اسلام آباد- 21 جنوري (اي پي پي) پاڪستان – ڪمبوڊيا گڏيل واپاري ڪميٽيءَ جي افتتاحي اجلاس ۾ ٻنهي ملڪن جي مختلف شعبن ۾ واپار، سيڙپڪاري ۽ سهڪار کي وڌائڻ لاءِ نيون راهون تلاش ڪرڻ تي صلاح مشورا ڪيا ويا. جاري پڌرائيءَ موجب اجلاس ۾ وفاقي وزير ڄام ڪمال خان پاڪستان جي وڌندڙ معيشت ۽ سيڙپڪاري لاءِ مناسب پاليسين تي روشني وڌي ۽ ڪمبوڊيا جي سيڙپڪارن کي زراعت، ٽيڪسٽائل، دواسازي ۽ سياحت ۾ موقعا تلاش ڪرڻ جي دعوت ڏني. هن ڪاروبار ڪرڻ ۾ آساني ۽ ڏکڻ ايشيا، وچ ايشيا ۽ وچ اوڀر جي مُک منڊين جي گيٽ وي جي طور سندس صلاحيت کي وڌائڻ لاءِ پاڪستان جي ڪوششن تي روشني وڌي. اجلاس جي گڏيل صدارت پاڪستان مان ايڊيشنل سيڪريٽري آف ڪامرس، سيڪريٽري آف اسٽيٽ، واپار واري وزارت ڪمبوڊيا ڪئي. اجلاس ۾ واپار، صحت، بئنڪنگ، زراعت، هوابازي ۽ ڪسٽم سميت گڏيل مفادن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس ۾ ڪمبوڊيا جي واپار واري وزير جي ٽي سي جي پهرين ميٽنگ کي اهم سنگ ميل قرار ڏنو. هن ڄام ڪمال خان طرفان ڏنل باضابطه دعوت کان پوءِ اسلام آباد ۾ جي ٽي سي جي ٻئين اجلاس لاءِ پاڪستان اچڻ ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو. هن آسيان خطي اندر ڪمبوڊيا جي مارڪيٽ تائين وسيع پهچ تي به روشني وڌي ۽ علائقائي موقعن مان فائدو کڻڻ لاءِ گڏيل منصوبن جي ڳولا جي همٿ افزائي ڪئي. ٻنهي ڌُرين مفاهمت جي يادداشتن (ايم او يو) لاءِ ڳالهين ۾ تيزي آڻڻ ۽ سهڪار وڌائڻ لاءِ فوڪل پرسنز جي مقرري تي اتفاق ڪيو. هنن واپار بابت ڄاڻ جو سهڪار ڪرڻ، واپاري وفدن کي منظم ڪرڻ ۽ ٻنهي ملڪن جي ڪاروباري برادرين وچ ۾ سڌيءَ ريت رابطن کي آسان بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ڪمبوڊيا طرفان آزاد واپاري معاهدن ۽ ترجيحي واپاري طريقن ذريعي مارڪيٽ تائين پنهنجي مضبوط پهچ جو اظهار ڪيو جنهن سان پاڪستاني سيڙپڪارن کي علائقائي ۽ عالمي منڊين مان فائدو کڻڻ جا موقعا فراهم ٿيندا. جي ٽي سي جي متفقه منٽس ۾ آءِ سي ٽي، اِي ڪامرس، زراعت ۽ صحت جي شعبي ۾ سهڪار جي منصوبن تي روشني وڌي وئي. ٻنهي ملڪن هوابازي، بئنڪنگ ۽ ڪسٽم سهڪار لاءِ مفاهمت نامن ۾ به دلچسپي ظاهر ڪئي. هن وقت ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپار جو مجموعي ڳاڻيٽو 45.5 ملين ڊالر آهي جيڪو وڌائڻ لاءِ ٻنهي ڌُرين اهم غير استعمال ٿيل صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ ۽ مضبوط ناتن جي تعمير جي عزم جو اظهار ڪيو. اجلاس جي پڄاڻي هاڪاري انداز ۾ ٿي جنهن ۾ گهري اقتصادي ۽ ثقافتي ڀائيواري جو بنياد رکيو ويو. جي ٽي سي جو ايندڙ اجلاس پاڪستان ۾ ٿيندو جنهن جي تاريخ جو فيصلو گڏيل صلاح مشوري سان ڪيو ويندو.