راولپنڊي-15 جنوري (اي پي پي)پاڪ فوج جي ترجمان چيو آهي ته ڀارتي آرمي چيف طرفان پاڪستان کي دهشتگرديءَ جو مرڪز قرار ڏيڻ ۽ رياستي سرپرستيءَ ۾ جارحيت جي مقامي ردِعمل جو الزام لڳائڻ حقيقتن جي ابتڙ ۽ ڀارت پاران پهريان کان طئي ٿيل مؤقف جي مُئل گهوڙي ۾ ساهه وِجهڻ جي ناڪام ڪوشش آهي. آءِ ايس پي آر طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته سندن اهو بيان ڀارت جي غير قانوني طور تي قبضي هيٺ والاريل ڄمون ڪشمير ۾ ڀارت جي بربريت، اندروني طور تي اقليتن تي ظلم ۽ ڀارت جي عالمي ڏاڍ تان دنيا جو ڌيان هٽائڻ جي ڪوشش آهي. جنرل آفيسر غير قانوني طور والاريل ڄمون ڪشمير تي پنهنجي پهرين دؤر ۾ ڪشميرين تي انتهائي وحشياڻي ڏاڍ جي ذاتي طور تي نگراني ڪئي، اهڙيءَ طرح سياسي طور تي محرڪ ۽ غلط بيان ڀارتي فوج جي انتهاپسند سياسي مڪاريءَ جي عڪاسي ڪن ٿا. سڄي دنيا ڀارت ۾ نفرت وارين تقريرن جي اجتماعن جي شاهد آهي، جتي مسلمانن خلاف نسل ڪشي لاءِ اُڪسايو ويندو آهي. عالمي برادري ڀارت جي عالمي سطح تي قتل ۽ دهشتگردي ۽ ڀارتي سيڪيورٽي فورسز طرفان بيگناهه شهرين خلاف طاقت جي جابراڻي استعمال ۽ هٿين خالي ڪشميرين خلاف انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين کان غافل ناهي، اهڙيءَ طرح جي ڏاڍ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن ۾ داخل ڪشميرين جي خوداراديت واري حق جي عزم کي مضبوط ڪيو آهي. پاڪستان ۾ دهشتگرديءَ جي هڪ غير موجود ڍانچي کي تيار ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ بدران پاڻ فريبي ۾ مبتلا نه ٿيڻ ۽ زميني حقيقت جي تعريف ڪرڻ دانشمندي هوندي. افسوسناڪ حقيقت اها آهي ته هڪ سينيئر حاضر سروس ڀارتي فوجي آفيسر پاڪستان جي حراست ۾ آهي جيڪو پاڪستان اندر معصوم شهرين خلاف دهشتگرديءَ جي ڪاررواين جو منصوبو بڻائيندي پڪڙيو ويو، ائين لڳو ته ڀارتي فوج جي سربراهه ان کي آسانيءَ سان نظرانداز ڪري ڇڏيو آهي. پاڪستان اهڙن بي بنياد ۽ غير منتقي بيانن کي سختيءَ سان رد ڪري ٿو. بيان ۾ ڀارتي فوج جي بربريت جي متاثرن سان همدرديءَ جو اظهار ڪندي اميد ڪئي وئي آهي ته سياسي ضرورتن بجاءِ شهريت، پيشيوراڻي مهارت ۽ رياست کان رياست جي رويي جي اصولن سان ڀارتي فوج جي قيادت جي طرزِ عمل جي رهنمائي ٿيندي.