اسلام آباد- 21 جنوري (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم ٿڌي ۽ خشڪ رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته ڪشمير، مٿانهين خيبر پختونخواهه، گلگت بلتستان ۽ اتر اولهندي بلوچستان ۾ برسات ۽ جبلن تي برفباري جڏهن ته صبح ۽ رات جي وقت ۾ پنجاب جي اڪثر علائقن ۽ مٿانهين سنڌ ۾ هلڪو ڪوهيڙو ڇانئيل رهڻ جو امڪان آهي. موسميات کاتي موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم ٿڌي ۽ جهڙالي رهي جڏهن ته بلوچستان، مٿانهين خيبر پختونخوا، گلگت بلتستان، مٿانهين پنجاب ۽ ڪشمير ۾ ڪجهه هنڌن تي برسات ۽ برفباري ٿي. ان دوران ڪالام ۾ 09، مالم جبه ۾ 07 ۽ استور ۾ 02 انچ برفباري رڪارڊ ڪئي وئي. اڱاري ڏينهن رڪارڊ ڪيل گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد ليه ۾ ڪاٽو 09، گوپس، اسڪردو ۾ ڪاٽو 05، استور، هنزه ۾ ڪاٽو 02، ڪالام ۾ ڪاٽو 01 ۽ گلگت ۾ ڪاٽو 00 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.