اسلام آباد-15 جنوري (اي پي پي)ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته حڪومت مالي شموليت کي جٽادار اقتصادي ترقيءَ جو بنيادي ٿنڀ سمجهي ٿي، مالي شموليت کي تيزيءَ سان هٿي ڏيڻ لاءِ پُرعزم آهي. اها ڳالهه هن پاڪستان مائيڪرو فنانس انويسٽمينٽ ڪمپني (پي ايم آءِ سي) جي قيادت سان اهم ملاقات ۾ چئي. پي ايم آءِ سي جي وفد جي قيادت چيئرمين نويد اي خان ڪئي. وفد ۾ سي اي او پي ايم آءِ سي ياسر اشفاق، سي اي او ڪار انداز پاڪستان وقاص الحسن ۽ هيڊ آف پورٽ فوليو اينڊ سيڪٽر ڊولپمينٽ ثاقب صديقي به شامل هئا. پي ايم آءِ سي 2016ع ۾ نيشنل فنانشل انڪلوزن اسٽريٽجي (اين ايف آءِ ايس) تحت قائم ڪئي وئي هئي، اها ڪمپني هڪ مُک مائڪرو فنانس اداري طور پاڪستان ۾ مالي شموليت کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. ملاقات دوران پي ايم آءِ سي جي ٽيم ننڍن قرضن (مائڪرو فنانس) جي منظرنامي جو تفصيلي جائزو پيش ڪيو، جنهن ۾ مُک چئلينجز ۽ موقعن کي اجاگر ڪيو ويو. ٻُڌايو ويو ته مالي شموليت جي لحاظ سان پاڪستان خطي جي ٻين ملڪن جهڙوڪ ڀارت ۽ فلپائن کان تمام پوئتي آهي. ملڪ ۾ مائڪرو ڪريڊٽ جي مارڪيٽ جو امڪاني ڳاڻيٽو 41 ملين ماڻهو آهن، جڏهن ته صرف 7.4 ملين ماڻهن کي هن وقت خدمتون فراهم ڪيون پيون وڃن. ملاقات ۾ مائڪرو فنانس ادارن (ايم ايف آئيز) ۽ مائڪرو فنانس بئنڪن (ايم ايف بيز) وچ ۾ تجزيو به پيش ڪيو ويو. ٽيم ٻُڌايو ته ايم ايف بيز بنيادي طور تي سون جي بدلي ننڍا قرض فراهم ڪن ٿيون جڏهن ته ايم ايف آئيز ٻهراڙي ڪميونٽي ۽ خاص ڪري عورتن لاءِ خدمتون فراهم ڪري ٿي. ملاقات ۾ مالي شموليت جي حوالي سان ڪيترن ئي اهم چئلينجز تي روشني وڌي وئي جنهن ۾ ٻٽي ريگيوليٽري فريم ورڪ سان ايم ايف آئيز ۽ ايم ايف بيز جي مختلف ضابطن سان نظام جي پيچيدگين، فنڊنگ تائين محدود پهچ، پهچ وڌائڻ لاءِ وڏي مقدار ۾ ليڪويڊيٽي جي ضرورت، اداره جاتي صلاحيت جي کوٽ ۽ اين ايف آءِ ايس هدف جي فعال نگراني جهڙا چئلينجز شامل آهن. ناڻي واري وزير پيش ڪيل خيالن کي ساراهيو ۽ انهن چئلينجز پسنداڻي عملي حل جي اهميت تي زور ڀريو. هن پي ايم آءِ سي کي فنڊنگ لاءِ جديد طريقيڪار جهڙوڪ ايڪويٽي انڊومينٽ فنڊز ۽ هدفن تي ٻَڌل مخصوص سرڪاري تخصيصات پيش ڪرڻ جي حوصله فزائي ڪئي، جڏهن ته شعبي جي صلاحيت ۽ پهچ ۾ واڌ ڪري سگهجي. ناڻي واري وزير چيو ته حڪومت مالي شموليت کي جٽادار اقتصادي ترقيءَ جو بنيادي ٿنڀ سمجهي ٿي، مالي شموليت کي تيزيءَ سان هٿي ڏيڻ لاءِ پُرعزم آهي. ملاقات ۾ ٻهراڙي ۽ نظرانداز ٿيل آبادين لاءِ مالي خدمتن تائين پهچ کي وڌائڻ لاءِ اين ايف آءِ ايس جي هدفن موجب ڪم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو. اي پي پي/س – و/ح – ق 21:07