هوبارٽ-18 نومبر (اي پي پي) مارڪس اسٽوئنس جي ناقابل شڪست اڌ سينچري عيوض آسٽريليا، پاڪستان کي ٽين ۽ آخري ٽي-20 ميچ ۾ آسانيءَ سان 7 وڪيٽن تائين ٽن ميچن جي سيريز ڪلين سوئپ ڪري ورتي. ڪينگروز بالرن جي عمده بالنگ عيوض پاڪستان جي پوري ٽيم پهرين کيڏندي 18.1 اوورز ۾ 117 رنسن تي ڍير ٿي وئي. آسٽريليا طرفان بهترين بالنگ جو مظاهرو ڪندي ايرون هارڊي 3 وڪيٽون حاصل ڪيون. ايڊم زمپا ۽ اسپينسر جانسن 2-2 رانديگرن کي پولين جي راهه ڏيکاري، جڏهن ته زيوير بارٽليٽ ۽ نيٿن ايلس هڪ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي. پاڪستان طرفان ملندڙ 118 رنسن جو هدف مارڪس اسٽوئنس جي ناقابل شڪست اڌ سينچريءَ عيوض آسٽريلوي ٽيم 11هين اوور جي ٻئي بال تي 3 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو. مارڪس اسٽوئنس ناقابل شڪست 61 رنسن سان نمايان بيٽسمين رهيو، کيس شاندار بيٽ بازيءَ تي ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو. آسٽريليا جي ئي اسپينسر جانسن جي بهترين بالنگ تي ميچ آف دي سيريز قرار ڏنو ويو. ڪالهه ٻنهي ٽيمن وچ ۾ 3 ميچن جي سيريز جو ٽيون ۽ آخري ٽي-20 ميچ شروع ٿيو ته پاڪستاني ٽيم جي محمد رضوان جي جاءِ تي ڪپتاني جون ذميداريون نڀائيندڙ سلمان علي آغا ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو ڪيو. پاڪستان طرفان صاحبزاده فرهان ۽ بابر اعظم اننگز جي شروعات ڪئي، جڏهن ته آسٽريليا طرفان زيوير بارٽيلٽ بالنگ اٽيڪ ڪيو پر صاحبزاده فرهان هڪ ڀيرو وڏي ناڪام ثابت ٿيو ۽ صرف 9 رنسن تي آئوٽ ٿي ويو، ان کي اسپينسر جانسن، زيوير بارٽليٽ جي هٿان ڪيچ آئوٽ ڪيو. حبيب الله پاڪستان جي ٻيو آئوٽ ٿيل رانديگر هو جيڪو 24 رنسون ٺاهي ايڊم زمپا جي بال تي ميٿيو شارٽ هٿان ڪيچ آئوٽ ٿيو. عثمان خان ٽيون آئوٽ ٿيل رانديگر هو جيڪو صرف 3 رنسون ٺاهي سگهيو ان کي ايرون هارڊي، نيٿن ايلس هٿان ڪيچ آئوٽ ڪيو. پاڪستان ٽيم جي ڪپتان سلمان علي آغا به ڪا سٺي ڪارڪردگي جو مظاهرو نه ڪري سگهيو ۽ 9 بالن کي مُنهن ڏيندي بعد ۾ صرف هڪ رنس ٺاهي ايرون هارڊي جي بال تي ايل بي ڊبليو آئوٽ ٿيو. ان موقعي تي اڳوڻي ڪپتان بابر اعظم 41 رنسون ٺاهي ايڊم زمپا جي بال تي ڪلين بولڊ ٿيو. عرفان خان 10 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو، ان کان پوءِ عباس آفريدي به هڪ رن تي پويلين موٽي ويو، ان کي ايرون هارڊي، ميٿيو شارٽ هٿان ڪيچ آئوٽ ڪيو. شاهين شاهه آفريدي اٺون آئوٽ ٿيل رانديگر هو جيڪو 16 رنسن ٺاهڻ کان پوءِ زيوري بارٽليٽ جي بال تي جوش انلس هٿان ڪيچ آئوٽ ٿيو. ٽي-20 ڊيبنيو ڪندڙ جهانداد خان ڇڪو لڳائڻ جي ڪوشش ۾ بانڊر تي ڪيچ آئوٽ ٿي ويو، ان کي 5 جي انفرادي اسڪور تي نيٿن ايلس ، مارڪس اسٽوئنس هٿان ڪيچ آئوٽ ڪيو. پاڪستان جو آخري آئوٽ ٿيل رانديگر صفيان مقيم هو جيڪو هڪ رنس ٺاهي سگهيو ۽ اسپينسر جانسن جي بال تي ڪلين بولڊ ٿيو. حارث رئوف بنا رنس جي آئوٽ ٿيو. ائين پاڪستان جي پهرين ٽيم کيڏندي 18.1 اوورز ۾ 117 رنسون بڻائي آئوٽ ٿي وئي ۽ ان آسٽريليا ٽيم کي ميچ ۾ ڪاميابيءَ لاءِ 118 رنسن جو هدف ڏنو. آسٽريليا طرفان بهترين بالنگ جو مظاهرو ڪندي ايرون هارڊي 3 وڪيٽون حاصل ڪيون. ايڊم زمپا ۽ اسپينسر جانسن 2-2 رانديگرن کي پويلين جو رستو ڏيکاريو، جڏهن ته زيوير باٽليٽ ۽ نيٿن ايلس هڪ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي. 118 رنسن جي هدف پٺيان آسٽريليا طرفان ميٿيو شارٽ ۽ جيڪ فريز رميڪ گرڪ اننگز جي شروعات ڪئي پر ميٿيو شارٽ 2 رنسون ٺاهي پويلين موٽي ويو، ان کي شاهين شاهه آفريدي، عرفان خان هٿان ڪيچ آئوٽ ڪيو. آسٽريليا جي ٻي وڪيٽ 30 جي مجموعي اسڪور تي ڪِري پئي، جڏهن ته جيڪب فريز رميڪ گرڪ 18 رنسون ٺاهي جهانداد خان جي بال تي عثمان خان هٿان ڪيچ آئوٽ ٿيو. ان کان پوءِ جوش انگس ۽ مارڪس اسٽوئنس ٽين وڪيٽ تي 55 قيمتي رنسون ٺاهيون جڏهن ته جوش انگلس 27 رنسون ٺاهي عباس آفريدي جي بال تي حارث رئوف هٿان ڪيچ آئوٽ ٿيو. مارڪس اسٽوئسن ناقابل شڪست 61 ۽ ٽم ڊيوڊ 7 رنسن سان ناٽ آئوٽ رهيا. ائين آسٽريلوي ٽيم ٽئين ۽ آخري ٽي-20 ميچ ۾ پاڪستان کي نه صرف 7 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي پر ٽن ميچن جي سيريز ۾ پنهنجو مشن ڪلين سوئپ به مڪمل ڪري ورتو. پاڪستان طرفان شاهين شاهه آفريدي، جهانداد خان ۽ عباس آفريدي هڪ هڪ رانديگر کي آئوٽ ڪيو. مارڪس اسٽوئنس کي ميچ ۾ ناقابل شڪست 61 رنسن جي عمده راند کيڏڻ تي ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو، جڏهن ته آسٽريليا جي ئي اسپينسر جانسن کي عمده بالنگ تي ميچ آف دي سيريز قرار ڏنو ويو.