اسلام آباد– 20 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف عيدالاضحيٰ جي موقعي تي صفائي جي موثر انتطامن تي اسلام آباد جي ضلعي انتظاميا جي ڪارڪردگي کي ساراهيو آهي. سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته هو سي ڊي اي چيئرمين/ چيف ڪمشنر اسلام آباد محمد علي رنڌاوا ۽ اسلام آباد ڪيپيٽل ٽيريٽري انتظاميا کي عيدالاضحيٰ جي موقعي تي ساراهه جوڳي صفائي مهم موثر طريقي سان هلائڻ تي دل جي گهراين سان ساراهي ٿو.