گوادر – 20 – جون (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري هڪ ڏينهن جي دوري تي گوادر پهچندو ۽ بلوچستان ۾ امن امان ۽ سيڪيورٽي جي صورتحال تي اجلاس جي صدارت ڪندو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب گوادر ۾ منعقد اجلاس ۾ صدر کي بلوچستان جي مجموعي سيڪيورٽي صورتحال تي بريفنگ ڏني ويندي. وفاقي گهرو وزير محسن رضا نقوي، بلوچستان جو وڏو وزير مير سرفراز بگٽي اجلاس ۾ شرڪت ڪندا.