اسلام آباد– 20 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف نئين جوڙيل نيشنل ايمرجنسي آپريشن سينٽر (اين اي او سي) کي ساراهيندي اميد ظاهر ڪئي آهي ته نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) موسمياتي تبديلي جي اثرن جي خلاف پاڪستان جي لاءِ حفاظتي ديوار ثابت ٿيندي، موسمياتي تبديلين جي ڪري پاڪستان ريڊ زون ۽ 10 شديد متاثر ملڪن جي فهرست ۾ شامل آهي، اسان کي حوصلو ناهي هارائڻو پر سخت محنت ڪرڻي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن وفاقي وزيرن ۽ وفاقي سيڪريٽرين سان گڏ اين اي او سي جي دوري دوران ڪيو. گذريل سال آڪٽوبر ۾ نئين جوڙيل اين اي او سي جي افتتاح کانپوءِ اهو وزيراعظم جو پهريون دورو هو. هن اين ڊي ايم اي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ کي ساراهيندي چيو ته هن اڳ جي تجويز ڪيل منصوبي آفيس ٽاور جي تعمير بدران اٿارٽي جي صلاحيت ۾ اضافي ۽ انساني وسيلن جي ترقي تي ڌيان ڏيڻ جو خواب پورو ڪيو. 2022ع جي ٻوڏ کانپوءِ پنهنجي اڳوڻي ميٽنگز جو حوالو ڏيندي وزيراعظم چيو ته هن اين ڊي ايم اي جي سربراهه کي تجويز ڏني هئي ته هو اداري کي جديد ترين ٽيڪنالاجي، صوبن کان تجويزون ۽ مستقل انساني وسيلن سان ليس ڪري ان جي صلاحيت وڌائڻ کي ترجيح ڏي. هن چيو ته اڄ جهڙي طرح ان خواب کي پورو ڪيو ويو آهي اهو ساراهه جو مستحق آهي. مون کي نه ٿو لڳي ته ڪنهن صوبي عالمي معيار جي نظام سان گڏ اهڙي صلاحيت حاصل ڪئي آهي. مون کي خوشي آهي ته توهان بلند عمارت بدران ان ڊيجيٽل حب ۾ سيڙپڪاري ڪئي. وزيراعظم چيو ته 2022ع جي ٻوڏ ملڪ کي 30 ارب ڊالر جو نقصان پهچايو آهي جنهن تي ضابطو آڻڻ ۾ ڪيترائي سال لڳي ويندا ڇو ته رڳو وفاقي حڪومت متاثر آبادي جي بحالي جي لاءِ 100 ارب رپيا خرچ ڪيا آهن. هن چيو ته ان وقت جي موسمياتي تبديلي واري وفاقي وزير شيري رحمان، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ ٻين وفاقي ۽ صوبائي ادارن جي ڪوششن جي نتيجي ۾ ملڪ لکين ماڻهن جي بحالي ۾ ڪامياب ٿيو. وزيراعظم شهباز شريف ميرٽ جي بنياد تي معياري انساني وسيلن جي شموليت ۽ اين ڊي ايم اي ۾ ٿرڊ پارٽي ويليڊيشن مڪينزم قائم ڪرڻ کي ساراهيندي عملي جي تربيت ۽ ساز ۽ سامان جي خريداري جي لاءِ حڪومت جي حمايت ۽ فنڊنگ جي خاطري ڪرائي. هن چيو ته اهو ڪو معمولي ڪم نه آهي پر ان کان مٿانهون ڪم آهي. هن وفاقي وزيرن ۽ سيڪريٽرين کي چيو ته اهي پاڪستان کي هڪ عظيم قوم بڻائڻ جي لاءِ رول ماڊل جو ڪردار ادا ڪن. هن اين ڊي ايم اي کي هدايت ڪئي ته هو گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير سميت صوبن سان ويجهي تعاون کي يقيني بڻائي ۽ ڊوپليڪيشن کان بچڻ جي لاءِ ڪوآرڊينيشن جي ذريعي اوزارن جي خريداري جو مشورو ڏيندي وزيراعظم چيو ته اهو ڪو خرچ نه آهي پر اها اسان جي مستقبل جي هڪ سيڙپڪاري آهي. هن چيو ته وفاقي حڪومت انفارميشن ٽيڪنالاجي جي فروغ جي لاءِ 80 ارب رپيا رکيا آهن جڏهن ته هواوي سان ساليانو ٽي لک پاڪستاني نوجوانن کي آءِ ٽي جي تربيت ڏيڻ جي معاهدي تي صحيحون ڪيون آهن. وزيراعظم پاڪستان ۽ خطي ۾ پنهنجي نوعيت جي پهرين مرڪز کي عملي جامعو پارائڻ تي جديد ٽيڪنالاجي ۽ اين ڊي ايم اي ٽيم سان گڏ اين اي او سي قائم ڪرڻ کي ساراهيو جيڪو قدرتي آفتن جي تياري ۽ خاتمي جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو واضح ثبوت آهي. ان موقعي تي اين ڊي ايم اي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ وزيراعظم کي نيشنل ڪامن آپريٽنگ پڪچر (اين سي او پي) ٺاهڻ، ڊيجيٽل رسڪ اسسمنٽ کي مضبوط بڻائڻ، وقت کان اڳ وارننگ سسٽم ۽ پاڪستان جي لاءِ تياري جي حڪمت عملي بابت آگاهه ڪيو. بريفنگ ۾ نه رڳو قومي پر علائقائي سطح تي 6 کان 10 مهينا اڳ موسم جي اڳڪٿي ڪرڻ جي اين اي او سي جي صلاحيت تي پڻ روشني وڌي وئي. چيئرمين اين ڊي ايم اي جي طريقيڪار تي تفصيلي روشني وجهندي ٻڌايو ته ڪهڙي طرح اين اي او سي پي ڊي ايم اين، ڊي ڊي ايم اي، لاڳاپيل وزارتن/ ادارن ۽ ٻين لاڳاپيل ڌرين بشمول مقامي عالمي انساني حصيدارن جي وچ ۾ هنگامي ردعمل ۽ ڪوآرڊينيشن جي مرڪز جي طور تي ڪم ڪيو آهي جيڪو آفتن جي سمورن مرحلن دوران خاص طور تي آفتن کان اڳ جي مرحلي ۾ فوري ۽ موثر ردعمل کي يقيني بڻائي ٿو. بريفنگ دوران اين ڊي ايم اي جي نئين تيار ڪيل موبائيل ايپلي ڪيشن پڻ پيش ڪئي وئي جنهن جو مقصد ماڻهن ۽ ڪميونٽيز کي اهم معلومات سان بااختيار بڻائڻ آهي ته جيئن امڪاني آفتن کي منهن ڏيڻ ۽ موثر طريقي سان تياري ڪري سگهجي. ان موقعي تي وزيراعظم سان گڏ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، اطلاعات وارو وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، صنعت وارو وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، پيٽروليم وارو وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ، وزيراعظم جو صلاحڪار راڻا ثناءُ الله، وزيراعظم جا ڪوآرڊينيٽر رومينه خورشيد عالم ۽ ڊاڪٽر مختيار احمد موجود هئا جڏهن ته صوبن جا چيف سيڪريٽريز، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڄمون ڪشمير جا چيف سيڪريٽريز وڊيو لنڪ ذريعي شريڪ ٿيا.