ۾ آهي، سيڙپڪارن جو اعتماد ٻن سالن جي بلند ترين سطح تي آهي، مالي سال 2025ع جي پهرين ڇهه ماهي ۾ سڌيءَ ريت پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ 20 سيڪڙو جي واڌ ٿي آهي، روشن ڊجيٽل اڪائونٽ جهڙن قدمن سان 9 ارب ڊالرن کان وڌيڪ جي رقم حاصل ٿي، هن سال پرڏيهه مان اُماڻيل ناڻو 35 ارب ڊالر تائين پهچي ويندو، پاڪستان جي ايڪويٽي مارڪيٽ ڊالر جي لحاظ کان 87 سيڪڙو منافعو ڏنو آهي. ناڻي واري وزير پنهنجي مضمون ۾ لِکيو آهي ته عالمي سطح تي پاڪستان جي ترقيءَ جو اعتراف ڪيو ويو آهي، ٽنهي عالمي ڪريڊٽ ريٽنگ ايجنسين ملڪ جي خودمختيار درجابندي کي اپ گريڊ ڪيو آهي، موڊيز اسان جي پاليسي قدمن جي اثرن کي تسليم ڪندي سيپٽمبر 2024ع ۾ پاڪستان جي معاشي نقطه نظر تي هاڪاري نظرثاني ڪئي، اهم ڪاميابين باوجود چئلينجز بدستور موجود آهن، پرڏيهي امداد تي ڀاڙڻ کي گهٽ ڪرڻ لاءِ پاڪستان ٽيڪس اوڳاڙين جي وصولي، توانائي، سرڪاري ادارن ۽ نجڪاري ۾ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻو پوندو. اوڳاڙين جي ڍانچي ۽ ايس او ايز ۾ سڌارن سان گڏوگڏ روانگي واپار تي ٻَڌل معاشي اؤسر کي هٿي ڏيڻي پوندي. معاشي سفر جي چئلينجن تي ضابطو آڻڻ لاءِ لچڪ، عزم ۽ اجتماعي ڪوششن جو آئينو آهي. ذڪر جوڳي افرادي سگهه، گهڻي مقدار ۾ قدرتي وسيلن ۽ بي پناهه پيداواري صلاحيت سان، پاڪستان نين بلندين تي پهچڻ لاءِ تيار آهي. هن چيو ته پاڪستان علائقائي استحڪام ۽ عالمي اقتصادي ترقيءَ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.